انٽرنيٽ مينهن وانگر مفت

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG] ڇا انٽرنيٽ اُس ۽ مينهن وانگر مفت ٿي سگهي ٿي؟ گوگل ۽ فيس بڪ جهڙن ادارن هاڻي آسمان کان مفت انٽرنيٽ وسائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. انهن ٻنهي ڪمپنين جو موقف آهي ته انٽرنيٽ انسان جي ضرورت نه پر سندس بنيادي حق آهي. پر اها ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي ان جو خاڪو گذريل ڏينهن بارسلونا جي موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويو. گوگل پنهنجي انٽرنيٽ ڦوڪڻي ۽ سولر ڊرون جا وڌيڪ تفصيل پيش ڪيا. جيئن انٽرنيٽ جا سگنل زمين تائين پهچائي سگهجن. ان کان پهرين فيس بڪ جي سربراهه مارڪ ذڪربرگ انٽرنيٽ ڊرون جا ڪيترائي تفصيل پيش ڪري چڪو آهي. گوگل اسڪاءِ واءِ فاءِ گوگل ڪانفرنس ۾ پنهنجي مشهور پروجيڪٽ لون جي باري ۾ ٻڌايو جنهن ۾ ڦوڪڻا زمين کان گهٽ مٿاهينءَ تي رهندي سستي انٽرنيٽ زمين تائين فراهم ڪري سگهندا، جنهن کي آسماني واءِ فاءِ سڏيو ويندو آهي. ڪانفرنس ۾ گوگل ٻڌايو ته هاڻي سندس انٽرنيٽ ڦوڪڻا ڇهن مهينن تائين هوا ۾ رهندي مسلسل انٽرنيٽ زمين تي ميسر ڪري سگهندا. ان کان پهرين اها حد صرف سئو ڏينهن تائين هئي. گوگل انٽرنينٽ ڊرون ڦوڪڻن کان علاوه گوگل ”ٽائٽن“ نالي انٽرنيٽ ڊرون جو هڪ منصوبو به ٺاهيو آهي، هي ڊرون به سج جي توانائي سان اڏام ڪندا ۽ نه صرف عام حالتن پر قدرتي آفتن ۾ به انٽرنيٽ فراهم ڪري سگهندا. ته جيئن انهن کي امدادي ڪمن لاءِ به استعمال ڪيو وڃي. اپريل 2014 ۾ گوگل ٽائٽن ايروسپيس ڪمپني خريد ڪيا هئا، جنهن اهڙا سولر ڊوران ٺاهيا هئا، جيڪي پنجاهه سالن تائين هوا ۾ رهي سگهيا ٿي. فيس بڪ جي سربراهه مارڪ ذڪربرگ موجب سندس ڪمپني ”ڪنيڪٽويٽي ليب“ جي نالي سان هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو آهي جيڪو مفت انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ تجربا شروع ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ ڊرون، سيٽلائيٽ ۽ ليزر شامل آهن. گذريل سال انهيءَ ليب جي ڊائريڪٽر ييل ميگائر اعلان ڪيو هو ته 2015 ۾ هو بوئنگ 747 سائز جي هڪ واءِ فاءِ ڊرون جو تجربو ڪندو، جيڪو 60 کان 90 هزار فٽ مٿاهينءَ تي رهندي انٽرنيٽ فراهم ڪندو. ذڪربرگ چيو ته ان جي انٽرنيٽ منصوبي ۾ ڦوڪڻا شامل ناهن. فيس بڪ ۽ گوگل ٻئي آفريڪا ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ آهن، جتي ماڻهن جي اڪثريت انٽرنيٽ کان محروم آهي ۽ اتي انفراسٽرڪچر موجود ناهن پر انهن ٻنهي ادارن جا مالياتي مفاد به آهن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,671
    ورتل پسنديدگيون:
    3,815
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    بهترين معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو