Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ جديد ناٽڪ نويسي(ڊرامي جو اسڪرپٽ) لکڻ جي شروعات 1879ع ۾ ٿي ۽ پهريون لکيل اسڪرپٽ امام بخش جو لکيل(هير رانجهو) هو.
سنڌي ناٽڪ يا (ڊرامون) ۽ ضرورت
ناٽڪ اسانجي زندگي جي گهڻو ويجهو آهي. انساني زندگي ۽ سماج سان ان جو گهرو ناتو آهي. ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ناٽڪ يا ڊرامي جو اثر تيز ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي. شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول پڙهندڙن جي ذهن ۾ هڪ تصور پئدا ڪندا آهن. پر ناٽڪ يا ڊرامون لفظن، ڪردارن، پوشا ڪن، ٺاه ٺوه، ۽ منظر ڪشي سان ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگي جي ويجهو آڻي ٿو. ناٽڪ يا ڊرامون، اسٽيج، ريڊيو فلم يا ٽي وي تي ڪري ڏيکارڻ لا لکيو ويندو آهي. يعني ناٽڪ يا ڊرامي جي ڪهاڻي عملي صورت اختيار ڪري ٿي. جنهن ۾ ڪردار پنهنجومليل پارٽ ادا ڪري ڏيکارين ٿا. انهي ڪري ناٽڪ (ڊرامي) جو شعر، ڪهاڻي ۽ ناول جي ڀيٽ ۾ ، اسانجي دل ۾ وڌيڪ اثر ٿئي ٿو. ناٽڪ (ڊرامون) پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ٻنهين لا وندر ميسر ڪري ٿو.
سنڌي ۾ جديد ناٽڪ نويسي جي شروعات نگريزن جي دئور کان ٿي. 1879ع ۾ امام بخش خادم پهريون سنڌي ناٽڪ (هير رانجهو) جو اسڪرپٽ لکيو هو. جيڪو نه اسٽيج تي اچي ڊرام جي صورت اختيار ڪري سگهيو۽ نئي شايع ٿي مطالعاتي ناٽڪ بڻجي سگهيو. سنڌي ۾ جيڪو پهريون ناٽڪ شايع ٿي سگهيو، اُهو هو (مرزا قليچ بيگ) جو لکيل (ليلى مجنون) ۽ سکر واري ماستر(هري سنگه) شايع ڪرائي پڌرو ڪيو هو. اهو ناٽڪ ، هندستاني ناٽڪ (ليلى مجنون) جو ترجمون هو. مرزا قليچ بيگ ان وقت سنڌي ۾ سڀ کان وڌيڪ ناٽڪ (ڊرامان) لکي (سنڌي ناٽڪ جو وڏو لکياري) بڻجي ويو. مرزا صاحب سنڌي ٻولي ۾ بيشمار (وڏا توڙي ننڍا) ناٽڪ (ڊرامان) تخليق ڪيا. اڙدو زبانن جي ڊرامن کي سنڌي ۾ ترجمون ڪري سنڌي ادب جي هن ام ترين صنف کي مالا مال ڪيو.
مرزا قليچ بيگ کان پو هن ميدان ۾ (ڪوڙي مل چندن مل) پير پاتو. سندس پهريون ناٽڪ (رتنا ولي) سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمون هو. جيڪو 1888ع تي(رتن ساهل منڊل) پاران شايع ڪرايو ويو. ايستائين سنڌ ۾ ڪا به ناٽڪ منڊلي برپا نه ٿي هُئي. 1894ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي جي قيم بعد ، سنڌي ناٽڪ مطالعتي ناٽڪ مان ڦري، حقيقي ناٽڪ جو روپ ڌاريو. ڇو ته جيستائين ڪوبه ناٽڪ اسٽيج تي پيش نه ٿو ٿئي، تيستائين اُهوفقط ڊرامي جو اسڪرپٽ آهي.
سنڌ ۾ رنگ ميچ يعني (اسٽيج) تي پهريون ناٽڪ (ماستر جيٺا نند کلڻداس ڀرياني) جو (نل دمينتي) آيو. جيڪو (ڊي. جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي) پاران 1894ع ۾ پيش ڪيو ويو. سنڌي ۾ پهريون اصلوڪو ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل (بڪاولي) هو. جيڪو سڳئي سال ماستر (هري سنگه) سکر مان شايع ڪرايو. اه به صرف مطالعاتي ناٽڪ هو جيڪو اسٽيج تي نه اچي سگهيو. سنڌي ۾ ننڍي ناٽڪ (ون ايڪٽ پلي) يا (ايڪانڪي) جو باني به مرزا قليچ بيگ آهي. جنهن 1895ع ۾ (لوڀي ۽ ٺوڳي) لکيو. سندس اهو پهريون ناٽڪ هو، جيڪو رنگ مئچ (اسٽيج) تي آيو۽ ڊي. جي سائنس ڪاليج پاران اسٽيج تي ڏيکاريو ويو.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: