عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو پس منظر

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    خدابخش جويو

    ويهين صدي جي شروعات ۾ نارٿ آمريڪا ۽ يورپ ۾ مزدور تحريڪ جي سرگرمين کان پوءِ ”عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو بنياد پيو.

    آمريڪا ۾ عورتن جو پهريون قومي ڏينهن 28 فيبروري 1909ع تي ملهايو ويو.اهو ڏينهن نيو يارڪ جي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي اعزاز ۾ هو. جن 1908ع ۾ پورهيي واري هنڌ جي انتهائي خراب ۽ ناموافق حالتن تي احتجاج ڪيو هو.

    دي سوشلسٽ انٽر نيشنل 11- 1910 ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ملڪن جي هڪ سئو کان وڌيڪ عورتن يڪراءِ ٿي ”عورتن جي عالمي تحريڪ“ جي حمايت ڪئي. نتيجي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 مارچ تي آسٽريا، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سوئزرلينڊ ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.جنهن ۾ 10 لک کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن مختف ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ ماڻهن ‘ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق ۾ حڪومت ڪرڻ جي حق سان گڏوگڏ ڪم ڪرڻ، هنر ي تربيت ( vocational training) ۽ ڪم دوران صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ ’جي گهر ڪئي.

    عورتن جو عالمي ڏينهن 1913.14 ع دوران عامي جنگ جي خاتمي لاءِ احتجاج جو ذريعو بنجي ويو. امن تحريڪ جي حصي طور روسي عورتن فيبروي جي آخري آچر تي پهريون دفعو عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو.جنهن کان پوءِ 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

    1914ع ۾ لڳ ڀڳ سڄي يورپ ۾ عورتن جنگ جي خلاف ريليون ڪڍيون ۽ عورتن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو.1917ع ۾ فيبروري جي آخر ي آچر تي روسي عورتن 20 لک روسي فوجين جي جنگ ۾ مارجي وڃڻ تي احتجاج ڪيو ۽ `” ماني ۽ امن“`Bread and Peace جو نعرو هنيو. سياسي رهنمائن جي شديد مخالفت باوجود عورتن 4 ڏينهن مسلسل احتجاج جاري رکيو. ان احتجاج روسي زار کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ صوبائي حڪومت عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو. ان وقت روس ۾ استعمال ٿيندڙ جولين ڪلينڊر مطابق 23 فيبروري جي تاريخ هئي. جڏهن ته دنيا جي باقي هنڌن تي استعمال ٿيندڙ ڪلينڊر مطابق اها تاريخ 8 مارچ هئي.

    سوشلسٽ موومينٽ جي نتيجي ۾ شروع ٿيل عورتن جو عالمي ڏينهن جي هن وقت اها حيثيت بڻي آهي جو هڪ ئي وقت ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ عورتن جي اهميت ۽ مڃتا کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.

    گڏيل قومن جو عالمي ادارو ( United Nations) هر سال عورتن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائيندو آهي. جنهن جو بنيادي مقصد ميمبر ملڪن پاران عورتن جي تحفظ، سندن ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ٿيندڙ مختلف ڪوششن سان گڏو گڏ سندن سياسي سماجي ۽ معاشي زندگي ۾ ڀرپور ڪردار ۽ شموليت کي يقيني بنائڻ لاءِ ورتل عملي قدمن جو مڪمل طور جائزو وٺڻ هوندو آهي. ان سلسلي ۾ يونائيٽيڊ نيشنز سال‘ 1975ع کي عورتن جو عالمي سال’ جو درجو ڏنو هو

    پاڪستان انساني حقن جي مختلف قومي ۽ بين الاقوامي معاهدن تي صحيحون ڪري چڪو آهي. جن ۾ ‘ انساني حقن جو عالمي پڌرنامو UDHR ‘عورتن سان هرقسم جي امتيازي سلوڪ جو خاتموCEDAW ’ ۽ ‘ ملينم ڊولپمينٽ گولMDG (2000)’ آهن.

    پاڪستان حڪومت ان سلسلي ۾ جولاءِ 2000ع ۾ عورتن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ نيشنل ڪميشن جو بنياد وڌو. جنهن جا 3 بنيادي مقصد هئا.

    حڪومت طرفان عورتن جي ترقي ۽ سڌاري سان گڏو گڏ زندگي جي تمام شعبن ۾ برابريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ کنيل قدمن لاءِ تجويزون ڏنيون وڃن. ان ڏس ۾ سمورين پاليسين ۽ پروگرامن جو تجزيو ڪري لاڳاپيل اختيارين کي سفارشون ڪرڻ .

    عورتن متعلق سڀني ملڪي قانونن جو جائزو وٺڻ، عورتن کي انهن قانونن سان ڪهڙو رليف ملندو، جائزو وٺڻ ۽ اهڙن سڀني قانونن کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ، جيڪي عورتن سان امتيازي سلوڪ ڪن ٿا. اهڙن قانونن جي سفارش ڪرڻ، جيڪي عورتن جي برابري واري حيثيت کي يقيني بنائين. عورتن جي مسئلن تي مڪمل تحقيق جي بنياد تي قومي پاليسيون ۽ اسٽريٽيجڪ پلاننگ جي عمل کي همٿائڻ،

    هر سال 8 مارچ واري ڏينهن کي “ عورتن جو عالمي ڏينهن ” طور ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي سنڌ سميت ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ڪيتريون ئي گڏجاڻيون، تقريبون ٿينديون آهن.

    ”عورتن جي حقن جو مسئلو سڄي معاشري جو مسئلو آهي“ ان هوندي به اسان وٽ عورت کي فقط جنس ڪري ظلم جو نشانو بنايو وڃي ٿو. اسان جي معاشري ۾ سڌريل معاشرن جي ڀيٽ ۾ عورتن تي جنسي ۽ جسماني ظلم جا واقعا وڌيڪ پيش ايندا آهن. روزانه اخبارن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شايع ٿيندڙ خبرن ۾ عورتن تي ظلم ڪندڙ، بي گناه عورتن کي قتل ڪندڙ، عورتن جي تعليم تباه ڪندڙ، حوس جو نشانو بنائيندڙن جا انيڪ مثال ملندا رهن ٿا. اڄ کان پنج ڏينهن اڳ هڪ عورت، بدڪرداري جي تهمت هڻي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. اهو واقعو نوابشاهه ڀرسان بالو جا قبا جي ٿاڻي جي حد جي ڳوپٺ طارق آباد ۾ پيش آيو. عورت ثمينه آرائين جو چوڻ هو ته ”منهنجو مڙس بد ڪردار هو، جنهن جا منهنجي ٻن ننڍين ڀينرن سان ناجائز جنسي لاڳاپا هئا ۽ مون تي تشدد ڪندو هو. ان ڪري کيس قتل ڪيم. جنهن تي ڪو به پڇتاءُ ناهي“

    ظاهري حڪومتي ادارا، وزارت ۽ ڪميشن ۽ غير سرڪاري تنظيمون عورتن جي برابري واري حيثيت لاءِ جاکوڙي رهيا آهن . سول سوسائٽي ، پريشر گروپس ۽ بين الاقوامي تنقيد باوجود پاڪستان ۾ انساني حقن ، خصوصي طور عورتن جي حقن جي صورتحال ڳنڀير آهي. اوهان، اسان سڀني آڏو نهايت اهم سوال آهي، ته صنفي برابري ۽ موجوده دور جي چئلينجز سان ڪيئن منهن مقابل ٿجي.

    ” صنفي برابري ۽ موجوده دور جا چئلينجز“

    پاڪستان جي عورت يورپ جي عورت کي ڏسندي انهن وانگر حق چاهين ٿيون،ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿيون ته جيئن، جيئن دنيا ترقي ڪري ٿي ايئن ان سان گڏ اسان کي ترقي ڪري هلڻو آهي .پر سندن سامهون سياسي عمل ۾ حصي دار، جنسي ۽ سماج ۾ برابري، پاڪستان ۾ عورت جي آزادي، عورت جي خود مختياري جهڙا وڏا سوال ۽ نعرا آهن معاشري ۾ انقلاب جو هڪ اهو تصور به اڀاريو ويو آهي ته عورتن جا تمام حق مردن کسي ورتا آهن. هاڻ انقلاب آڻينداسين. اها ڳالهه پاسيٽوِ ناهي ريئلٽي اها آهي ته معاشري ۾ مرد ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ آهن. ان سان فيملي بنجي ٿي. ان کان پوءِ معاشرو بنجي ٿو، ان ۾ ڏسڻو آهي ته بئلنس ڪيئن قائم ٿئي؟ ڪهڙي طريقي سان توازن قائم ٿئي؟ . بنيادي ڳالهه آهي ته اسين سماج ۾ عورت جي عزت ڪريون. جيڪا بنيادي ڳالهه آهي. اگر اسان سندن عزت نه ڪئي، ته معاشري ۾ اسان جي به عزت نه ٿيندي. سياست ۾ عورتن کي اهو مقام ڏيڻو آهي جيتري انهن کي ضرورت آهي.

    زميني حقيقت ۽سماجي بيهڪ ڪجهه ان طرح آهي ته اسان جو معاشرو، اڃا ايتر و نه ٿيو آهي جو اسان جي ڀينرن لاءِ رستا هموار هجن. جو گڏجي ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي ڪم ڪري سگهن. عورتن جي نفسيات پنهنجي آهي، انهن جا مسئلا پنهنجا آهن. انهن جي سماج ۾ بيهڪ جدا آهي. انهن جو اٿڻ ويهڻ جدا آهي . عورتن جي نفسيات پنهنجي آهي، اهو هڪ ارتقائي عمل آهي.سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي عورتن لاءِ جدا فورم ئي ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو.جنهن جي ذريعي هو پاڻ هڪ ٻئي سان رابطو رکي، پنهنجا مسئلا پاڻ اجاگر ڪن،۽ ان جا پاڻ حل ڏسين

    هن وقت تائين معاشري اندر، عورت کي پنهنجي مرضي جي شاديءَ جي حق لاءِ ۽ سماج ۾ ڪارو ڪاريءَ جي رسم کي فرسوده ثابت ڪرڻ ۾ اقتدار جي منصب تي ويٺل سياسي پارٽين توڙي ٻاهر ويٺل پارٽين ڪردار ادا نه ڪيو آهي، جيترو ميڊيا ڪيو آهي. )ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ٿيل سينيٽ جي اجلاس ۾ غيرت جي نالي تي قتل بابت فوجداري قانون ۾ ترميم جو بل پيش ٿيو. جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٻيو بل شهرين تي تشدد ڪرڻ ۽ حراست ۾ لڄالٽ ڪندڙن جي سزا جو بل پيش ڪيو ويو. هاڻ ڪاروڪاري يا غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل ناقابل معافي ٺاه ۽ اهڙي قتل کي عام قتل سمجهيو ويندو. فريادي جوابدار سان ٺاه نه ڪري سگهندا. حراست ۾ موت ۽ زنا تي عمر قيد جي سزا ملندي. مدد ڪندڙ کي ڏهه سال قيد جي سزا ملندي) پاڪستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ خلاف ۽ خصوصن عورتن جي حقن لاءِ قانون به جڙندا رهن ٿا. قانون جڙڻ سٺي ڳالهه آهي پر ان کان وڌيڪ بهتر ڳالهه ان تي عمل ڪرڻ هجي ٿو.ان ڏس ۾ توقع مطابق خاطر خواه تبديلي نه آئي آهي . هڪ ته اسان وٽ قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪجهه مڙئي ضمانت جو نه هجڻ ۽ ٻيو آئيني تحفظ باوجود رياستي سطح تي عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سياسي عزم جي گهٽتائي به ڳڻتي جوڳي حد تائين آهي.۽ ٻيا ڪئين عوامل به آهن ۽ اهو هڪ ڊگهو بحث آهي ، ان هوندي به ڪافي اهڙيون فرسوده ڳالهيون آهن جيڪي ٽيهن ، چاليهه سالن جي پراسِسِ ۾ رَدِ ٿي چڪيون آهن. ۽ اڄ اسان جون ڪيتريون مائرون ۽ ڀينرون مردن سان گڏ و ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمت ڪري رهيون آهن . اها سماج ۾ تبديلي . هڪ ڏينهن ۾ ڪا نه ٿي آهي. جيئن سياست پنهنجي ارتقائي عمل مان گذري اڳتي وڌندي، ارتقا جو عمل اڃا اڳتي هلڻو آهي. اگر مرد پنهنجي ڀينرن، مائرن جا مددگار نه ٿيندا ته هي معاشرو ايتري ٿرقي نه ڪري سگهندو. ارتقائي عمل جي ذريعي اڃا اسان کي اڳتي وڃڻو آهي، عورتن جي آزادي ڏانهن سبب بنجڻو آهي.۽ اهو وقت پري ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ارتقائي عمل جاري آهي.

    پاڪستان ۾ عورت ڪيتري خودمختيار آهي؟

    خود مختيار جو مطلب آهي ته هوءَ پاڻ ڪيئن ٿي ڪمائي سگهي. جيستائين اها پاڻ آٽانامس ناهي ته خود مختيار نٿي ٿي سگهي. خود مختيار جيستائين ناهي، تيستائين عورت لاءِ آزادي جي ڳالهه ڪرڻ به ناممڪن آهي. ٻهراڙيءَ جو سماج زرعي نظام سان سلهاڙيل آهي. ان ۾ مرد کان وڌيڪ عورت جو ڪردار آهي. فصل پوکڻ، لڙڻ، ڦٽيون چونڊڻ، چڻا چونڊڻ، ۾ عورت جو هٿ ونڊائڻ آهي. يعني ملڪ جي پيداواري عمل ۾ عورت جو باقائده حصو آهي. پر تعليم نه هئڻ جي ڪري، کيس اهو حق يا آزادي مليل ناهي! شهري عورتون ان ڳالهه کان واقف آهن ته ملڪي پيداوار ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جو وڏو ڪردار آهي. پر انهن کي تعليم نه هجڻ ڪري رتبو ڪونهي، جيڪا عورت استاد آهي ۽ ڪمائي ٿي.ايتري تائين جو جيڪا عورت صفائي ڪري، يا محنت مزدوري ڪري ڪمائي ٿي پنهنجي پورهئي جي ذريعي اها ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار آهي. پر ڇو ته هوءُ پڙهيل ڪانهي، ڪانشس ڪانهي، ان ڪري کيس رتبو ڪونهي!

    يورپ ۾ به اهي سڀ پورهيا عورت ڪري ٿي، ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ انهن جو حصو هوندو آهي، ليڪن اتي انهن جو شان ۽ مڃتاوڌيڪ آهي. اتي جيڪا عورت صفائي ڪري ٿي ان جو به شان آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ عورت اهو مقام حاصل نه ڪري سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته تعليم نه هجڻ وڏو سبب آهي. اگر اسان جي عورتن ۾ تعليم به هجي، ۽ ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ حصي دار به هجي، ته آٽانامس به هوندي.

    سياسي عمل ۾به حصي دار:

    سياست ۾ عورتن جي حصيداري، جو عمل به هڪ ارتقائي عمل ذريعي ٿيندو. ڀينرون گڏيل تعاون، باهمي احترام واري رستي سا ن سياسي عمل ۾به شراڪتداري ڪري سگهن ٿيون. جنسي برابري ۽ سماج ۾ برابري وڏا سوال آهن، جيڪي مرحليوار حل ٿيڻيا آهن. ڇاڪاڻ ته سماج کي تبديل ڪرڻ ۽ رفارمز جو ذريعو، ”معاشري ۾ تسليم ڪرائڻ “ ۾آهي. اهڙيءَ طرح سياست ۾ شراڪت لاءِ عورت کي مرد جي مدد جي ضرورت آهي، انهن ڳالهين کي مد نظر رکندي اسين “ صنفي برابري ۽ موجوده دور جي چئلينجز” کي منهن ڏئي سگهون ٿا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,567
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين ادا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو