1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

واهه رئيس ڀتر خان! تنهنجي لاجڪ...

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2015۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,551
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پپنو يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪري واپس ڳوٺ موٽيو.. ڳوٺ جو پهريون نوجوان هو جيڪو اعلا تعليم حاصل ڪري ڳوٺ پهتو هو. پهرئين ئي ڏينهن ڳوٺ جي وڏيري ”رئيس ڀِتر خان“ پنهنجي دعوت تي حويلي گهرايو.
    دعوت تي ماني کائڻ کان بعد رئيس ڀتر پپنو سان ڪجهه هيئن ڪچهري ڪئي.
    رئيس: ”پُٽ پپنو! تون جو هيڏا چار سال گهر کان پري رهي ڪري پڙهي لکي آيو آهين ڀلا ڪجهه ان جو فائدو به آهي يا نه؟“
    پپنو: ”رئيسَ! پڙهيل لکيل هجڻ سان هر ڳالهه جي متعلق ماڻهو جي لاجڪ ڪليئر ٿيندي آهي“
    رئيس: ”اها لاجڪ وري ڪهڙي بلا آهي؟“
    پپنو: ”رئيس ! لاجڪ مطلب منطق، مطلب ڪنهن ڳالهه تي ذهن صفا کلي وڃي.“
    رئيس:”پُٽَ پپنا! مان مڙئي گهٽ پڙهيل لکيل آهيان سو ڳالهه کي کولي سمجهاءِ ته ڪا ڪلَ پوي“
    پپنو: ”ٺيڪ آهي سائين! “
    پپنو: ”رئيس سائين ڀلا توهان جي گهر ۾ ڪُتو آهي؟“
    رئيس: ”ها پپنو ! ڇو نه .. هڪ نه بلڪه 3 ڪتا اٿم“
    پپنو: ”سائين ان جو مطلب ته توهان جي حويلي به وڏي هوندي جنهن جي حفاظت لاءِ 3 ڪتا رکيا اٿوَ“
    رئيس: ” ها پپنا! بروبر وڏي حويلي آهي، جدي پُشتي حويلي آهي 4 ايڪڙن جيتري ته هوندي“
    پپنو: ”پوءِ ته اوهان وٽ نوڪر چاڪر به گهڻائي هوندا ايڏي ساري گهر جو خيال رکڻ لاءِ“
    رئيس: ”ها پپنا! نوڪرن جي فوج اٿم.. هر ڪم لاءِ نوڪر موجود آهي“
    پپنو: ”پوءِ سائين اوهان جي آمدني به وڏي هوندي جنهن مان ايترن نوڪرن کي پگهارون ڏيندا آهيو“
    رئيس: ”ها پپنا! بابا الله جو گنج آهي، آمدني چڱي آهي ۽ سڀني کي وقت تي پگهار ڏيندو آهيان“
    پپنو: ”سائين ان جو مطلب ته اوهان سان اوهان جي ماءُ جون دعائون گڏ آهن، اوهان جي ماءُ ڏاڍي نيڪ عورت هوندي جنهن جي دعائن کي الله ٻڌو ۽ اوهان کي ايترو مال متاع ڏنئين، ان کي ته لاجڪ سڏبو آهي“
    رئيس ڀتر خان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ” ها يار پپنا ! ٻيلي آئون تنهنجي ان ڳالهه کي سمجهي ويس ته پڙهيل لکيل هجڻ سان ”لاجڪ“ ڪليئر ٿي ويندي آهي“
    پوءِ پپنو پنهنجي گهر هليو ويو
    ڪجهه دير کان پوءِ رئيس ڀتر خان جو نوڪر رمون رئيس کي ٽنگن تي زور ڏئي رهيو هيو.
    ان رئيس ڀتر خان کي چيو... ”رئيس هي ڀلا ڪاڪي آچار جو ڇورو پپنو ايڏو سار 4 سال سيڙهائي شهر مان پڙهي موٽيو آهي، ان 4 سالن جي پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو آهي ڀلا؟“
    رئيس: ”رمون، پڙهيل لکيل هجڻ سان لاجڪ ڪليئر ٿيندي آهي.“
    رمون: ”سائين! هي لاجڪ وري ڇا آهي.؟“
    رئيس: ”لاجڪ مطلب منطق“
    رمون: سائين هي منطق وري ڪهڙي بلا آهي، ڀلا مون کي به سمجهايو“
    رئيس: ” ٻڌ ! مان توکي سمجهايان ٿو“
    رئيس: ”رمون تنهنجي گهر ۾ ڪُتو آهي..؟“
    رمون: ”سائين! مون وٽ وري ڪُتو ڪاٿي آيو؟ مان غريب پاڻ کاوان يا ڪتي کي کارايان“
    رئيس: ”ان جو مطلب ته تنهنجي ماءُ ڪا نيڪ عورت ڪانه هئي... پري ٿي“
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رئيس: ”ان جو مطلب ته تنهنجي ماءُ ڪا نيڪ عورت ڪانه هئي... پري ٿي“

    هاهاهاها ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين
    ههههههههههه
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. AKHTAR SOOMRO

    AKHTAR SOOMRO
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    64
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي سندھ
    بهترين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ههههههههههههههههههههههههههه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو