مسرور پيرزادي جو ڪتاب “منفرد” شاعريءَ جي سونهن

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    مسرور پيرزادي جو ڪتاب منفرد شاعريءَ جي سونهن

    تحرير : محمد سليمان وساڻ

    پئسو گهٽ ڪمايو ۽ مون شعر گهڻا لکيا،
    ڳالهه انهيءَ تي آهه ندامت، ايئن به ناهي.


    پياري دوست، ملنسار شخصيت ۽ بهترين شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو ڪتاب ”منفرد“ منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪاري رنگ جي ٽائٽل ڪور ۾ مسرور جي هٿ ۾ ڪتاب آهي جيڪو هڪ منفرد اسٽائل آهي. مسرور جنهن سان ملاقات جو سفر سوشل ميڊيا ذريعي ٿيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۽ ميڙن ۾ اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون. مسرور جي هڪ منفرد خاصيت آهي سندس مسڪراهٽ. سدائين سمارٽ نظر ايندڙ مسرور جڏهن به مليو آهي ته هو مسرور نظر آيو آهي ۽ سندس چهري تي مسڪراهٽ نظر آئي آهي. ڪراچي جي مشاعرن ۾ يا وري ٽي وي شوز ۾ سندس شاعري پڙهڻ جو انداز به وڻندڙ هوندو آهي. مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جي رديف، قافيي يا وزن ۽ بحر بابت ته شاعر دوست ئي بهتر راءِ ڏيندا پر سندس ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. مسرور جا غزل ۽ نظم به لاجواب آهن. سندس شاعري پڙهندي حسن درس جي ڪجهه سٽن جو جواب يا وري انهن سان ڀيٽ ڏاڍي وڻي. حسن درس سنڌ کي پرينءَ جي پاڇي سان ڀيٽ ڪري سهڻيون سٽون سرجيون آهن:


    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
    جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
    ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
    ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
    هڪڙو خواب سهانو جيڪو
    روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو


    مسرور پيرزادي انهن سٽن جي جواب ۾ سنڌ سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏيندي سنڌ کي ئي پنهنجو پرين لکيو آهي:

    ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
    سنڌ پرينءَ جو جو پاڇو ناهي !
    سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ !
    ٿر، اتر ۽ لاڙ وچولو،
    روپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي.


    شاعر هجي ۽ اهو عاشق مزاج نه هجي، شاعر ۽ مجازي عشق جو بيان نه ڪري، شاعر ۽ محبوبه جون ڳالهيون نه ڪري .... اهو شاعرن جي نظر ۾ شاعر ئي ناهي. مسرور به محبوبه جو بيان هڪ نظم ۾ ڪيڏي نه دلربا انداز سان ڪيو آهي:

    دوستي هن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
    دل لڳي هن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
    جنهن جو چهرو چنڊ جهڙو ڪين آهي،
    چَپ جنهن جا پنکڙيون ناهن گُلن جون،
    وار جنهن جا ڪي گهٽائون ڪين آهن،
    جسم جنهن جو سنگ مرمر جيئن تراشيل ڪين آهي،
    هوءَ بظاهر عام آهي ڇوڪري،
    ها مگر آ خاص مون لئه ڇوڪري.


    پيار ۽ عشق جي ذڪر سان ٽمٽار سندس خوبصورت غزل هن مجموعي ۾ موجود آهن. سندس ڪجهه غزل مونکي گهڻو پسند آهن، اهڙن غزلن جي فرمائش مسرور کان اڪثر ڪري مشاعرن ۾ ڪئي ويندي آهي.


    هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو،
    ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار ڪو به اهڙو تهڙو.


    يا وري

    هتان جي ڳالهه هرڪائي، اسان کي عشق سمجهائي،
    خدا جي ڀي اڪيلائي، اسان کي عشق سمجهائي.


