سيد علي محمد شاهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    تحرير: خدابخش جويو
    سيد علي محمد شاهه ولد سيد جمال شاه 31.7.1956ع تي سن ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن مان 31.3.1967ع ۾ پنجون درجو پاس ڪيائين. سندس والد جمال شاهه درويش صفت انسان هو، هن جا ڪيترائي مريد هئا، جن جي اڪثريت ڪراچيءَ ۾ آهي. سندس وصال کان پوءِ سندس پٽ سيد علي محمد شاهه سندس گادي سنڀالي. سيد علي محمد شاهه سان فقير فقراءَ هميشه گڏ هوندا هئا. پاڻ چڱن ڪمن واسطي جيڪا مريدن کي هدايت ڪندو هو، ان لاءِ پهرين پاڻ ان تي عمل ڪندو هو. هي تمام سٺو ۽ حق گو شاعر هو. پاڻ شاعريءَ ۾ قاري شفيع محمد ميهڙ واري کان استادي ورتي هئائين.

    هن شاهه حيدر جي ميلي تي پنهنجي عقيدت مند فنڪارن کي گهرائي راڳ رنگ جون محفلون پڻ ڪرايون. سندس پوئلڳيءَ ۾ جيڪي فنڪار هوندا هئا، انهن ۾ عمران فقير، سينگار علي ۽ ان جو شاگرد مجيد سينگار، غلام حيدر فقير ۽ ٻيا شامل هئا.

    سيد علي محمد شاهه سيوهڻ ۾ يڪ ٿنڀي وٽ ڪافي قائم ڪئي جتي فقير فقراءَ رهندا هئا ۽ ننگر نياز پڻ هلندو هو. پاڻ هڪ آستانو بلوچستان ۾ شاهه نوراني تي قائم ڪيائون، جتي هر سال ميلي جي موقعي تي 9،10 ۽11 تي گذاريندا هئا. هو ان ميلي ۾ قافلي جي صورت ۾ ويندو هو.

    سيد علي محمد شاهه اسٽيشن جي سامهون ايلچي پير کان هيٺ نئين سن جي وَٽِ سان زمين آباد ڪرڻ خاطر کوه کوٽرايو ۽ اتي زمين به آباد ڪرائي. سندس مريد اتي به ساڻس گڏ هوندا هئا. جنهن وقت اتي ويٺا هئا ته ان کان پهرين اتان ڌاڙيلن جو لنگهه هو. ان ڪري ڌاڙيلن کيس نياپا ڪيا ته هو اتان اٿي وڃي پر سيد علي محمد شاهه کين جواب ڏياري موڪليو ته جيڪڏهن حلالي پٽ آهيو ته مون کي هتان اٿاري ڏيکاريو. ان تي ڌاڙيلن کيس ڏينهن مقرر ڪري مٿس حملي جي تياري ڪئي. جنهن وقت هنن علي محمد شاهه جي آستاني تي فائرنگ ڪئي ان وقت سندس وٽ راڳ رنگ جي محفل هلي رهي هئي. ان وقت سندس مريدن مان شوڪت ڇڇر، سلطان گائينچو ڪلري وارو ۽ ٻيا موجود هئا. ڌاڙيلن طرفان برسٽ هلائڻ سبب محفل بند ٿي وئي ۽ سڀ خوفزده ٿي ويا. ان وقت سيد علي محمد شاهه بلند آواز ۾ نعرو هنيو ۽ ڌاڙيلن ڏانهن پيش قدمي ڪئي. سندس مريدن ۾ به جو ش ۽ جذبو اچي ويو ۽ نعرا هڻندا اڳتي وڌيا ۽ هٿين خالي ڌاڙيلن جو گهيراءَ ڪيو. حققت ۾ نعرن ڌاڙيلن کي بتال ڪري وڌو هو ۽ هو پنهجيون جتيون ڇڏي ڀڄي ويا. ترت ڌاڙيلن خلاف حڪومتي سطح تي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ اهي ڌاڙيل مارجي ويا.

    سيد علي محمد شاهه جي شاعريءَ کي سردار احمد شاهه لڪياري، نظر محمد شاهه آمري وارو، پير اعجاز شاهه قدر جي نگاه سان ڏسندا هئا. سندس شاعري جو هڪ نمونو هتي پيش ڪجي ٿو:

    ٿلهه: وحدت ۾ وياسين وڍجي، اهو جيئڻ آهي ته ڪهڙو

    جيئڻ آهي، پيئڻ سان، اهو پيئڻ آهي ته ڪهڙو

    مصرع: ورد هليو اندر ۾ ثابت صحيح ثنا ڪر

    پنهنجو پاڻ کي فنا ڪر، اهو فنا ٿيڻ آهي ته ڪهڙو

    ذڪر ڪيم ذاتي، صورت منجهه صفاتي،

    پاتم اندر ۾ جهاتي، باقي بيان ڪهڙو.

    ڪنهن پيو تون ڳولهين، پنهنجو پاڻ ٿو رولين،

    پنهنجو پاڻ ٿو ٻولين، اهو ٻولڻ آهي ته ڪهڙو.

    محمد شاهه ذات ۾ جانچي ڏس تون صفاتي،

    آئي جا ڦري ڪات ۾، اهو ڪسڻ آهي ته ڪهڙو.

    سيد علي محمد شاهه جو هڪ آستانو سن ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي به آهي. اتي ايندڙ سندس مريدن جي خدمت گذاري سندس پٽ اعجاز علي شاهه ڪندو آهي.

    پاڻ 21 ذوالحج نومبر 2009 تي وفات ڪيائون. سندس مزار شاهه حيدر سنائي لڳ قبرستان ۾ آهي جتي سندس فرزند اعجاز شاهه هر مهيني جي 14 تاريخ تي محفل ڪرائيندو آهي ۽ سندس عرس مبارڪ 21،22 تاريخ ذوالحج جي مهيني ۾ لڳائيندو آهي. جنهن ۾ ننگر نياز به ڪيو ويندو آهي.
     
    سهيل فيصل، سليمان وساڻ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    [​IMG]
    سيد علي محمد شاه (شاعر)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    سيد علي محمد شاه سناهي
     
  4. فرخ اسلم ڀٽو

    فرخ اسلم ڀٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    اداڪار
    ماڳ:
    سنڌ جو شھر ڪراچي
    درستگي ⁦⁩

    کلام: سائین علي محمّد شاھ سنائي

    وحدت ۾ ویا سین وڍجي ، ھيءُ جِیئڻ آھي تہ ڪھڙو
    جِيئڻ آھي پِیئڻ سان ، ھيءُ پِیئڻ آھي تہ ڪھڙو

    ورد ھلیو اندر ۾ ، ثابت صحیح ثنا ڪر
    پنھنجو پاڻ کي فنا ڪر ، ھيءُ فنا ٿیڻ آ ڪھڙو

    ذڪر ڪیُم جو ذاتي ، صورتَ منجھ صفاتي
    پاتیم اندر ۾ جھاتي ، باقي بیان ڪھڙو

    ڪنھن کي پیو ٿو ڳولھین ، پنھنجو پاڻ کي ٿو رولین
    پنھنجو پاڻ پیو تون ٻولین ، ھي ٻولڻ آھي تہ ڪھڙو

    سائین علي محمّد شاھ صفات ۾ ، جانچي ڏِس تون ذات ۾
    آئي سِرِي جا
    ڪات ۾ ، ھي ڪُسڻ آھي تہ ڪھڙو

    رازِ اِلاھي
    Page 135
     
    آخري ترميم: ‏8 مئي 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو