پيارا سمان صاحب انتهائي خوبصورت لوگو، توهان ڊيزائن ڪيا آهن جس لهڻو، جو توهان سنڌ سلامت لاءِ الاهي ساري محنت ڪئي آهي شاباس اٿئو الله سائين توهان کي توهان جي هن فن ۾ اڃان به گهڻي ترقي عطا ڪري آمين
ادا مونکي خوشي آهي ته توهان سنڌسلامت لاءِ لوگوز تيار ڪيا آهن پر منهنجا مٺڙا ڀاءُ جڏهن اسان وٽ هر سهولت موجود آهي ته پوءِ به انگريزي ۾ ڇو؟ ادا هي مڪمل سنڌي فورم آهي ۽ اسين اهو ثابت ڪرڻ چاهيون ٿا ته دنيا وارا به ڏسن ته اسان جو فورم مڪمل سنڌي آهي ان لاءِ جيترو ٿي سگهي سنڌيءَ ۾ ڪم ڪريو منهنجو مقصد اهو آهي ته فورم ۾ سنڌيءَ کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي استعمال نه ڪجي ۽ سنڌي به اُها استعمال ڪجي جيڪا نج سنڌي آهي اردو يا انگريزي مليل سنڌي نه کپي۔ ڇاڪاڻ ته هن فورم تي اڪثريت نوجوان ۽ شاگردن جي آهي سو انهن کي نج سنڌي سيکارڻ لاءِ اسان کي ئي محنت ڪرڻي پوندي پنهنجي اصلي نج سنڌي بچائڻ لاءِ۔ مهرباني۔