    سندس غزلن ۾ شاعريءَ جون سڀ حُسناڪيون موجود آهن، هن ڪتاب ۾ موجود سندس سڀ غزل دل کي ڇهندڙ ۽ وري وري پڙهڻ جهڙا آهن. مِينهَن جي مند، مِينهَن جون ڦڙيون، لُڙڪ، مرڪ، ڏک، درد، اندر جا اڌما، سڀ سندس هڪ ئي غزل ۾ موجود آهن:

    مِينهَن ۾ هوءَ مِٺي، پئي کِلي ۽ پُسي،
    آءُ ڏِسندو رهيس، مِينهُن وسندو رهيو.


    مِينهَن ۾ لُڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لِڪي،
    آنءُ روئندو رهيس، مِينهُن وسندو رهيو.


    سهائي ابڙو سنڌ جي اها سُهائي آهي جنهن ڪلا ۽ ڪٿڪ ڊانس ذريعي محبت ۽ امن جو پيغام پهچايو آهي، سُهائي ابڙو جيڪا فن جو مظاهرو ڪندي موهن جي دڙي جي مورتي سمبارا جو تسلسل لڳندي آهي، ان سُهائيءَ تي امر پيرزادي هڪ غزل لکيو آهي جنهن جو عنوان آهي خدائي رقص ۾ آهي ۽ ساڳي وقت مسرور پيرزادي به سُهائي ابڙو تي نظم لکيو آهي جنهن جو عنوان آهي سُهائي رقص ۾ آهي.

    نچي ٿو چنڊ چوڏهينءَ جو
    ستارا ڇير پائن ٿا
    وڄائي واءُ ٿو وينا
    ۽ گُلڙا گُنگنائن ٿا
    لطيفي لات تي هن جي
    بدن جي شاعري ٻُڌندي
    خدائي رقص ۾ آهي
    سُهائي رقص ۾ آهي.


    مسرور پنهنجي نظمن ۽ غزلن ذريعي سنڌ، سونهن، سچ، سنڌ جي واهڻن، وستين، سنڌ جي ڳوٺن، سنڌ جي حالتن، امن ۽ محبت جي پيغام، سنڌ جي روزمره جي حالتن تي سهڻي انداز سان لکيو آهي. مسرور اسان جي ٽهي جي انهن شاعرن مان آهي جن وٽ ڏات به آهي ته موضوعن جي چونڊ به بهترين اٿن. هو سولي ۽ سليس ٻوليءَ ۾ پنهنجي ۽ ٻين جي من جي ڳالهه، اندر جا احساس شاعريءَ جي صورت ۾ پيش ٿو ڪري. مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مان جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته مسرور پيرزادي جو ڳوٺ تي لکيل نظم ۽ ڳوٺن جا منظر سامهون هوندا آهن:

    ڇڏي اڄ شور شهرن جو
    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي
    صبح جو ماڪ جِت اٿندي
    پنن جي بستري تان آ
    اُنهيءَ پل مِينهن ڏُڀندي آ
    چَڙين جو ساز هو سهڻو
    سُريلي ڳالهه چوندو آ
    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي


    مسرور جو هي ڪتاب “منفرد” ڪنهن سرڪاري پبليڪيشن ناهي ڇاپيو، ڇو ته اسان وٽ سرڪاري ادبي ادارا گهٽ آهن يا وري اهي وڏن ۽ نالي چڙهين شاعرن يا ليکڪن جا ڪتاب ڇاپين. نوجوان يا عام شاعر ۽ ليکڪ نه صرف تخليق پيش ڪن ٿا پر پنهنجي هڙان وڙان رقم ڏئي خانگي ادارن کان ڪتاب به ڇپائين ٿا ته انهن جي مارڪيٽنگ به ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو مسرور به هي ڪتاب پاڻ ڇپايو آهي، امبر پبليڪيشن جي پليٽ فارم تان جيڪا سندس ئي پبليڪيشن چئبي. 191 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي جنهن ۾ سندس نظم، غزل، وايون ۽ گيت شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. اميد ته مسرور پيرزادي جي چونڊ شاعريءَ جو هي ڪتاب ”منفرد“ سڀني کي پسند ايندو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساڳيو مضمون سوڀ جي سنڊي ميگزين ۾ پڻ ڇپيو آهي

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو