ڪمال راهمون جي شهادت تي:حليم باغي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

    اهي ئي تنهنجي پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڪجه ٿيو ئي ناهي،
    ڪٽڪ ڪٺا ٿئي نڌڻڪن جا ، منهن ۾ گهنج پيو ئي ناهي
    اوهان جي آڌو لهوءَ جي قيمت، ٻه ٽي پتل جا حسين ٻلا
    ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ
    ڏسو نٿا جو ڪنيين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جيون راهون
    جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهنجي چپن جيون آهون
    اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو

    ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

    سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جهڪي نه سگهندي جهري سگهي ٿي
    صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگهي ٿي
    چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن
    سهائين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن
    اوهان به پنهنجيون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جون حويليون ٿاڻا
    اوهان جا پهٽڪا اوهان جا پٿرا، ٻيا ڪي آڻآ ٻيا ڪي ماڻا
    اسانجي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي
    ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگهاڙو لاشو گلين ۾ رهجي
    ڳجهن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو
     
  2. Afzal zuhrani

    Afzal zuhrani
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    بهترين سر
     
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
  4. abdul haq

    abdul haq
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2021
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    رٽائرڊ استاد
    ماڳ:
    آدم ھنڱورو ڳوٺ ملير ڪراچي
    بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو