پپنو يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪري واپس ڳوٺ موٽيو.. ڳوٺ جو پهريون نوجوان هو جيڪو اعلا تعليم حاصل ڪري ڳوٺ پهتو هو. پهرئين ئي ڏينهن ڳوٺ جي وڏيري ”رئيس ڀِتر خان“ پنهنجي دعوت تي حويلي گهرايو. دعوت تي ماني کائڻ کان بعد رئيس ڀتر پپنو سان ڪجهه هيئن ڪچهري ڪئي. رئيس: ”پُٽ پپنو! تون جو هيڏا چار سال گهر کان پري رهي ڪري پڙهي لکي آيو آهين ڀلا ڪجهه ان جو فائدو به آهي يا نه؟“ پپنو: ”رئيسَ! پڙهيل لکيل هجڻ سان هر ڳالهه جي متعلق ماڻهو جي لاجڪ ڪليئر ٿيندي آهي“ رئيس: ”اها لاجڪ وري ڪهڙي بلا آهي؟“ پپنو: ”رئيس ! لاجڪ مطلب منطق، مطلب ڪنهن ڳالهه تي ذهن صفا کلي وڃي.“ رئيس:”پُٽَ پپنا! مان مڙئي گهٽ پڙهيل لکيل آهيان سو ڳالهه کي کولي سمجهاءِ ته ڪا ڪلَ پوي“ پپنو: ”ٺيڪ آهي سائين! “ پپنو: ”رئيس سائين ڀلا توهان جي گهر ۾ ڪُتو آهي؟“ رئيس: ”ها پپنو ! ڇو نه .. هڪ نه بلڪه 3 ڪتا اٿم“ پپنو: ”سائين ان جو مطلب ته توهان جي حويلي به وڏي هوندي جنهن جي حفاظت لاءِ 3 ڪتا رکيا اٿوَ“ رئيس: ” ها پپنا! بروبر وڏي حويلي آهي، جدي پُشتي حويلي آهي 4 ايڪڙن جيتري ته هوندي“ پپنو: ”پوءِ ته اوهان وٽ نوڪر چاڪر به گهڻائي هوندا ايڏي ساري گهر جو خيال رکڻ لاءِ“ رئيس: ”ها پپنا! نوڪرن جي فوج اٿم.. هر ڪم لاءِ نوڪر موجود آهي“ پپنو: ”پوءِ سائين اوهان جي آمدني به وڏي هوندي جنهن مان ايترن نوڪرن کي پگهارون ڏيندا آهيو“ رئيس: ”ها پپنا! بابا الله جو گنج آهي، آمدني چڱي آهي ۽ سڀني کي وقت تي پگهار ڏيندو آهيان“ پپنو: ”سائين ان جو مطلب ته اوهان سان اوهان جي ماءُ جون دعائون گڏ آهن، اوهان جي ماءُ ڏاڍي نيڪ عورت هوندي جنهن جي دعائن کي الله ٻڌو ۽ اوهان کي ايترو مال متاع ڏنئين، ان کي ته لاجڪ سڏبو آهي“ رئيس ڀتر خان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ” ها يار پپنا ! ٻيلي آئون تنهنجي ان ڳالهه کي سمجهي ويس ته پڙهيل لکيل هجڻ سان ”لاجڪ“ ڪليئر ٿي ويندي آهي“ پوءِ پپنو پنهنجي گهر هليو ويو ڪجهه دير کان پوءِ رئيس ڀتر خان جو نوڪر رمون رئيس کي ٽنگن تي زور ڏئي رهيو هيو. ان رئيس ڀتر خان کي چيو... ”رئيس هي ڀلا ڪاڪي آچار جو ڇورو پپنو ايڏو سار 4 سال سيڙهائي شهر مان پڙهي موٽيو آهي، ان 4 سالن جي پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو آهي ڀلا؟“ رئيس: ”رمون، پڙهيل لکيل هجڻ سان لاجڪ ڪليئر ٿيندي آهي.“ رمون: ”سائين! هي لاجڪ وري ڇا آهي.؟“ رئيس: ”لاجڪ مطلب منطق“ رمون: سائين هي منطق وري ڪهڙي بلا آهي، ڀلا مون کي به سمجهايو“ رئيس: ” ٻڌ ! مان توکي سمجهايان ٿو“ رئيس: ”رمون تنهنجي گهر ۾ ڪُتو آهي..؟“ رمون: ”سائين! مون وٽ وري ڪُتو ڪاٿي آيو؟ مان غريب پاڻ کاوان يا ڪتي کي کارايان“ رئيس: ”ان جو مطلب ته تنهنجي ماءُ ڪا نيڪ عورت ڪانه هئي... پري ٿي“