• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

* اديون عبد اللطيف چئي

ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا, ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ
تَو پُڄَاڻَا سُپَرِين ! , هِيَڙَي اَچَنِ هَولَ
جَي مُون سِين ڪِيَءِ قَولَ, سَي سِگَها پَارِجُ سُپَرِين.

سُرُ مُومَلَ رَاڻَو
،،،،،،،،
ڏکين لفظن جي معني'
،،،،،،،،،

ڪَڙهِي = پچي, جلي
وِئَا = ويا
ٻَرِئَا = جليا, سڙيا
رَنگَ رَتَولَ = محلات, رنگين محل, بنگلا, ماڙيون
هِيَڙَي = هنئڙي کي, دل ۽ مَنَ کي
هَولَ = هيبت, ڊپ, دهشت, ڏهڪاءُ, خطرا, ڳڻتيون, وهم وسوسا
ڪِيَءِ = ڪيئي
قَولَ = اقرار, واعدا, وچن
سِگَها = جلد
،،،،،،،،،
بيت جو پس منظر
،،،،،،،،

~ ڪاڪ جلي وئي آهي, وڻ سُڪِي سڙي ويا آهن ۽ محل ماڙيون پڻ سڙن پيون.
~ او پرين ! تنهنجي وئي کان پوءِ منهنجي دل کي الائي ڪيترا خوف ۽ خطرا ورائي ويا آهن.
~ او محبوب ! جيڪي مون سان واعدا ڪيا هيئي سي اچي پورا ڪر.
،،،،،،،،
سمجهاڻي
،،،،،،،،،

جڏهن محبوب رُسِي ويندو آهي تہ عاشق پاڻ کي وڇوڙي جي باھ ۾ پچندي, پڄرندي ۽ جلندي محسوس ڪندو آهي ۽ اهيا باھ هر طرف لڳل ڏِسِبِي آهي.

اڄ راڻو رُسِي ويو آهي تنهنڪري مومل کي ڪاڪ ۽ ان جا وڻ, گل ٻوٽا, دلڪش منظر ۽ محل ماڙيون سڀ سڙندي پڄرندي محسوس ٿي رهيا آهن.

مومل چئي ٿي ؛ او راڻا ! تون هاڻي ڪڏهن بہ واپس ڪونہ ايندين, مون کي ڦٽي ڪري ڇڏيندين, مون سان سڀ سڱ ٽوڙي ڇڏيندين اهيي ۽ ان کانسواءِ الائي ڪيترا ٻيا بہ خوف, خطرا, ڊپ, وهم, وسوسا منهنجي دل کي وڪوڙي ويا هن.

او پرين ! جلد موٽي اچ تون تہ مون سان سڄي زندگي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا واعدا ۽ وچن ڪيا ها, سي سڀ توکان وسري ويا ڇا؟

پنهنجو خيال رکندا ڪيو
 
Back
Top