لطيف سنگت (ٻارڙن جي تنظيم)

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    لطيف سنگت
    خدابخش جويو
    19 مارچ 1981ع تي سن ۾ ”لطيف سنگت سنڌ“ جو بنياد رکيو ويو. جنهن جو پهريون آرگنائيزر خدا بخش جويو (راقم الحروف) کي چونڊيو ويو. جنهن ٻن مهينن اندر ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ لطيف سنگت جا يونٽ قائم ڪيا.

    اڳتي هلي لطيف سنگت طرفان پندرهن روزه خبرنامو جاري ڪيو ويو هو. جنهن ۾ سڄي سنگت جي ڪارڪردگي ڄاڻايل هوندي هئي.

    لطيف سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻارن کي پنهنجي عظيم تاريخي ورثي کان واقف ڪيو ويو ۽ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو ”لطيف پبليڪيشن“ به شروع ڪيو ويو.

    5 جون 1981ع سائين جي ايم سيد جي موجودگيءَ تي لطيف سنگت جون سن ۾ مرڪزي چونڊون ڪرايون ويون. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان لطيف سنگت جي ٻارڙن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ مرڪزي صدر سليم حيدري (شمشيرالحيدري جو پٽ)، سينئر نائب صدر سليم تاج (تاجل بيوس جو پٽ)، مرڪزي چيف سيڪريٽري غلام رسول لاشاري (ڀان سعيدآباد)، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ڪرم علي رستماڻي (نوابشاهه)، مرڪزي سينئر نائب صدر سوجهرو سنڌي ۽ مرڪزي پريس سيڪريٽري ايوب عمراڻي (سن) چونڊيا ويا.

    لطيف سنگت جو منشور:

    1. سنڌي ٻارڙا پنهنجي وطن جي عظمت لاءِ ڪم ڪنداسين.

    2. سنڌ جي سڀني ٻارڙن ۾ ايڪو پيدا ڪري کين هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ.

    3. سنڌي ٻارڙن ۾ حب الوطني، خوداعتمادي، نيڪ نيتي ۽ خلوص پيدا ڪرڻ لاءِ متحد ڪرڻ.

    4. سنڌي ٻارن کي پنهنجي وطن، ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ذهني ۽ عملي طور تيار ڪرڻ.

    5. لطيف سنگت پاران مفت ٽيوشن سينٽر قائم ڪرڻ، جيئن غريب ٻار ڳاٽي ڀڳي خرچ کان بچن.

    6. ٻارن ۾ موسيقي ۽ راند جا مقابلا ڪرائڻ.

    7. ريڊيو ۽ ٽي وي تي گڏجي سنڌي ٻارن کي پروگرام وٺرائي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ.

    8. سنڌي ٻارڙن ۾ سماجي ۽ ادبي جذبو پيدا ڪرڻ.

    9. لطيف سنگت جي هر شاخ طرفان هفتيوار ۽ ماهوار گڏجاڻيون ڪرڻ.

    10. لطيف سنگت جي مرڪز طرفان هڪ پندرهن روزا خبرنامو جاري ڪرڻ، جنهن ۾ سڀني شاخن جي ڪارڪردگي جو احوال ڏيڻ.

    11. ٻاراڻي ادب جي ڪنهن سٺي ڪتاب تي انعام ڏيڻ.

    12. لطيف سنگت پاران يتيم، غريب ٻارن کي مفت ڪتاب ۽ کين اسڪالرشپون ڏيڻ ته جيئن غريب شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن.

    13. لطيف سنگت پاران سنڌي اديبن شاعرن ۽ فنڪارن سان شامون ملهائڻ.

    14. ٻارڙن جي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ منجهن ڳالهائڻ جي اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ تقريري مقابلا، مباحثا ۽ گڏجاڻيون ۽ ٻيا پروگرام ڪيا ويندا.

    15. سنڌ جي اهم شخصيتن عظيم اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ.

    16. سنڌي ٻارڙن کي سنڌ جي تاريخي جاين ۽ ثقافتي ميلن جا سير ڪرائڻ.

    17. سنڌي ٻارڙن کي ريڊيو، ٽي وي اسٽيشن، جديد قسم جي ڪارخانن وغيره جو سير ڪرائڻ ته جيئن اهي جديد فني ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

    18. ليکڪ سنڌي ٻارن کي سال ۾ هڪ دفعو سنڌ سطح تي گڏجاڻي/ پارٽي ڏيڻ.

    19. لطيف سنگت جي هر يونٽ ۾ لائبريري کولرائي ٻارن ۾ علمي ادبي چاهه پيدا ڪيو ويندو.

    20. مصور ٻارن جي تصويرن جي نمائش ڪرائي ويندي ۽ ٻارن کي ڊرامن ۾ حصو وٺرائي، سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ويندو.

    21. سنڌي ٻارن لاءِ گيت، ڪهاڻي ۽ جنرل ناليج جون ڪيسٽون تيار ڪرايون وينديون.

    22. سنڌي ٻارن لاءِ ماهوار رسالو ڪڍيو ويندو، جنهن ۾ ٻارن جي لکڻين کي ترجيح ڏني ويندي.

    23. لطيف سنگت طرفان سنڌ ۾ موجود ٻاراڻي ادب کي گڏ ڪري ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

    لطيف سنگت جي ڪارڪردگي:

    لطيف سنگت جي انهن 23 نڪاتي منشور تحت سنڌي ٻارڙا متحد ٿيڻ لڳا ۽ انهن ۾ پاڻ سڃاڻن جو جذبو پيدا ٿيو.

    1981ع ۾ لطيف سنگت طرفان پندرهن روزا خبرنامو جاري ٿيو. جنهن ۾ سڄي سنگت جي ڪارڪردگي ڄاڻايل هوندي هئي. سنڌي ٻارن کي پنهنجي عظيم تاريخي ورثي کان واقف ڪرايو ويو ۽ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو راقم الحروف جي نگرانيءَ ۾ ”لطيف پبليڪيشن“ شروع ڪيو ويو.

    لطيف سنگت طرفان سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۾ ڪيترائي پروگرام ڪيا ويا. جن مان هتي مختصر طور جو ذڪر ڪجي ٿو:

    · 5 سيپٽمبر 1981ع ”پيغام لطيف“ جي موضوع تي ڪراچيءَ ۾ پروگرام ٿيو، جنهن ۾ مهمان خاص ڊاڪٽر سليمان شيخ هو.

    · پٺاڻ ڳوٺ گدو ۾ مفت ٽيوشن سينٽر قائم ڪيو ويو.

    · مائي ڀاڳيءَ جي مالي مدد ڪئي وئي.

    · پي ٽي وي تان سنڌي ۾ ٻارن جي پروگرام ”روشن تارا“ کي شروع ڪرڻ لاءِ مهم هلائي وئي.

    · مختلف شهرن ۾ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا ويا.

    · 1982ع کان لطيف سنگت طرفان ”ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو“ جي روايت وڌي وئي.

    · لطيف سنگت تمام گهڻا اديب ۽ سياستدان پيدا ڪيا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو