انٽرنيشنل اسٽائل بيسڊ (سنڌ ٽي وي) ميڊيا ايوارڊ ! ڪنهن جي اجاداري؟ ائين ڪيسين هلندو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هوسٽنگ سواءِ (مسرور راڄپر جي) بلڪل غير پائدار هُئي، هوسٽ ٻئي کي گفتگو ختم کان پهرئين انٽرپٽ ڪري ڪٽيندا رهيا ۽ فبلنگ تمام گهڻي هُئي. ُواحد لاجواب هوسٽ (مسرور راڄپر هو) ۽ بهترن هوسٽنگ سان شو به هن ئي هلايو ٻيا هوسٽ 100 سيڪڙو ناڪام رهيا.
    نه صرف سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) جي نگريءِ ۾ بلڪه پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو (انٽرنيشنل طرز) تي پيش ٿيندڙ (سنڌ ٽي. وي. ايوارڊ) جي تقريب بروز اربع 11 مارچ 2015 وقت 10 بجي کان آڌهي رات 4 بجي تائين ٿي گُذري. هن شاندار تقريب ۾ (نيوز ۽ انٽيرٽينمينٽ) شعبي ۾ سنڌي ٽيلنٽس کي ايوارڊ ڏنا ويا. هن شاندار تقريب جو سهرو بيشڪ چيف ايگزيٽو آفيسر (جناب عبدالڪريم راڄپر) ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر (جناب اجيت آهوجا) جيڪي آخر تائين موجود رهيا ۽ هر هڪ سيٽ تي وڃي پنهنجي مهمانن جي آجيان ڪندا رهيا. پر هن پروگرام کي بهترين ۽ ڪامياب بنائڻ ۾ گهڻو هٿ انٽرٽينمنٽ شعبي جي پروگرام مئنيجر (جناب عبدالرئوف ڪنڌر )۽ خوبصورت هوسٽ (جناب مسرور راڄپر) جي هٿ ۾ هو. ۽ نيوز ٽيم جو سمورو غور فڪر مهمانن بجاءِ شو ۾ ايندڙ گهڻي ڀاڱي پنهنجي (فيملي ميمبرن ۽ دوستن کي (فرنٽ اڇا صوفا سيٽ )ڏيارڻ ۽ انهن لاءِ ئي رفريشمينٽ ۽ چانهه جو ارينجمينٽ) ڪرڻ تي هو. انڪري ئي نيوز شعبي جي ايوارڊ دوران شروع ۾ ٽيڪنيڪل (آڊيو وڊيو ۽ بيڊ ايڊمنسٽريشن) پرابلم رهيا ۽ محسوس ڪندي (انٽرٽينمينٽ شعبي )جي دوستن جي صلاح مشوري سان شو ڪامياب ٿيو. هن شو ۾ سنڌي آرٽسٽس (ايڪٽرس ۽ ايڪٽريس) کي ٽوٽل نظر انداز ڪيو ويو. انهن لاءِ پراپر سيٽ ارينجمين نه هُئي ۽ جيڪي فرنٽ سيٽ لائين (اڇا صوفا) تي ويٺا ته اُنهن کي اُٿاري (نيوز شعبي جي اسٽاف جي فيمليز ۽ فرينڊس کي وهاريو ويو. ائين لڳو پئي ته اها ارينجمينٽ گهڻي ڀاڱي نيوز شعبي سان وابسطا اسٽاف جي فيملي ۽ دوستن لاءِ مخصوص ٿيل هُئي. آرٽسٽ لاءِ ڪنهن به ڪوششون نه ورتيون ۽ امپراپر سيٽنگ ارينجمينٽ هُئي ۽ ٻي خامي ناظرين لاءِ ڊگهيون ڪُرسيون رکيون ويون جنهن ۾ ويٺلن کي شو ڏسڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي ۽ اڪثر بهي شو ڏٺو جن کي اسٽيج تان بار بار سيٽ تي ويهڻ لاءِ چيو ويو. رفريشمينٽ ۽ چانهه جو بندوبست به مهمانن کان علاوه صرف (نيوز ٽيم جي) فيملي ۽ فرينڊس لاءِ ئي هو ۽ والينٽيئر صرف اُنهن جي خدمت تي مامور ڏٺا ويا. الغرض (نيوز شعبو) هر لحاض کان مُڪمل هاوي هو. ۽ انٽرٽينمينٽ مُڪمل نظر انداز ٿيل .بحر حال بلآخر انٽرٽينمينٽ جي (مسرور راڄپر)، عبدالرئوف ڪنڌر ۽ عبدالرشيد خاصخيلي مداخلت ڪندي (مدد ڪندي) انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل طور تي ناڪام ٿيندڙ هن ايوارڊ شو کي بچائي ورتو ۽ پوءِ هي شو تمام گهڻو ڪامياب رهيو. نيوز شعبي جا دوست ايوارڊ وٺي هڪدم هليا ويا ۽ انٽرٽينمينٽ شعبي آڌي رات تائين ويهي شو کي ڪامياب بڻايو. انٽرٽينمينٽ آرٽسٽس ۽ حتيٰ ڪه نامينيٽيڊ آرٽسٽس لاءِ ويهڻ جو بندو بست نه هو. ايستائين جو _اڇن صوفن تي ويٺل سينيئر ڊائيڪٽرس کي به اُٿاري نيوز شعبي وارن پنهنجي دوستن ۽ فيملي ميمبرن کي ايڊسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ پوءِ جيئن ڪي سينيئر ۽ نامنيٽيد انٽرٽينمينٽ آرٽسٽ ناراض ٿي شو ڇڏي وڃڻ وارا هُئا ته انتظاميا سان ڳالهايو ويو جن بل آخر آخري ٻن صوفن تي آرٽسٽ ي ويهڻ جي اجازت ڏني. اهي صوفا تڏنهن خالي ٿيا جڏنهن گهڻي ڀاڱي نيوز وارا ايوارڊ وٺي روانا ٿي ويا. آئنده ٻئي شعبه بيلنس هُئڻ گهرجن، ايوارڊ جي تقسيم (الٽرنيٽ) بُنياد تي هُئڻ کپي ها يعني پهريون ايوارڊ (نيوز لاءِ) ته ٻيو (انٽرٽينمينٽ لاءِ). ايوارڊ ۾ 90 سيڪڙو ميرٽ هُئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بهترين پروگرام بهترين ڪاوش
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

    سوشل ميڊيا جي ويئورس لاءِ سندن گهڻي اسرار ۽ خاص طور (محترمه انيتا جسڪاڻيءَ) جي خواهش تي اسان هڪ لنڪ (ٽپيڪل ٽاڪ) مان پيش ڪريون ٿا. جيڪو سنڌي ميڊيا جو مهان ۽ لاجواب ڪاميڊي جوڙي (علي گُل ملاح ۽ سُهراب سومرو) سنڌ ڌرتيءَ جي( ٽپيڪل ٽاڪ) جي نالي تي پيش اصلاحي ۽ تنقيدي جائزو وڄي هڪ لاجواب پيروڊي (مذاح ) جو پروگرام ڪيو هو. هي پيروڊي پروگرام سنڌي ميڊيا جي چئنل (ڌرتي) تان هر هفتي (ڇنڇر ۽ آچر) تي پيش ڪندا آهن. ۽ هي نه رُڳو پنهنجن ساٿي فنڪارن سان گڏ معاشري جي هر شخصيت ۽ ڪردار جي شاندار ۽ لاجواب پيروڊي ڪندا آهن. هيءَ پيروڊي به سنڌي ميڊيا جي هڪ چينل (سنڌ ٽي ويءَ) جي ايوارڊ شو کي مد نظر رکي ڪئي وئي آهي ، جنهن ۾ (ڊفر) يعني اسانجي دوست هارر شو جي لاجواب ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽر (ظفر جسڪاڻيءَ) کي ذهن ۾ رکي پيش ڪيو ويو آهي ته اچو ته ڏسون ۽ پُر لطف ٿيون .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو