نصاب ٻارڙن جا ذهن ٺاهي ٿو

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]اسان جو سماج موجوه وقت ۾ انتها پسندي جي جنهن نهج تي پهتل آهي . اها انتها پسندي ، اها تعصب پرستي، اها عدم رواداري ،اها اڻ سهپ، اصل ۾ انهن ننڍڙين نفسياتي رجهانن جي پختي ٿيل ساخت آهي ، جيڪا اسان پنهنجي معصوم ٻارن کي بنا ڇنڊ ڇاڻ ڪيل درسي ڪتابن ۾ شامل سبقن ذريعي پڙهائيندا آهيون ،اسان پنهنجي درسي ڪتابن ذريعي، پنهنجي ٻارڙن/شاگردن جو نفسياتي رجحان بجاء جو اجتماعي قدرن ۽ رواداري طرف ڇڪرايون ، اسان پنهنجي ٻارن /شاگردن کي درسي ڪتابن ذريعي سدائين انفراديت پسندي جو درس ڏنو آهي . انفاراديت پسندي واري اها معصومياڻي ڪيفيت جڏهن ميچوئر نهج کي رسي ٿي ته اهو ماڻهو پنهنجي انفراديت منفرد پڻي واري انا جي ختم ٿيڻ واري ڊپ کان اجتماعي قدرن کان لهرائي ٿو ، ۽ پنهنجي انفراديت پسندي واري جبريت کي انتها پسندي واري نهج تي کڻي بيهي رهي ٿو ،

    مثال طور اسان جي درسي ڪتابن ۾ مجموعي طور تي اهڙا نفسياتي رجهان رکندڙ سبق پڙهايا

    وڃن ٿا .

    اسان هڪ الگ شناخت ۽ جداگانه حيثيت رکندڙ قوم آهيون ،

    هاڻي اهڙي سبق مان جيڪا نفسياتي طرح ذهن سازي ٿئي ٿي ان مان انفراديت پسندي ، ۽ الگ ٿل ٿي رهڻ جو درس ملي ٿو ، جيڪا سوچ گڏجي رهڻ رواداري ۽ اجتماعيت جي ابتڙ آهي ،

    هڪ ٻيو مثال پنهنجي جداگانه حثيت کي بچائڻ لاء تاريخ ۾ جنگين ڪرڻ وارا سبق پڙهايا وڃن ٿا ،

    اهڙا سبق پنهنجي قومي ۽ مذهبي انفراديت کي بچائڻ لاء هٿيار کڻن جو درس ڏين ٿا ،



    ، (پنهنجي شناخت بچائڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر ان جا بنياد انساني ثقافتي تهذيبي قدرن وارا هجڻ گھرجن )

    پهرين ڳالهه ته پرائمري سطح تائين ٻار کي جنگ جو موضوع پڙهايو ئي نه وڃي .جنگين جو مقصد، انهن جو صحيح هجڻ انهن جو صحيح نه هجڻ ، اهو هڪ الڳ سوال آهي پر جڏهن معصوم بار جي سادي فطرت آڏو لفظ ” جنگ“ اچاريندا سين ته ٻار هڪ دم هڪ خوف ۽ هيجان ۾ مبتلا ٿي ويندو جنهن ڪري ٻار جي نفسيات تي منفي اثر مرتب ٿيندا ، ڇو ته لفظ جنگ پنهنجي معنوي پس منظر ۾ مار ڌاڙ ، قتل ُغارت ، بارود هٿيار وغير جو تاثر رکي ٿو .. ان کان علاوه لفظن جا نفسياتي محرڪ ٻار جي جسم ۾ ڪيميائي تبديلين جو سبب بڻجندا اهن جنهن جي بنياد تي ٻار جي نفسياتي ساخت جڙندي اهي ،

    لسانيات جي داخلي خارجي مامرن بابت ساختيتاتي نقطئه نظر رکندڙ نقاد .”سوسيور“ چئي ٿو ته ، هر لفظ پنهنجي ڪوڊ ۽ ڪونويشنز تحت معني جو هڪ جهان رکندڙ هوندو آهي .مثلن جڏهن اسان لفظ ” محبت “ کي گفتاريون ٿا ، يا ڳالهايون ٿا ته انساني رسم ۽ ضابطن تحت ۽ ان جي ثقافتي ۽ تهذيبي رشتن جي معني تحت هڪ مخصوص معني نڪري ٿي ، ڇو ته هر لفظ کي انساني رسمن ضابطن تي مبني ڪوڊ ۽ ڪووينشن جو هڪ مخصوص جهان آهي . ائين ۽ لفظ جنگ جڏهن پڙهون ٿا ، اچاريون ٿا ، يان گفتاريون ٿا ، يان ڳالهه ٻولهه ۾ آڻيون ٿا ، ته اهو لفظ انساني رسمن ۽ ضابطن تحت ڪنهن جهيڙي ، ڪنهن تصادم ڌيان ڇڪائي ٿو، ۽ ان لفظ کي اچارڻ سان . ترارن، هٿيارن ، بارود ، انساني موت ، خون ريزي، رت وهڻ وارا خوفناڪ نفسياتي رجهان اڀري اچن ٿا .، جيساتئين پرائمري سطح جو اهو ٻار انهن لفظن جي مخصوص فڪري نوعيت ۽ مقصد کي سمجهڻ جهڙو ٿئي تيستائين پرائمري سطح جي ڪنهن به نصاب ۾ جنگ جهڙو ڪوبه موضوع شامل نه هجڻ گهرجي ، ٻولي ۽ ان جي نفسياتي رجحانن کي نظر انداز ڪري ٿلهي ليکي اسان جو جيڪو نصاب جڙيل آهي اهو قطعي تعليم جي حقيقي مقصدن جو پورائو ڪندڙ نه آهي ،

    ان ڪري اسان جي تعليم پنهنجي حقيقي اسٽيٽس تي رسيل نظر نٿي اچي . ان کان علاوه



    هڪ نارمل ٻار جي معصوم فطرت جو مثبت هجڻ ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته ان ٻار جي جي جسم اندر ڪيميائي عمل فطري پروسيس مطابق صحيح نموني هلي پيو ، پر جڏهن ان ٻار جي اڳيان اچانڪ ڪا ڊيڄاريندڙ ڳاله ۽ خوف واري ڳالههڪندا سين ته فطري پروسيس م هلندڙ ڪيميائي عمل متاثر ٿيندو ، جنهن ڪري ان ٻار جي متاثر ٿيندڙ ڪيميائي عمل مان جيڪا نفسياتي ساخت جڙندي اها ايبنارملٽي وارو رجحان رکندڙ هوندي .

    ان ڪري اسان کي پنهنجي پرائمري سطح جي نصاب ۾ شامل سبقن جي نفسياتي امور جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو . ڇاڪاڻ ته ذهن سازي خود هڪ نفسياتي عمل آهي ، ان ڪري اسان کي پنهنجي نصابي ڪتابن ۾ شامل سبقن جي نفسياتي رجحانن جو باريڪ بيني سان نئين سر جائزو وٺڻو پوندو ،

    مثال طور پرائمري جي پهرين درجي (پڪو پهريون ) جي ڪتاب ۾ هڪ نظم آهي ته

    ” پئسولڌم پٽ تان

    پئسي ورتم گاهه“

    اهو نظم ٻاراڻي معصوم فطرت کي ظاهري طرح ڏاڍي مسرت بخشيندڙ آهي ، خوشي ڏيندڙ آهي ، پر فڪري طرح ان نظم جو مقصد اخلاقي قدرن جي زوال وارو آهي ،

    مطلب ته اسان ان سبق ذريعي پنهنجي ٻارن /شاگردن کي اهو درس ڏئي رهيا آهيون ته ” اگر زمين تان اوهان کي ڪنهن جي به ڪهڙي به شي لڀي يان ملي ته اها شي اصلي مالڪ کي واپس ڪرڻ بجاء هڪ دم ان تي پنهنجي مالڪي جتائي ان کي ڪنزيوم ڪري خرچ ڪري ڇڏيو ،

    حالانڪه اخلاقي طرح ٿيڻ ائين گهرجي ته اها لڌل شي واپس ڪرڻ لاء ان جي مالڪ جي پچا ڳڇا ڪرڻ گرجي ، پر ان سبق ۾ اهڙي اخلاقيات جي ابتڙ درس مليل آهي ، جيڪو اڳتي هلي جڏهن ميچوئر سطح کي رسي ٿو ته قبضاگيري، شيون ڦٻائن ، ٻين جون شِيون ڪوڙي طريقي سان

    پنهنجي نالي ڪرڻ وارن سماجي ڏوهن واري نفسيات کي جنم ڏئي ٿو ،

    هن وقت رياست اندر جيڪا به دهشتگردي آهي جيڪا انتها پسندي جي لهر آهي جيڪا بنياد پرستي آهي يا اجتماعي قدرن کان بغاوت جو جيڪو به لاڙو آهي ، ان جا جيڪڏهن بنياد ڳولجن ته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان جي ٺاهيل نصاب ڏانهن ئي ويندا ، اسان جو تعليمي نصاب بنيادي طور تي هيٺين نقطن تي بيٺل آهي ،جدگانه قومي ۽ مذهبي حثيت واري شناخت(انفراديت پسندي )

    انفراديت کي قائم رکڻ لاء ء جنگين جو حوالو ڏيڻ ( مطلب ته انفراديت بچائڻ لاء اڻ سڌي طرح هٿيار کڻڻ واري شعور جي آبياري ڪرڻ )

    اسان جي درسي ڪتابن ۾ نيڪي ، سٺائي، اجتماعي قدرن جي جيڪا شناس ڏنل آهي ، اها مجموعي انساني قدرن بجاء مذهبي رياستي مفادن وارو ذاويو رکندڙ آهي

    ان ڪري اسان وٽ ذهن سازي ڪرڻ واري تعليمي نصاب ۾ شين جا حقيقي ۽ جوهري مقصد نظر انداز ڪيل آهن ان ڪري نتيجن اسان جي هر چڱائي ، هر نيڪي جو تصور ، گروهي طبقاتي ۽ مذهبي ۽ رياستي آهي . تعليم جو بنيادي نقطو ، ياڳر ، انسانيت جي فلاح و بهبود آهي . علم کي گروهي طبقاتي رياستي . مذهبي بنياد ڏيڻ سان ان جا حقيقي مقصد حاصل نه ٿيندا ، ان ڪري اسان کي پنهنجي نصاب مان تعصبي، انفراديت، پسندي، وارا نفسياتي رجحان رکندڙ زاويه ڪڍڻاپوندا . ،

    ان ڪري تعليم کاتي کي گهرجي ته جڏهن به نصاب (خاص ڪري پرائمري نصاب) ترتيب ڏنو وڃي ته ان ٽيم ۾ هڪ نفساتي ماهر ، هڪ سماجي ماهر ۽، هڪ ٻولي ۽ ان جي نفسياتي رجهانن بابت جاڻ رکندڙ ڪنهن ڏاهي/عالم کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن نصاب ۾ شامل سبقن مان جڙندڙ ، سماجي ، نفسياتي ، مقصدن جي صحيح نموني ڪٿ ڪري سگهجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو