محمود مغل ۽ سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    محمود مغل ۽ سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“

    مٺل جسڪاڻي

    پاڻ وٽ ئي نه، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، جنهن به ٻوليءَ ۾ لکي پڙهي سگهبو آهي، ان ٻولي ۾ نه صرف لکيو ويندو آهي، پر لکندڙ ۽ ان جي لکڻي تي به لکيو ويندو آهي. جيڪو جيڪو به لکندو آهي، اهو بظاهر ٻئي ليکڪ ۽ ان جي لکڻي تي لکندو آهي، پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي، ته ائين نه آهي. جيڪو به لکي ٿو، اهو ڪنهن به ليکڪ يا ان جي لکڻي تي تنقيد ڪري يا وري تعريف ڇو نه ڪري، اُن لکندڙ يعني مبصر يا نقاد جي لکڻي ۾، هُو پاڻ به موجود هوندو آهي.
    ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ائين ڇو هوندو؟ اوهان جي ذهن ۾ اهڙا سوال اچڻ به گهرجن. ڇو ته اوهان جي ذات ۾ به دراصل اوهان پاڻ موجود آهيو ۽ اوهان جي جهڙي به تربيت ٿيل هوندي، اوهان جي جهڙي به ذهنيت هوندي، اوهان جي جيتري به شعوري سگهه، پهچ هوندي، اوهان جي ذهن ۾ سوال به ان نسبت سان اڀرندا ۽ اوهان جي راءِ به اهڙي جڙندي.
    پاڻ وٽ اِهو عام تاثر آهي، ته هر ليکڪ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هوندو آهي،. سندس لکڻيون ئي سندس اصل سڃاڻپ هونديون آهن! جڏهن ته آئون ان نظرئي، ان خيال سان سهمت به، ته نفي ۾ به آهيان!
    اوهان جي پنهنجي سوچ آهي، منهنجا پنهنجا ويچار آهن. پاڻ سڀني کي اختلافِ راءِ جو حق آهي. آئون ان راءِ جو آهيان، ته جيڪو ڪجهه به ڳالهايو ويندو آهي يا جيڪو ڪجهه به لکيو ويندو آهي، اهو بي معني ته قطي نه هوندو آهي، پر ان جو گهڻو ڪري ڪو هڪ مطلب، هڪ مقصد، هڪ معني هجڻ به ضروري نه آهي. منهنجي خيال ۾ هر جملو بامقصد ۽ گهڻ پاسائون هوندو آهي.
    منهنجي ان خيال کي، منهنجي ان سوچ کي سمجهڻ لاءِ، اوهان پنهنجي سهوليت سان سوچيو، مون کي محمود مغل ۽ سندس ڪتاب ”محبت جا ٻه ناوليٽ“ جو حوالو استعمال ڪرڻ جو حق ڏيو.
    محمود مغل جي نئين ڪتاب ”محبت جا ٻه ناوليٽ“ ۾ ”سرءُ“ ۽ ”هٿ ريکائن کان خالي“ ناوليٽ، پاڻ سڀني کي پڙهڻ لاءِ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڪاڇو پبليڪيشن... ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 157 صفحا آهن، جنهن جا شروعاتي 7 صفحا ڪتاب جي اندرئين ٽائيٽل، ڪتاب جي تفصيل، ارپنا، ترتيب ۽ اداري پاران واري مواد تي مشتمل آهن، صفحي 8 کان 18 تائين مصنف يعني محمود مغل پاڻ پنهنجي ناوليٽ ۽ ڪتاب جي حوالي سان جيڪي ٻه اکر لکيا، اهو مواد ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل پهريون ناوليٽ ”سرءُ“ صفحي 19 تي نئين ٽائيٽل سان شروع ٿي، صفحي 78 تي ختم ٿئي ٿو. صفحي 79 تي ٻئي ناوليٽ ”هٿ ريکائن کان خالي“ جو ٽائيٽل ۽ پوءِ صفحي 80 کان 157 تائين، ان ٻئي ناوليٽ جو مواد آهي. هي ٻئي ناول پڙهڻ شروع ڪبا، ته هر هڪ ناول هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پوري ڪرڻ جي خواهش ٿي پوي ٿي. اهڙا سليس، ۽ اهڙي سهڻي انداز ۾ لکيل آهن، هي ٻئي ناول.
    ليکڪ، اديب، ڪالم نويس، ڊرامه نگار، ملنسار، محبتي ماڻهو محمود مغل يا سندس هن ڪتاب تي، جيڪڏهن آئون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ چاهيان، ته آئون پهرين اهو فيصلو ڪرڻ کان قاصر آهيان، ته محمود مغل بابت ڇا لکان؟ جنهن کي مون پهريون دفعو پاڪستان ٽيلي ويزن، ڪراچي سينٽر جي ڀلائي سان شروع ڪيل، معلوماتي پروگرام ”پرک“ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ اڪثر مختلف ٽي وي چينلس تي يا وري اخبارن ۽ رسالن ۾، سندس لکڻيون ۽ تصويرون نظر مان گذرنديون رهيون.
    محمود مغل ۽ منهنجي، پهريون دفعو، صرف هٿ ملائڻ جي حد تائين محدود ملاقات ان ڏينهن ٿي هئي، جنهن ڏينهن ٻارن لاءِ حياتي وقف ڪري، ٻارن وانگر حياتي گذاري، سدائين لاءِ وڇڙي ويل ”اسرار شام“ کي، آلين اکين سان، پنهنجي اکين کان اوجهل ڪيو پئي ويو! اهڙي سوڳوار ماحول ۾ موجود، ليکڪن جي اڪثريت واري چڱي موچاري تعداد ۾، سڀني کان مختلف، نفيس ۽ پيارو ماڻهو، جيڪو مون کي نظر آيو، اهو هو محمود مغل.
    محمود مغل جو آواز، ڳالهائڻ جو انداز، هيءَ پنهنجي ذات ۾ محبتي، مانائتو ماڻهو آهي. سندس ڳالهين ۾ به اوترو ئي مٺاس آهي، جيتري محبت سندس لکڻين ۾ موجود آهي.
    اوهان جي ۽ پنهنجي وقت جو قدر ڪندي، جيڪڏهن آئون اجائي گهڻي ڊيگهه ڪرڻ بدران، صرف چند ننڍڙا مثال ڏيان، ته به اوهان کي منهنجو خيال، منهنجو نظريو، منهنجي نيت سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ اوهان ليکڪ جي نيت تائين به گهڻو ڪري پهچي ويندا.
    ”سرءُ“ ۾ ٻه ڇوڪرا دوست آهن، انهن مان هڪڙو ٻئي جي ماسات ڇوڪريءَ سان پيار جا پيچ اڙائي ٿو. ان بظاهر تمام ننڍڙي ۽ حقيقت ۾ تمام وڏي اهم عڪاسيءَ تي ٿورو ويچارجي!...
    ”سرءُ“ ۾ ئي، هڪ هنڌ پنهنجي اظهار جي مدد طور، انگريزي شاعري جو سهارو ورتو ويو آهي. ناول ۾، ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ۽ سنڌي پڙهندڙن جي سُڌ لاءِ، محمود مغل نه رڳو انگريزي لفظ استعمال ڪيا آهن، پر بين الاقوامي معياري مواد پڙهندو رهڻ جو ثبوت ڏيڻ، توڙي پنهنجي ناول وسيلي، پڙهندڙن کي ٻين ٻولين جو معياري مواد پڙهائڻ لاءِ به، ڪو عام رواجي نثر نه، انگريزي شاعري به ناول ۾ شامل ڪئي آهي. نه صرف ايترو، پر محمود مغل ان جو سليس ترجمو لکي، پڙهندڙن کي اهو به موقعو فراهم ڪيو آهي، ته هو سندس ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ شاعري ته پڙهندو ئي اچي پيو، ٻڌندو ئي اچي پيو، هن ناوليٽ وسيلي، ٻيءَ ٻوليءَ جي شاعر جي شاعري ۾ موجود عشق، محبت، پيار ۽ اظهار جي انداز کان به واقف ٿيڻ جو، ڇا ته مثال قائم ڪيل آهي.
    مون کي خبر نه آهي ته ”سرءُ“ لکڻ وقت محمود مغل جي پنهنجي عمر ڪيتري هئي؟.. بهرحال، اڳي به ۽ هاڻي به، انٽر پاس ڪيترا ئي نوجوان، مٽ مائٽ جي ڪا ضرورت سمجهن يا نه، سندن محبوبه جي ضرورت جون، کين سڀ شيون سُجهن ٿيون. مون کي اهڙو اندازو ”سرءُ“ پڙهندي ٿيو...
    جيتوڻيڪ محمود مغل هي ناوليٽ تڏهن لکيا هئا، جڏهن هاسٽل ۾ رهڻ واري لاءِ 500 رپيا مهينو مزي سان گذارڻ جيترا هئا، جڏهن ته اڄ ڪلهه اهو دور آهي، جنهن ۾ اسان ٽنڊوڄام واسي، جيڪڏهن ڪنهن سٺي اسڪول، ڪم جهڙي ڪاليج، سونهي ڊاڪٽر جي ڳولا ۾، گهر جو عام سيڌو سامان وٺڻ لاءِ، پنهنجي ئي تعلقي ۾ 10-15 ڪلوميٽر سفر ڪندي، حيدرآباد وڃون ۽ موٽون، ته 100 رپيا روز يعني 3000 هزار رپيا مهينو ته صرف ٽول ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو!”... ايڏو وڏو فرق اچي وڃڻ باوجود، هي ٻئي ناول، اڄ به ساڳئي طرح اهم ۽ دلچسپ مواد سان ٽمٽار آهن. جيڪو به ڌيان ۽ گيان سان پڙهندو، ان کي هي ٻئي ناوليٽ، اسان جي عام سماجي ۽ معاشي عڪاسي سان گڏوگڏ، تعليم ۽ تربيت جو به بهترين مثال ٿي ملندا. اهو پڙهندڙن تي آهي، ته هو ناوليٽ ۾ ليکڪ کي ڳولڻ تي وقت ٿا وڃائين، يا پنهنجي پڙهڻ واري اڃ به اجهائين ٿا، ته ڪا واٽ به ڳولي لهن ٿا...
     
