ماکيءَ کان مٺڙو شخص ”محمدسليمان وساڻ“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]

    جڏهن سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو نالو اچي ته ذھن تي گلڙن جهڙي پياري ۽ ماکيءَ کان مٺي شخصيت جي تصوير ذهن جي اسڪرين تي اڀري اچي ٿي، سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو نالو ئي مون پهرين محمد سليمان وساڻ جي ڊزائين ڪيل شاعري ۾ ڏِٺو هو، سندس ٺاهيل ڊزائين جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ ٿيندي، ڊزائين ٺاهڻ لا وٽس خيالن جو اڻکٽ خزانو آهي ۽ ڊزائين کي سهڻي نموني پيش ڪرڻ جو ڏان به وٽس آهي. جِتي ڳالهه هلي سنڌي ٻولي جي خدمت جي ته سليمان وساڻ جو نالو به ٽاپ ٽَين تي آهي ، پنهنجي ڊيوٽي جي مصروفيتن باوجود به هي سادڙو ۽ گلن جهڙو پيارو دوست قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ٻولي جي خدمت ۾ صَرف ڪندو آهي. سندس سلامت لا ڪيل خدمتن جي جيتري ساراھ ڪجي گهٽ ٿيندي.
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم سنڌسلامت تي ڪتابن جو ذخيرو ڪرڻ (جيڪو انتهائي ڏَکيو ڪم آهي) ، دوستن لا برٿ ڊي ڪارڊز ٺاهي انهن جي جنم ڏينهن تي دعائن سان گڏ موڪلڻ ، سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سندس سڃاڻپ آهي.
    منهنجي ساڻس جڏهن کان واقفيت ٿي آهي ته هرسال منهنجي جنم ڏينهن تي کوڙ سارين دعائن سان گڏ هڪ خوبصورت ڪارڊ به موڪليندو رهندو آهي ۽ اڄ جڏهن سندس جنم ڏينهن آهي ته ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان، دل چاهي پئي ته ڪارڊ موڪليان پر انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب هيءُ موضوع به ڏاڍي مشڪل سان موڪلي رهيو آهيان.
    ۽ آخر ۾ پياري دوست سليمان وساڻ کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون، دعا آهي ته الله پاڪ توهان کي وڏي ڄمار عطا فرمائي ته جيئن توهان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهو ۽ الله پاڪ توهان کي هميشه تندرست ۽ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي . آمين ثم آمين.

    جنم ڏينهن مبارڪ
    [​IMG]
    [​IMG]

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي،
    ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي،
    ساجنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون.


    رب پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن ڪرم ڪيو آهي ۽ زندگيء جو هڪ ٻيو سال ڏنو آهي ته جيئن سندس نعمتن تي شڪر گذار رهان ۽ سندس بندن جي خدمت ڪيان۔

    سچ اهو آهي ته ايڏو اندازو ڪونه هئو ته دوست ايڏو پيار ۽ محبتون ارپيندا، مان ته ڪجهه به ناهيان، ٻه لفظ لکي ۽ ٻه سٽون سرجي دوستن لاء شيئر ڪندو آهيان، پر موٽ ۾ دوستن جو ايڏو پيار ... اکين ۾ لڙڪ اچي ٿا وڃن. سڀني دوستن جا قرب جن منهنجي جنم ڏينهن تي سهڻا ڪارڊ ٺاهي، فون ڪال ڪري، واٽس ايپ ۽ موبائل تي ميسيج ڪري، فيسبوڪ تي شيئرنگ ڪري اهڙي ته لفظن سان پيش ڪيو آهي جو سندس ٿورا لاهڻ لاء ڪي لفظ ئي ڪونه ٿا ملن۔

    اوهان سڀني پيار، خلوص، محبتن، يادن ۽ دعائن سان گڏ پنهنجائپ ۾ ياد رکيو آهي ان لاء اوهان سڄڻن جو قرضدار آهيان۔ اوهان ڪارڊ نه ٺاهي سگهيا ڪا ڳالهه ناهي، اوهان جا احساس، اوهان جون محبتون قدر رکن ٿيون، جن جو احساس اٿم. سنڌ سلامت مونکي سڃاڻ ڏني آهي، سنڌ سلامت سٿ جو ٿورائتو آهيان. اڄ صبح فيسبوڪ سڄو منهنجي ڪارڊز سان ڀريل هو .... خوشي سان گڏ اهو احساس به پئي ٿيو ته مونکي موٽ ۾ ٻوليء لاء اڃان وڌيڪ ڪرڻ گهرجي، جيڪو نه ڪري سگهيو آهيان.

    سنڌ سلامت سميت سڀني دوستن جي سڪ ۽ پيار لاء سندن احسانمند آهيان۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سندن دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرمائي ، هميشه مرڪندا رهن ، سدا سلامت هجن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جنهن فنڪشن ۾ سليمان وساڻ هوندو آهي اتي مونکي پنهنجو پاڻ اوپرو محسوس نه ٿيندو آهي، پوءِ ڀلي هن سان ڳالهه ٻولهه ٿئي يا نه ٿئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين سليمان وساڻ سنڌ جو قيمتي اساسو آهي،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستن جي محبتن ڀريي موٽ جو اندازو هنن ڪارڊز مان لڳايو ..... هن لنڪ تي البم موجود آهي.

    لک قرب دوستو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    وڏي رَهائي اٿوَ سائين...هههه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    فيسبوڪ تي اوهان کي سالگرهه جون مبارڪون ته ڏئي چڪا آهيون پر سنڌ سلامت تي مبارڪ ڏيڻ جو مزو ئي الڳ آهي....
    سائين سليمان وساڻ...... مست طرفان سالگرهه جون واڌايون....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    توهان جهڙا دوست جو آهن ... !!!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو