• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي جماعت سوسائٽيءَ ۾ 5 بدران هاڻ قانون موجب 15 ميمبرن جي اليڪشن ٿيندي ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي جماعت ڪوآپريٽوهائوسنگ سوسائٽي، مين نيشنل هاءِ وي (بن قاسم ٽائون) ۾ سوسائٽيءَ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ (م ـ ڪ) جي اعلانيل 5 ميمبرن بدران هاڻ سمورن 15 ميمبرن جي جلد اليڪشن ٿيندي ـ اهڙي ريت اليڪشن ڪمشنر بابوسرتاج جنهن کي تازوهڪطرفو مقررڪيوويوهو تنهن کي هٽائي، اڪرم ڪيرئيَ کي هڪراءِ نئون اليڪشن ڪمشنرمقررڪيو ويو جنهن ۾ سڀني ڀروسو ڏيکاريوـ
ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ميمبرن جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عبدالمالڪ تي ٻڌل بينچ، سوسائٽيءَ جي ٻن ميمبرن شهزاد گل سمون ۽ وڏيري عبدالخالق ڀييَ جي پٽيشن جي ٻڌڻي ڪري 15 ميمبرن بدران، رڳو 5 ميمبرن جي اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان خلاف 16 مارچ تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو جنهن ڪري پنجن ميمبرن جي اليڪشن جيڪا 22 مارچ 2015 تي ٿيڻي هئي سا ملتوي ڪئي وئي ـ
ڪورٽ جي اسٽي آرڊراچڻ کانپوءِ، 17 مارچ تي رات جو دير سان، سوسائٽيءَ جي معزز ميمبرن جي سوسائٽيءَ جي آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سوسائٽيءَ جي هاڻوڪي انتظاميا جو ڪرتا ڌرتا ۽ شهباز پينل جو سربراهه يوسف عباسي ـ اسسٽنٽ ڪمشنربه شريڪ ٿيو جنهن ڪورٽ جي ڏنل اسٽي آرڊر کي آڏو رکنديَ 15 بدران رڳو پنجن ميمبرن جي اليڪشن ڪرائڻ واري پنهنجي اجائي ۽ غيرقانوني پراڻي هوڏ تان لهڻ جو اعلان ڪيو جنهن جي جيئي لطيف پينل ـ سربراهه ڊاڪٽراميرعلي خاصخيلي سميت سڀني ميمبرن آجيان ڪئي ـ بهرحال، گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته قانون موجب سمورن 15 ميمبرن جي بي ريا اليڪشن ڪرائي ويندي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ شنوائي 2 اپريل تي اهڙي درخواست داخل ڪئي ويندي ـ
ياد رهي ته سوسائٽيءَ جي م ـ ڪ جي پنجن ميمبرن جي اليڪشن سال 2011 ۾ ٿي هئي ۽ ان کانپوءِ هر سال يعني سال 2012، 2013، ۽ 2014 ۾ پنجن ـ پنجن ميمبرن جي اليڪشن ٿيڻي هئي سا ڪانه ڪرائي وئي جڏهن ته سوسائٽيءَ ۾ اڪائونٽس جي گذريل پنجن ورهين کان نه ته آڊٽ ڪرائي وئي آهي ۽ نه ئي وري جنرل باڊيءَ جي سالياني گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top