انجير بواسير يعني (موڪن) جي خاتمي لاءِ استعمال ڪريو. انجير جو اصل مُلڪ شام، فلسطين ۽ مصر رهيو آهي. هنن مُلڪن ۾ انجير (جنگلي) به ملي ٿو ته پوکيو به وڃي ٿو. انجير جو وڻ ٿيندو آهي جنهن جي ڊيگه تقريبن ٽيه فوٽ کن هوندي آهي. هن وڻ ۾ سال ۾ ٻه دفعا ميوو لڳندو آهي. الله جل شانهُ هن ميوي جي هڪ صفت رکي آهي ته هن مان ڦوڳ (فضلو) نٿو ٿئي . ان ڪري طويل بيماريءَ کان پوءِ به صحتيابيءَ لاءِ انجير کائڻ کي مُيد چيو ويو آهي. هي ميوو طبيعت ۾ نرمائ پئدا ڪري ٿو. هن جي ڪثرت استعمال سان خوني موڪا (خوني بواسير) پهرئن خوراڪ واپرائڻ سان رُڪجي وڃي ٿي. مسا خود بخود خشڪ ٿي ڪري پون ٿا. زمين جي جن پودن جو قرآن پاڪ ۾ ذڪر آيو آهي ان ۾ انجير کي سڀني پودن تي امتياز ۽ برتري آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ۽ الله جل شانهُ پاڻ قسم کائي چي ٿو ته (قسم آهي انجير جو) ۽ قسم آهي زيتون جو (اسان وارو سنڌي زيتون نه پر ٻير وانگر عربي زيتون) ، ۽ طور سينا جي ان امن واي شهر جو ته اسان انسان کي بهترين انداز ۾ پئدا ڪي آهي. (پوءِ به مار پوي عباسي ، ميرن ۽ نادرشاه جي دئورن تي جنهن سان ( سنڌ جو انسان الائي موالي ڇو ٿيو آهي) انجير لاءِ قرآن پا ۾ چيل آهي ته هي جنت جو ميوو آهي ته ان ۾ شق نه هُئڻ گهرجي ته هي موڪن (بواسير) کي ڪٽي ڦٽو ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ طرح زيتون ۽ ڪلونجي (هُرٻو) ۾ به اهڙيون ئي صفتون آهن جنهن متعلق نبي سائين (صلعم) جو ارشاد آهي ته توهان لاءِ زيتون جو تيل موجود آهي، ان کي کائو ۽ جسم تي مالش ڪريو هي بواسير (موڪن ۾) فائدو ڏي ٿو. انجير، زيتون ۽ هُرٻي يعني ڪلونجيءَ سان خوني، بادي ۽ خارشي موڪن (بواسير) جو علاج ٿئي ٿو. ڇو جو هي ميوو، تيل ۽ ڪارا داڻا قبض جهڙي مرضن جي ماءُ جو خاتمون آڻين ٿا.