  2. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    چاچا محمود مغل .... هٿ اکر

    دامي درمي ، سخنين ۽ شال شاد ۽ آباد هجو ، سدائين توهان جا اڱڻ آسودا رهن جهڙا کر ۽ دعائون ڪندڙ فقير صفت، شفيق، سخن ور، سادو سودو، محبتن جو ڀنڊار پاڻ ۾ پسيندڙ نيڪ انسان آهي. چاچا سائين ساڻ پهرين ملاقات ته جسڪاڻي صاحب جيان پرک ۾ ئي ٿي هئي پر بابا جي هر ذاتي محفل ۾ ائين متان ئي ڪڏهن ٿيو هوندو جو چاچا محمود جو ذڪر نه ٿيو هوندو. منهنجي چاچا سائين ساڻ آمهون سامهون پهرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن مان کيس ملڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ويو هئس تنهن کانپوءِ تقريبا هر جمعي تي کيس سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي جي جامع مسجد ۾ نمازين لاءِ جاءِ ٺهائيندي ۽ نماز پڙهڻ جو بندوبست ڪندي ڏسندو هئس. اهو قصو 2011 کان 2012 تائين جي هر جمعي تي ڏسندو ايندو هئس ...هاڻ به ٿيندو هوندو ضرور. مونکي اڄ به ياد آهي ته سندس گهر هڪ ملاقات ۾ مونکي پاڻ اهي لفظ چيا هئائين ته ”آصف تون مونکي نظير (منهنجي بابا سائين جو نالو آهي) جي ياد ڏياريندو آهين“. ان ڳالھ پويان ڇا منطق هئي اها ته رب کي خبر ۽ چاچا محمود کي خبر. خير حال جي ڳالھ ڪيان ته 25 فيبروري 2015 اربع ڏهاڙي چاچا سان سنڌ لينگئيج اٿارٽي ۾ ملاقات ٿي. توڙي جو ملاقات ڪافي سٺي دير تائين هلي هئي پر دل چيو پي ته بس اڃا پنج منٽ ، بس اڃا ڪي ٻه منٽ...۽ سڪ! ..سا لھڻ جو نالو نٿي ورتو... ۽ نه ئي لهندي.

    ترت خيال آيم ته چاچا سائين جا هٿ اکر ته مون وٽ آهن ئي ڪونه سو ان مهل لينگئيج اٿارٽي جي شاپ تان نئون ورتل هڪ ڪتاب سامهون ڪيو مانس ۽ زور ڀريو مانس ته چاچا سائين ڪي اکر هن ڪتاب تي اُڪيري ڏيو، يڪ دم ڪتاب موٽايائين ۽ سندس گاڏي تائين اچڻ جو چيائين. جيئن ئي ويجهو پهتس ته گاڏي جي ڊيش بورڊ تان ” محبتن جا ٻه ناوليٽ“ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون آٽو گراف چاڙهي کڻي هٿ ۾ ڏنائين. وڏي چاھ ساڻ ڀاڪُر وڌائين ۽ نرڙ تي شفقت ڀري چمي ڏئي حڪم ڪيائين ته دادوءَ پهچي خير جو ميسيج ڪجا. جسڪاڻي صاحب جي هي ونڊ ڏسي سوچ پئم ته اهي هٿ اکر پاڻ وٽ رکڻ بدران تاريخ جي حوالي ڪري چڏيان سو سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيان ٿو ڄڻ ته تاريخ اڏيان ٿو..... اميد ته قبول پوندو.

    [​IMG]


    [​IMG]

    چارڻ
    دادو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو