• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اونده ۾ ڇا ڳولين ٿو؟؟؟؟؟

اونده ۾ ڇا ڳولين ٿو؟؟؟؟؟؟؟
_____________________________

اونده ۾ ڇا ڳولين ٿو روشن ڏينهن ڪيو ڪو يار
سڀ ڪجه پاڻ ئي ظاهر ٿيندو جيڪو گم ڪيو آ گار
جيڪا چوري ٿي آ زوري ملڪ سڄو مانڌاڻ
سا سڳ سوڌي پڪڙي وئي آ ظاهر ٿي پيو سڀ آ يار
ڪوڙي قوم جون ڳالهيون تو وٽ تون ئي رهزن راهن جو
بارود بندوقون ڪنهن لئه تو وٽ جي تون ناهين ڪو ڏوه دار
تو کان آجو جيئ ڪرڻ لئه سڀ ڪو سوچي ۽ ٿو لوچي
تون ته ڏچو هت ڏهڪائيندڙ ،آ هاڻي تو کي الله جي مار
جن جون مائر ڀينر ڀنيون هن ونيون ٿيون جي يار ولهيون هن
تن جي دانهن پڳي هت عرش الله ڪيو آهي اسرار
تون مٽجي ويندين ڏيه هي رهندو تو تي ڦٽڪارون پيو ٿينديون
تنهنجي ظلمت ظالم ماڻهو ٿڪ لعنت ۾ هوندين گار

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top