• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار جي دستوري گڏجاڻي

khadim ghirano

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي خادم گھراڻو

تازو ڇهين مارچ ٻه هزار پندرهن جمعي جي ڏينهن سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار عنايت لغاري جي ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار جي دستوري گڏجاڻي رکي ويئي جنهن ۾ نصرپور چمبڙ حيدرآباد ٽنڊو الهيار ۽ ٻين علائقن جي ادب دوست ساٿين شرڪت ڪئي هن گڏجاڻي جي ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري فقير محمد ڍول هلائي گڏجاڻي جي صدارت مشهور شاعر گل ٽکڙائي ڪئي .هن گڏجاڻي ۾ مشهور اديب محمود مغل خاص طور شرڪت ڪئي گڏجاڻي جي شروعات قرآن شريف جي تلاوت ۽ شاهه لطيف جي بيت سان ٿي .جنهن بعد فرهاد جروار پنهنجو غزل ترنم ۾ پڙهيو . جنهن بعد عنايت لغاري سنڌ جي تاريخي ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار آيل مهمانن کي ڀليڪار چئي ۽ شڪريو ادا ڪيو ان بعد سنگت جي سيڪريٽري فقير محمد ڍول چيو ته اسان هڪ روايت وڌي آهي ته هر ڪنهن دوست وٽ گڏجاڻي ڪريون جنهن جي شروعات هتان اسان ڪري رهيا آهيون هن گڏجاڻي محمد علي ميرجت (غزل ) ڪريم بخش ساحل جتوئي (نظم ) بدرالدين قاضي نظم شفيع جروار (غزل ) فرهاد جروار (غزل ) خادم ڪلوئي (غزل ) ريحان ابڙو (مضمون) نصير نهڙيو (غزل ) خادم سبحان ڏاڏاهي (غزل ) محمود مغل (ترجمو) پيش ڪيو جو اهڙي ته سٽاءُ سان هو جو گھڻن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا محب علي ڍول گھراڻو (گيت) عبدالرحيم عبد ڪنڀر (غزل ) فصير محمد ڍول( ڪهاڻي) پيش ڪئي جنهن بعد آيل مهمانن کي ماني کارائي ويئي
 
Back
Top