سورٺ ٽَيئِي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارَو ڪَنڌُ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٽَيئِي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارَو ڪَنڌُ
    تِهِ جِهَوئِي ناهِ ڪِي، جو تو چارَڻَ! ڪِئو پَنڌُ
    اِيُ شُڪرُ اَلحَمدُ، جِنءَ مَٿو گُهريَوءِ مَڱڻا


    سُرُ سَورَٺِ

    تَندُ = يڪتاري يا سُرندَي جي تارَ
    ڪَٽارَو = ڪاتي، خنجر
    جِهَوئِي = جهڙوئي، ان جهڙو
    ناهِ = ناهيڪِي = ڪو
    چَارَڻُ = جاجڪ، مڱڻهار، منگتو
    ڪِئو = ڪيو
    اِيُ = اِيءُ، هيءُ، هي
    شُڪرُ اَلحَمدُ = ڌڻيءَ جو احسانُ
    جِنءَ = جيئن
    مَڱڻَا = اي مڱڻهار

    بيت جو پس منظر

    ~ ٻيجل جَي سُرندَي جِي تارَ، خنجر ۽ راءِ ڏياچ نيٺ سِرُ وٺڻ ۽ ڪپڻ جِي ڳالھ تي راضي ٿي ويا.
    ~ اي منگتا ! تو جهڙو ڪو ٻيو ناهي، جو تون ايڏو پري کان ڪشالا ڪري آيو آهين.
    ~ اي مڱڻهار ! اهو مولا پاڪ جو ڪرم آهي، جو تون سِرَ جي سَينَ هنئي.

    سمجهاڻي

    ٻيجل جَي سُرندَي مان نڪرندڙ مڌر آلاپن راءِ ڏياچ تي اهڙو سحر طاري ڪري ڇڏيو، جو نيٺ هو پنهنجو ڪنڌ ڪوري ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. راءِ ڏياچ جنهن جي سخاوت ڏيهان ڏيھ مشهور هئي، ان ويتر ٻيجل جا ٿورا مڃيا تہ تو سر جي صدا هنئي.پر ڪنهن اهڙي شئي جي گهر نہ ڪيئي جيڪا منهنجي وس ۾ ئي نہ هجي ها.
    ڀٽائيءَ جي هن بيت مان اسان کي درس ٿو ملي تہ، محبوب ۽ منزلون جيڪڏهن شهادتن ذريعي ئي ملن تہ سودو مهانگو ناهي.ڇو تہ راءِ ڏياچ جيان شهيد ڪڏهن مرندا ناهن، امر ٿي ويندا آهن.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو