
جڏهن سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو نالو اچي ته ذھن تي گلڙن جهڙي پياري ۽ ماکيءَ کان مٺي شخصيت جي تصوير ذهن جي اسڪرين تي اڀري اچي ٿي، سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو نالو ئي مون پهرين محمد سليمان وساڻ جي ڊزائين ڪيل شاعري ۾ ڏِٺو هو، سندس ٺاهيل ڊزائين جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ ٿيندي، ڊزائين ٺاهڻ لا وٽس خيالن جو اڻکٽ خزانو آهي ۽ ڊزائين کي سهڻي نموني پيش ڪرڻ جو ڏان به وٽس آهي. جِتي ڳالهه هلي سنڌي ٻولي جي خدمت جي ته سليمان وساڻ جو نالو به ٽاپ ٽَين تي آهي ، پنهنجي ڊيوٽي جي مصروفيتن باوجود به هي سادڙو ۽ گلن جهڙو پيارو دوست قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ٻولي جي خدمت ۾ صَرف ڪندو آهي. سندس سلامت لا ڪيل خدمتن جي جيتري ساراھ ڪجي گهٽ ٿيندي.
سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم سنڌسلامت تي ڪتابن جو ذخيرو ڪرڻ (جيڪو انتهائي ڏَکيو ڪم آهي) ، دوستن لا برٿ ڊي ڪارڊز ٺاهي انهن جي جنم ڏينهن تي دعائن سان گڏ موڪلڻ ، سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سندس سڃاڻپ آهي.
منهنجي ساڻس جڏهن کان واقفيت ٿي آهي ته هرسال منهنجي جنم ڏينهن تي کوڙ سارين دعائن سان گڏ هڪ خوبصورت ڪارڊ به موڪليندو رهندو آهي ۽ اڄ جڏهن سندس جنم ڏينهن آهي ته ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان، دل چاهي پئي ته ڪارڊ موڪليان پر انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب هيءُ موضوع به ڏاڍي مشڪل سان موڪلي رهيو آهيان.
۽ آخر ۾ پياري دوست سليمان وساڻ کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون، دعا آهي ته الله پاڪ توهان کي وڏي ڄمار عطا فرمائي ته جيئن توهان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهو ۽ الله پاڪ توهان کي هميشه تندرست ۽ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي . آمين ثم آمين.
جنم ڏينهن مبارڪ

