نذير احمد لغاري
سينيئر رڪن
اڄ صبح جو سوير رينجرز طرفان عزيزآباد ۽ ان جي اوسي پاسي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس تي پڻ ڇاپو هنيو ويو جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ غير ملڪي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ انهن سان گڏوگڏ سزاءِ موت جا قيدي ۽ ڪجهه ٻيا ٽار گيٽ ڪلر پڻ پڪڙيا ويا آهن، اهڙو اظهار ڊي جي رينجرز پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پڻ ڪيو آهي.
ايم ڪيو ايم جيڪا هميشه طالبان ۽ دائش جي باري ۾ واويلا ڪندي رهندي آهي، جيڪا سدائين لياري ۾ رهندڙ ماڻهن جي خلاف آپريشن جا مطالبا ڪندي رهندي آهي ۽ هميشه ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي باري ۾ چوندي رهندي آهي ۽ اڄ جڏهن ان جي مرڪزمان هي سڀ ڪجهه مليو آهي ته ان کي ظلم ۽ ناانصافي چئي ماڻهن کي احتجاج لاءِ مجبور ڪري رهي آهي.
غير ملڪي هٿيار ۽ ٽارگيٽ ڪلر ته ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالھ آهي ته جهڙي تنظيم آهي اهڙا ڪم ڪندي پر اهي قيدي جن کي سزاءِ موت اچي چڪي آهي اهي بجاءِ جيل جي 90 تي ڪيئن پهتا، ان پٺيان ڪهن جو هٿ ٿي سگهي ٿو اهو اسان سڀني لاءِ سوچڻ ڪو مقام آهي.
هتي سڀ دوست پنهنجي مناسب راءِ ڏيئي هن ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن، ڇو ته ان سان سنڌ ۽ سنڌين تي اثر پئجي سگهي ٿو.