ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو. اهي ئي تنهنجي پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڪجه ٿيو ئي ناهي، ڪٽڪ ڪٺا ٿئي نڌڻڪن جا ، منهن ۾ گهنج پيو ئي ناهي اوهان جي آڌو لهوءَ جي قيمت، ٻه ٽي پتل جا حسين ٻلا ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ ڏسو نٿا جو ڪنيين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جيون راهون جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهنجي چپن جيون آهون اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو. سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جهڪي نه سگهندي جهري سگهي ٿي صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگهي ٿي چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن سهائين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن اوهان به پنهنجيون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جون حويليون ٿاڻا اوهان جا پهٽڪا اوهان جا پٿرا، ٻيا ڪي آڻآ ٻيا ڪي ماڻا اسانجي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگهاڙو لاشو گلين ۾ رهجي ڳجهن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو