• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه لطيف جا ڊزائن ڪيل بيت سمجهاڻي سان گڏ

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي بيتن جي سمجهاڻي ۽ انهن کي سهڻي ڊزائن ۾ پيش ڪرڻ جو روزانو جو سلسلو هلندڙ آهي. انهن بيتن جي سمجهاڻي ۽ پسمنظر محترم مظفر منگي صاحب جي مهرباني سان ڏيندا رهون ٿا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سر سامونڊي

سُر سامونڊيءَ جو فڪري اڀياس ( اقتصادي، روماني ۽ نفسياتي حوالي سان)

وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا

سَرَ نِسرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين

تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سَي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا

جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون

لاهِيان جَي نہ چِتان، اَلا ! اُنِ مَ وِسِران

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَهه اُپَٽِيا

سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُندَرَ گاڏُئُون

پَڳَھَ پاسَي گهارِ، آيَلِ ! سامُونڊِيَنِ جَي

نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَههَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا

نَنگَرَئُون نَيڻَين، مَنُ اولِيَ نَہ اوهِري

سَيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جَڏَهِن سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا

سامُونڊِي سارَي، مَٿَي تَڙَ گُذارِيان

اُلَوڙِڻُ نَه ڏِئَي، وَرُ وِڌَائِين وَنجَهه کَي

اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجَارَن جُون

سَرَ لَوهِيڙا ڳڀِيَا، ڪُسَرَ نِسِريَا

جَا جَرَ جَاٽُون نَه ڏِئَي، ڏِيَا نَه مَوهَي

کَارَي کَيڙائُو، مِٺَي مَوٽِي آئِيَا

وَڻِجَارَي ڪَانڌَاءُ، مُون وَرُ وَيٺَي گَهارِيَو

هِنئَڙَو ٻَيڙِيءَ جَان، ڏُتَڙِ پَئَي ڏِينهَن ٿِيَا

وَانءُ وَڃِي وَائُٺِ، هِنئَڙَا ! مَاڳُ پِرِيُن جَو

اَولَا کَڻِي اُوءِ، پَڳَهَه ڇَوڙَي پَنڌِ ٿيَا آيَلِ ! سَامُونڊِيُنِ جي

اَڄُ پِڻُ وَايُون ڪَنِ، وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون

لَڳي اُتَرَ اَوهِرِيَا، وَاهُوندَي وَرَنِ

اَسَان اُڌَارَا ، آڻَي اَوَنگَ چَاڙِهِيَا

ڏِٺَي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيُنِ سِڙَھَ سَنبَاهِيَا

ڍَولِيَو وِيَڙَو ڏَورِ، تَي ٿِي سِيءَ گُذَارِيَان

جَيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندَومِ، جِئَن مُون بيٺَي هُنَ ٿَيلِيَو

اَوڙاهَه وَيا نه وَريَا، آئون تَنهَن مَاري وَيڻَ

نَه سَي تَڙِ هَوڙَاڪَ، نَه وَايُون وَڻِجَارَن جُون

اَڱَڻِ آئِيَا جَان، سَرِتِيُون مُون سُکَ ٿِيَا
 
سُرُ سُهِڻِي

تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئي؟ جَي سِيرَ نَه گِهڙَي سُهڻِي

عِشِق جَنِين کي آڪِرو، تُرهَو مٿي تَنِ

سِهَ سِيَارَو پَاڻي پَارَو، جِتِ جُهڙ جَهڪ ۽ جَهولَ

ڳِچيءَ پَايَو ٻَانهَن، وَيٺِي رَوءِ وَڇُن سِين

سَندَو ڏَمَ ڏَهَڪَارُ، هَڏهِين ڪَونهَي هِنَ کَي

تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئي؟ جَي سِيرَ نَه گِهڙَي سُهڻِي

مُحَبَتِي مَيهَارَ جُون، دِل اَندَرِ دُونهيُون

اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا

ڪَو جَو وَرِيَو وَاءُ، جِيئَن ٻَانهُنِ ٻَرُ ڇَڏِيَو

سَهَسينِ سَائِرَ گَجَنِ، تَوءِ سَهَجَ نَه مَٽَي سُهُڻي

لَهَرِ مِڙَوئِي لَالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيَان وِتِرَو

مَرِجُ وَٽِ مَيهَارَ، مَتَان مَوٽِين سُهُڻِي

لَيَا ڏِٺَمِ لَارَ، سَانڀَارَا سَاهَڙ جَا

ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ

وَرُ اُوندَاهِي رَاتِڙِي، کُوءِ چَانڊَوڻِيءَ چَانڊَان

سَاهَڙَ ڌَارَان سُهِڻِي، نِسَورِي نَاپَاڪَ

گَهرُ نَہ وَرُ، وَٿُ ڪَا، آهِمِ مَنُ مَيهَارُ

ڏِٺَي ڏِينهَن ٿِيَامِ، ڪَوھُ ڄَاڻَان ڪَهِڙَا پِرِين

سِڪَ سِڪَندِيُنِ لَاھِ، وِڇَوڙِيَا مَيڙِ پِرِين

سِڪَ تُنهِنجِي سُپَرِين، اَندَرَ ۾ اُجَهاڳُ

تَرَان تَان مَرَان، وَرَان تَان وَھَ وِتِرَو

وَڃَان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِيءَ چَئَي رَهِي رَهَان

ڀَيلَي ڀُلَائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِئِي

ڪَڍِيَا جَي ڪُلَالَ، سَي پَسِي خَالَ خُوشِ ٿِئَي

اَلَستُ اَرِوَاحَنِ کَي، جَڏَهِن چَيَائُون

جَا هَڙَ اَندَر جِي، سَاهَڙ ڏِنِي سَاھَ کَي
جَيهَرَ لَوڪُ جَهپَ ڪَرَي، ذَرَو جَاڳَ نَہ هَوءِ


ڪَچَي سَاڻُ ڪَهَي، پَڪَو پُڇَي نَہ سُهِڻِي

کَامَان، پَچَان، پَڄِرَان، لُڇَان ۽ لَوچَان

ڪَارِي رَاتِ ڪَچَو گَهڙَو، مَٿَان وَسَي مِينهُن

پَسُ پَسِڻَان پَرَي ٿِيَا، اَورَي سَندَنِ آرُ

مَيهَارَان مَهِي، پِيتَائِين پِرَيمَ جِي

آڌِيءَ اُڌَاڻَو، هِنئَڙَو مُون هَٿَنِ مَان

هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هَاڪَ، سُتَي سَنڀَارَنِ جِي

سِڪَڻَ وَارَنِ سُٿِرَو، جَي دَهشَتَ سَان دَرِيَاھُ

مِنهَن جَنهِين جَي مُون، ڏِٺَو مُنهُن مَيهَارَ جَو

سِيَارَي سِههَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن

نَڪَا جَهولَ جَهلَيسِ، نہ تَانگَو نہ تَارِ ڪِي

وَاهُڙَ وَهِين مَ شَالَ، سُڪِي ٻَيلَاٽِيُون ٿِئَين

جِيَارِيَسِ سَنڀَارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي؟

گِهڙِي گَهڙَو هَٿِ ڪَرَي، ٻَهُون نِهَارَي ٻَنگُ

گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا
 
سُرُ سَسُئِي آبِرِي

ڪَجَي پَنڌُ پُڇان تو، ڪَيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئن؟

سَيڻَنِ ڪارَڻَ سَسُئِي ! وَڃَڻَ ڪَجَي وَسُ

ٻَلَرِ لڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ جَرا ٿِيَي

هاڻِ نَہ جِيان جَيڏِيُون !، زُلفَ زافُ ڪِياسِ

واقِفِ نه وَڻِڪارَ جِي، اَڳُ نه ڏيهُه ڏِٺومِ


پَسِي جهاجَهه جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ


هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو سَي رَسِيُون

ڀَنڀَو جو ڀَنڀَورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏٺم ڪالَ

عُمِرِ سَڀِ عِشِقَ سِين، پُنُهُون جَي پُڇَنِ

سُکَنِ وَارِي سَڌ، مَتَان ڪَا مُون سين ڪَرَي

هَيجُ نَه هَوندَو جَنِ سِين، سَي ڪِيئن وِندُرَ وِينديُون؟

جُدَائِيءَ جَو جَامُ، ڏِنَائون ڏُکِيءَ کَي

رَائي ڪَئي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ ٽَاڪِيَو چَڙَهَي

مُنڌَ مَ مَنَهَنِ وَيهُه، اُڀي اَوسِرُ اُسَ ۾

اُٿِيَو ۽ اُٿِيَاڪُ، ڪَالهَوڪَو ڪَاڏَي گَيَو

ڏَيھُ ڏَيهَائِين ڏُورِ، پَرِ ڏَيهَا پَرَي ٿِيَا

آءُ اَورَاهَون، سُپَرِين! ڏُکِيَ ڏَيجُ مَ ڏَاگُھ

جِيئَڻُ جَتَ ڌَارَا، مَعذُورِ جَو مَسَ ٿِئَي

وَوڙِيَمِ سَڀِ وَٿَاڻَ، يَارَ ڪَارَڻِ جَتَ جَي

مَوٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کَي ڏِهَو مَ جَيڏِيُون

سِجَ اُلَٿَي سَسُئِي، رَتَ وَرَڻَو رَوءِ

سَڌَائِتِي سَڀَڪَا ، بُکَ نہ بَاسَي ڪَا

هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ

مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ

جَو تُون ڏَورِين ڏُورِ، سَو سَدَا آهَي سَاڻُ تَو

سَاجَنَ ڪَارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي

جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي
 
سُرُ سَسُئِي حُسَينِي

مُسافَرِنِئُون، ماءِ ! وِرِھُ وِهايُمِ وِتِرو

ڏُکويِنِ اُهِڃاڻُ، ڪُلَي ڦاٽو ڪَنجُرو

ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سِين

اَڳَي اِينءَ هُياسِ، جِنءَ پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا

جَي ڏُونگَرَ ! مُون ۾ ڏکَ، سَي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِيَ رِي

لَڪِيُون ! آن لَڳا، ڪَي پَلَئَه پانڌِيَڙنِ جا؟

ڪَڏهن ڪَڏِهن جَيڏِيُون ! ڪو پَهُه اَچِئو پوءِ

مارِيو جَي مَعذُورِ، ته هَيڪارِي هَوَرُ لَهَي

واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پَيرُ کَڻَي

آن جَي ڏِٺا هُونِ، اَلله ڪارَڻِ ڳالِ ڪَرِيو

وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کَي

ڪاتِيءَ تان نه ڪَهِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو

دُکائيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ سَيڻانِي وَڃُ

ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿِيَي

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ

سُورَ مَ وَڃيجاهُ، سَڄَڻَ جِنءَ سانگِ وِئا

سانڍِ پَنهِنجِي ساهِ، ٻاهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان

اُجاڙا ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون ! سَکَرُ ڀائِيان

ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کَي ساٿا کارِيو

گَهوڙَنِ هَنيُون گَهڻِيُون، اُٺَنِ هَنئِي آنءُ

گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ

جيءُ منهنجو جن، اَنگڙيارو وَڍيو

ڪَجَي جِيئَن ڪَيچِنِ لَئه، تَو تَان ڪِينَ ڪَيَوءِ

سِرِجِيَسَ تَه سُورَ، سَامَائِيَسِ تَان سُک وِيَا

لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪَي ڪَوهِيَارَا وِرِمِيَا؟

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪَانهَي وَيلَ وِهَڻَ جِي

ڪُه ڄَاڻَان؟ ڪُه ٿِئَو؟، ڪَيڏَاهُ ٿِي وَڃَان؟

ڏُنگَرَ ڏَنَا لُوڻِ، مُون پَارِکُو پُڇِئَا

ڪَو جَو اُٺُسِ مِيهُه، آرِيءَ جَي اُڪِيرَ جَو

ڇِپُنِ ڇِنَا پَيرَ، هَلِي هَلِي مَاءِ

ڪِئَن اَڙَايُئِه پَاندُ، پَلَئُه پَرِڏَيهِيُنِ سِين؟

اَڃَان رَاتِ رَتَومِ، ڪَوڏِ ڪَوهِيَارَي ڪَنجرَو

رَوئِي ڪَندِينءَ ڪَوهُه؟ هَاڻَي ڪَو هَوتُ وَرَي؟

لَڪَڙِيَارِيُون آڱِرِيُون، ٻَارَوچَاڻَو ڀَيرُ

ٻَڌَو ڪَنهِن ٻَنڌَاڻِ، هِنئَڙَو هَوتَاڻِيءَ سِين

جَيڪَا ڪَندي مَنجُهه، مُون جِيئَن ٻَارَوچَن سِين

سَاٿِيُنِ سِين نَه جَاڳِيينءِ، پَوءِ ڪُڄَاڙَو رَوءِ

آن جي ڏٺي جيڏيون، پنهونءَ جي پاٻوهه

رُئان تان راند، کلان تان کامي هنيون

مُٺ مُٺ سُورَن سڀڪنهين، مون وٽ وَٿاڻان

پُڇَن سي پَسَن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي
 
سُر مومل راڻو

سوڍا ! صَبرُ تُهِجَو، مَرَڪُ لَڄايُنِ

سوڍا تُهِجَي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون

سوڍَي مُنهِنجَي ساهَه سِين، جَيڏِيُون جِيئن ڪَيو

تَنِ باغِئُون بَسِ، جَي ڪَنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا


ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تَي، سوڍا ! وارِ, سُڄاڻَ

وَيٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا ! تُهِجو راهُ


راڻَي رِڻُ ڪِئو، جَيڏِيُون ! مُهِجَي جِيَ سِين

راڻي سندو روحَ ۾، پسَو پَڳهُه پيوم


راڻا ! رِهاڻِيُون، سوڍا ! وَيٺِي سارِيان

رَاڻَا ! نَہ ڄَاڻَان، ڪِنءَ وِڏوُڻَين؟ وَلَهَا


رَاڻَو ڀَانيَو رَاندِ، وَڃِيَو ڪِئَن وِڙُ رَائِيَين

راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِ ڪَرَي

سَوڍَي سِرُ نِئو، هِتِ ڪَرَنگَهرُ سَکِڻو


لُڊَوڻِئا لَطِيفُ چَي، کَٽُون کَنيائُون


کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻَا وَيههُ رَهِي


لَوڌِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻَي جَي ناهِ ڪو

پَسُ توشَڪُون تَڪِيا، سَي ئِي وِهاڻَا

حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻَو


ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ


ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئا، ٻَرِئَا مَحلَ ماڳَ

ڪالَ گَڏِئوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ

جوڳِيءَ تَي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِيهَ جو

سَوڍَي ڌارا سَرَتِيُون! ، پِئو ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ

ڪَتِينِ ڪَرَ مَوڙِيا، ٽَيڙُو اُڀا ٽَيئِي


هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙَين، جِتَي نِيهَ اُڇَلَ

ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِيمِ تائين ٻانگَ


مُومَلَ ناهَي مَينڌِرو، تَوڻَي مَنجِهه نَصِيبَ

خَامَوشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ


اُڀَي اُڀَارِيَامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَيئِي وَيَا

جيڏيون جَيهَائي ڪئي، رات رُسي راڻي

جنهن تڙ ڌُوڙون ڌُون، چوٽا چَندَنَ چڪَ ڪيو

ڍَولَي ڍَڪي آهيان، هُيَس اُگهاڙي آنءُ

جيڏيون! مُنهنجي جيءَ سان، راڻَي رڻُ ڪَيو

جيئن ايندي ئي موٽئين، وڏي جاڙ ڪئاءِ

سَوڍَا سُورَ سُڪائيُون، اکيون آبُ نه ڪَن

رُئَان ٿي راڻا ! هَنڌَ نهاريُون حُجرَا

لُوٺيَس لُڊاڻي، پَسو جو پرينءَ ريءُ

ڍَاٽي گهڻا اچن، مَنُ سَوڍَي ونگسئو

جَيڏِيُون مُنهِنجَي جِيءَ سِين، رَاڻَي رِڻُ ڪَيَو

ڀَيرَو ڀَڃُ مَ، ڪَاپَڙِي ! لَاهَي وِهُه مَ لَاڳَ

ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي !

اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين، پَرِچِي پِيَارَا

ڪَڪَورِي ڪَاڪِ وَهَي، رَاڻَا! ڀَانءِ مَ رَتُ

گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ

گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچو اَڏِي اُڀِيَي

گُجَرِ کَي گَجَمَيلَ جُون، تَارَنِ ۾ تَبَرُون

آکُون، ڊَاکُون، سِر کَنڊ شَاخُون، جِتِ چَوکَا چَندَنَ ڪؤنرَ

مُومَلَ مَارَي مِيرَ، آهَيڙِيُنِ کَي آڪِرِي

مُومَلَ کَي مَجَازَ جَا، اَکِنِ ۾ اَنبُورَ

تَوکَي مَعَلُومُ مُنهنجِيُون، سَوڍَا سَڀَيئِي

جِئَن اِيندَي ئي مَوٽِئَين، مَينڌِرَا ! وَڏِي جَاڙ ڪَيَاءِ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سُرُ مَارُئي

اَڄُ پڻ چِڪيَم چاڪَ، وَهيَن وَيڙيچَن جا

وَهِيان ٿِيَنَ وَٿاڻَ، ڏوکاهِي هُئانِ جَي

چِڪِي چِڪِيَمِ چاڪَ، وَهِيَنِ وَيڙِيچَنِ جا

اَڄُ اَڍَنگا وَيڻَ، مُکَي مُڪا جَيڏِيَين

مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا

آئون ڪِنءَ سَوِڙِيَين سُمَهان؟ مُون وَرُ گهارَي وِلَ

جَي هت هُئي مَارُئي، ته لَڌيَم ڪَرَ ڪيڻَاسِ

ٿَورَا مَنجهه ٿَرَنِ، مُون سِين مَارُوءَ جَي ڪئَا

پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ سين، روئي ڪَج رِهاڻ


پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ جا، نِياپا نَي ڪَي

پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ کَي، چَيُم تِنءَ چَئَيج

جِت ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀَيڻيُون، ته کِوڻ ٿي کواءِ

اکڙيون مليرَ ڏي، جَنين رَاتو ڏِينهن

مَارُوءَ پاس مليرَ ۾، ڌوئي مَرُ مَران

جَي گهر گهاريَم ڏينهڙا، هَيڪانديَ حُضُور

وَرُ اُهائي وَيرَ، جِنءَ ڌَڻُ تَسَي تَڙ آئيَو

سُهمَ پَسَان ٿي سُومَرا !، پريُن رِيَ پيئي

سَتِي تُنهِنجَي سَتَ ۾، ڳالِ گهرجَي ڳَچُ

پَهي سُکَ ! پَيرَن کيهَ، ڪَو نِيهَ نياپَو مَارُئَين؟

جُه سَي لَوڙائُو ٿِئَا، جَنين سَندي ڌيرَ

جُه سَي لوڙائُو ٿِئا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ

اُٺَن مِيههَ گَهڻَان، ٿئَن مَوڪَ مَليرَ ۾ ؟

جيڪُس اُٺَا ميهَ، مُنهَان پوءِ مَليرَ ۾

پَهريَ رَات پَسي، مُون مَاڙيَ مَنُ ڦِڪَو ڪئَو

سِپَ سَمُنڊيُن سَپَڄي، اَبرُ آساروس

مُون سِين مارُوئَڙيُون، ڪهڙيءَ رِيت رُسَنديُون؟

ڪو ڏينهن آهيَين ڪوٽَ ۾، لوئي هَڏ مَ لاه

جُهران جهڄَان تَي، جِنءَ پَسڻَا پَرَي ٿئَا


ٿَا جَا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پپُون پائُرَ وَٽ ۾

پاڻهئين پَچي پِيئيُون، ريءَ واهِيتَ، ريءَ واڙِ

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ

مُون مَاڙيَ جو، سُومرَا ! ٻِنين پارَين ڏُکُ

پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، وَرئَا وَاهُندا

پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، ڪي وَسَ واهُندَنِ

ٿوري قُوت قراريَا، رَهن سَٻَرَ سَتِ

هَٿَين هَٿَڪڙَولَ، هيَڙَي پيَم هُن جَا

زيريَين ٻَيڙيَين لوهَ ۾، ڳَٽَن ڪيَس ڳاهُ


آئون بَندياڻي بندَ ۾، ڪ ڪي پيَس بَند

مَ سَپَني مارئي ! ، مُئي ! مَ ڄائي

عمرَ ٻَن جيَو ! کُوء منهنجو سومرا


جَهِڙي آيَسِ جِيئَن، تَهِڙي مِلان تن کي


جَهڙِي آيَسِ جِيئَن، تَهڙِي وَڃَان تَنِ ڏَي


سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! سِکَرِ جهڙي سونهن


سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! ، عُمَرَ ! ٿِيَسِ اَسِيرَ


سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! مَيرَو مُنهُن ٿِئَومِ

وِندِيَسَ وَطَنَ سامُهِين، ملِيرُ مُهِجَو ماڳُ


ڪَرِئو مُهاڙَ مَليرَ ڏي، اُڀِيَائِي آهَي


حَقَاڻَو هُتِ ٿِئَو، آئُون هِتِ بَندِيَاڻِي !


