گُردي جي پٿري ختم ڪرڻ وارو فُروٽ (ڇاهين)

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇاهين (واٽر ميلن) يا تربوز هڪ عام ملڻ وارو فُروٽ ته آهي پر مثاني جي پٿري ختم رڻ ۾ به هن جو ڪو ثاني ناهي. ڇاهينءِ بابت نبي سائين ج جو ارشاد آهي ته هي مثاني کي ڌوئي صاف ڪري ٿو ڇڏي، قوت باه ۾ واڌ ٿو آڻي ۽ پوءِ پاڻ (صلعم) وڌيڪ فرميائون ته هن جو استعمال پيٽ کي ڌئي صاف ٿو ڪري ۽ پيٽ ۾ موجوس سڀني بيمارين کي ختم ڪري ٿو ڇڏي. هي پٿريءَ کي ذره ذره ڪري پيشاب جي وسيلي خارج ڪري ٿو ڇڏي. جي توهان کي معده ۾ قبض، گيس يا ساڙو هُجي يا بُک گهٽ لڳندي هُجي ته هن جو شربت ٺاهي پئجي. هن ۾ موجود (لائيو سين) ڪينسر کان بچائي ٿي. پروٽيسٽ کي بچائي ٿي، ٽٽل ڦٽل ٽشوز جي مرمت به ڪري ٿي. هن جا ڪارا ڪارا ٻڄ هڪ بهترين قسم جي چڪناهٽ ۽ پروٽين رکن ٿا. هن ۾ (فائٽو نيوٽرس) به هوندو آهي جيڪو صحت تي بهترين اثرانداز ٿئي ٿو. ۽ جسم جي اندرئين حصن ، اک ۽ غدود کي فعال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هن ۾ پاڻي ئي پاڻي هوندو آهي جيڪو پوري جسم کي ترو تازه رکندو آهي. جسم کي ٿڌ پُهچائڻ واري هن کان وڌيڪ ٻي ڪا به بهترغذا ڪانهين. هي بلڊ پريشر کي به نارمل رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي. دل جي دوري پوڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. جسم جي اندروني زخمن کي ختم ڪري ٿو. السر، معدي ۽ سيني جي جلن ۾ خالي پيٽ ۽ صبح ساڻ کائڻ ۾ مُفيد آهي. ڇاهين گرم مُلڪن ۾ پئدا ٿيندي آهي ۽ مشرق وسطيٰ جي هر مُلڪ ۾ پئدا ٿيندي آهي. امريڪا جي رياست ڪيلفورنيا جي ڇاهين پنهنجي مٺاس ۽ رنگ ۾ مشهور آهي. اڪثر ماڻهون ڇاهيئن کي گهڻو ڳاڙهو ۽ مٺو ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڳاڙهي رنگ ۾ اسڪرين جي انجيڪشن هڻندا آهن. بُنيادي طور تي هي فُروٽ افريقا جو آهي. ۽ اٺ ڪله پاڪستان ۽ چائنا ۾ ننڍي وزن جون ڇاهيون پوکبيون آهن. گهڻي وزن جي ڪري هي فروٽ زمي تي ئي ڦهلجندو ويندو اهي. بهترين ۽ پڪل ڇاهين لاءِ هن کي ٺونگا هڻي جانچيو ويندو آهي جڏنهن موٽ ۾ مدهم ۽ بهترين سائونڊ اچي ته سمجهبو آهي ته هي پڪجي ويو آهي. گهڻن حديثم ۾ هن جو ذڪر اهي. حضرت سُهيل بن سعد رضيه کان روايت آهي ته نبي سائين (صلعم) جن تازين ۽ پڪل کجور سان گڏ ڇاهين کائيندا هُئا. ابن دائود ۾ اضافي سان ٻُڌايل آهي ته هن جي گرمي هن جي ٿڌ کي ۽ هن جي ٿڌ کي هن جي گرمي ٽوڙي ٿي هن جو کائڻ ۽ شرب ڪري پيئڻ مثانن کي ڌوئي صاف ڪري ٿو. اڪثر محدثن مان روايت آهي ته نبي (صلعم) جن کي ميون ۾ انگور ۽ ڇاهين گهڻي وڻندي هُئي.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مارچ 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163

هن صفحي کي مشهور ڪريو