امير عدنان
سينيئر رڪن
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پوري سنسني خيزين سان جاري ساري. ورلڊ ڪپ جي شروعات تمام بري انداز ۾ ڪندڙ ٽيم پاڪستان، اڳوڻن کلاڙين ۽ پاڪستان قوم جي غم ۽ غصي جي اظهار بعد ٽورنامينٽ ۾ زور لڳائي واپسي ڪئي، جيتوڻيڪ جن مئچن ۾ فتح حاصل ڪئي آهي انهن ۾ پرفارمنس زوردار ته نه رهي پر پو به فتح هر شي تي پردو وجهي ڇڏيندي آهي. سڀ کان سٺي ڳالهه فتح جو تسلسل آ ۽ گڏوگڏ سڀ کان وڌيڪ تسلي بخش ڳالهه ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيڻ آ. ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا هن وقت ڪرڪيٽ ٽيمن مان سڀ کان وڌيڪ منظم ٽيمون آهن جن کي شڪست ڏيڻ آسان نه آهي. پاڪستان سٺي اسڪور نه ڪرڻ باوجود ڏکڻ آفريڪان کي منظم انداز ۾ هارايو جيڪو پاڪستان جي ڪپ کٽڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ لا مددگار ثابت ٿيندو. ٽيم پاڪستان کي پنهنجي ان فتح جي تسلسل کي ايندڙ چار مئچن ۾ برقرار رکڻو پوندو. ورلڊ ڪپ ٽيم پاڪستان کان صرف چار مئچن جي دوري تي آهي. 92 جي ورلڊ ڪپ وانگر ٽيم پاڪستان اگر مگر واري صورتحال مان گذري پنهنجو سفر اڳتي وڌائي رهي آهي. ساڳا گرائوندز ۽ ساڳي صورتحال سان سفر جاري ساري آ. اميد آ ته ٽيم پاڪستان پنهنجي ان پرفارمنس جي تسلسل کي جاري رکي قوم کي ورلڊ ڪپ جو تحفو ڏيندي. جيڪو ٽيم جي ڪپتان ۽ سينئر کلاڙين لا به يادگار هوندوشاندار نموني ڪيريئر جي پڄاڻي جي حوالي سان.