پَلُرَ پِيَڻُ، اَوڇَڻُ اُنَ، جِنِ جَا پَيرَ مَٿَي پَٽَ پَاڪَ

جَنِ ڪَرَايُنِ ڪَچَ جَا، وَرُ سَاهَيڙِيُون سَي


تَيلُ نَہ لَائِيَان تُنهِنجَو، مُون مَارُوءَ جَو مَنِ

سَونَ بَرَابَرِ سِڳِڙَا، مَارُوءَ سَندَا مُون


اَرَمَ هَڏِ مَ اَوڍِيَان، پَٽَولَا پَٽَ چِيرَ

پَٽَولَا پَنهُوَارِيُون، مُورِ نَہ مَٿَي ڪَنِ

جي ڪَرَ لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو

ٿَر ٿَر اندر ٿاڪَ، عمرَ ماروئڙن جا

سونَ برابر سَڳڙَا، لُون لُون برابر لَکُ

ڇَن نه ڇَڄَي آهيان، ڪُڇَن ۾ ڪوٽن

جا عمر تو مُل عيدَ، سا اسان سُوءِ ورتي سومرا

جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئا آئِيو، پَيرَين تِهِ پُئان

هي مُنهُن ڏيئي ٻَن،تون وِهُه کائي نه مرين؟

آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿُ ڏهاڙي سومرا

جت کَرَڙ کَٿَا ۽ کاهيُون، پالَ، پَڪَا ۽ پَڪَ

جُهڙ ڦڙ مٿي مارُئين، جت چيها، چلُڙ، چِڪَ

سِبي سَيبَا ڏَي، ڀَورِي نِيهُ نَہ ڪَچَوئَي

هِي هَنڌَ، ڀَيڻِيُون هَاڻِ، سَاڙِيَان سَڀِ ڏَيهِيُنِ رِيَ

رِيَ اِعرَابِيُنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گَهارَڻُ مُون ٿِئَو

چَئِي ڪُن فَيَڪُونُ، جَڏِه خَلِقِيَا رُوحَ خُدَاءِ

جَڏهِ ڪُن فَيَڪُون، مَنُ تَڏَاهَڪُون مَارُئَين

اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ

لَوئڙِيَارِي آهِيان، وَارِيَان تَان نَه وَرَقُ

پَانڌِي چَئِجُ پِرينءَ کَي، جَورِ هَڻِي جَانَا

جيهَا جَي تيهَا، مُون مَارُو مَڃِيَا

جَانڪِين سَتِيُنِ سِيرُ، ڪِينَ رَهندِيسِ ڪَوٽَ ۾

ڪَريَو مُهَاڙَ مَلِيرَ ڏَي، رَوءِ اُڀِي چَوءِ

سَکَر سَيئِي ڏِينهَن، جَي مُون گَهاريَا بَندَ ۾

جَيڪُسِ اُٺَا مِينهَن، مُنهَان پَوءِ مَلِيرَ ۾

پَاسَا پَولِڙِيُنِ ۾، ٻَانهُون سِرِ ٻَيئِي

سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِيَو، مُون مَارُوءَ سِين مَنُ

سَرِتيُنِ سِنجَڻُ ڇَڏِيَو، سَتِيُنِ ڳَالِهه سُئِي

بِيرَ کنيَائُون بَرَ ۾، پِيَارِينِ پَهُون

سَهَسِين سَيبَا ڪَنجُرَي، لَوئِي لِيڙُون لِيڙَ

سَهَسِين سَيبا ڪَنجُرَي، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سُرُ سَارَنگُ

اَندَرِ جُهڙُ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ بَرِسَي بُوندَ اَپارَ

وَسِي سَارِي راتِ، صُبُحَ جو ساههُ کَڻَي

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پَييُون، ٿِيا وَلِهارَنِ وِيَ

مِيهَان ۽ نِيهَان، ٻَئِي اَکَرِ هَيڪِڙي


واهُندا وِڄُون ٿِيُون، کِڙِيُون ڏَنهَن کَنڀاتَ

مُحِبَ مُهِجا سُپِرِين ! آڻيندُءِ الله

سارَنگَ سائِي سِٽَ، جَهِڙي لَالِي لَاکَ جِي


سارَنگَ کَي سارِينِ، ماڙهُو مِرِگَ، مَيهِيُون

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون

اَڄُ پڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾

آگَمَ ڪِيا اللهَ، لَڳَه پَسُ ! لَطيفُ چَي

اَڱڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُهَنِ

جُهڙ نَيڻئُون نه لَهَي، ڪَڪرَ هُونِ نه هُونِ

وَسَڻُ اَکِڙِيُن جِيئَن، جَي هُوندَ سِکِئَين مِينهَن

اَوڇَڻُ گُهرِجَي آجِڪَو، جُهوپُو سَهَي نَه سِيءُ

ڪَانڌَ تُنهِنجَي پَاندَ رِي، سِيءَ مَرَان سَڀِ رَاتِ

اَندَرِ جُهڙ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نَه ڪَوءِ

آگَمَ اِيَ نہ اَنگَ، جَهِڙو پَسَڻُ پِرِيَ جو
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top