مدح نامه سنڌ : مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ترجمو مولانا ادريس ڏاهري

'مذهب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ جي نامياري عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مشهور فارسي ڪتاب ”مدح نامه سنڌ “ جو سنڌي ترجمو پيش آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب ڪيو آهي ۽ 2011ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو آهي.

    مخدوم صاحب جي حب الوطني ۽ سنڌ سان محبت جو مثال سندس هن ڪتاب مان واضح طرح ملي ٿو. مخدوم صاحب ان وقت جي هڪ پٺاڻ عبد الرعوف جو سنڌين بابت ڪريل قسم جو مضمون پڙهيو ته ان جي مختلف سوالن ۽ اعتراضن جي جواب ۾ پاڻ هي ڪتاب لکيائون. خاص طور جن سوالن ۽ اعتراضن جا جواب ڏنل آهن انهن ۾:

    1. سنڌ ۾ عقل ناهي مڙئي بيوقوف آهن.
    2. سنڌ ۾ علم گهٽ آهي
    3. سنڌ ۾ دنيا ناهي، سڀ محتاج آهن
    4. سنڌ ۾ ولي گهٽ آهن
    5. سنڌ ۾ رافضي ۽ شيعا گهڻا آهن

    ان کان علاوهه پاڻ شفاعت جو بيان ۽ مناجات به لکيا اٿن جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.


     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ونڊ سائين ،لک قرب اوهانجا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    "مدح نامه سنڌ" مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليه جي فارسي ۾ لکيل ڪيترن ئي ڪتابن مان هڪ اهم ڪتاب آهي.

    سنڌ ۽ سنڌين تي هر دور ۾ مخالفن پاران مختلف اعتراضات ٿيندا رهيا آهن. بيحد خوشي ٿي ته اهي ساڳيا اعتراض مخدوم صاحب جي دور ۾ به صرف لفظن جي ٿوري ڪمي بيشي سان ڪيا ويا هئا. هي اعتراضات ايترا ته اهم آهن جو انهن تي خاص توجه ڏيندي مخدوم صاحب الله پاڪ جي ڏنل پنهنجي بي بها علم ۽ عقل سان انهن جا الڳ الڳ تفصيلي جواب لکي هڪ اهم ڪتاب جي صورت ۾ امت جي رهبري لا تحرير فرمائي ڇڏيا ته جيئن قيامت تائين اسان سنڌي انهن اعتراضات ڪندڙ کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهون ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي هجڻ تي ناز ڪري سگهون.

    صرف هڪ شڪايت ڪندس ته اصل فارسي ڪتاب جو ترجمو ڪندي انصاف کان ڪم نه ورتو ويو آهي. جنهن اهم اعتراض بابت مخدوم صاحب جو نڪته نظر معلوم ڪرڻ جي تمنا مون سميت ڪيترن ئي پڙهندڙن کي هئي ۽ آهي ان اعتراض کي صرف سرسري انداز سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ ڪافي حصا حدف ڪيا ويا آهن...!!

    ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اڄ به اسان پنهنجن اهم عالم سڳورن جي تاريخي ڪتابن کي پورو پڙهڻ کان عاجز آهيون..!! سندن علمي ۽ ادبي ڪوششن باوجود سندن مؤقف عام ماڻهو تائين پهچائڻ ۾ اسان جا مترجم اڄ جي دور ۾ به پس و پيش کان ڪم وٺندا آهن..!!

    "مدح نامه سنڌ" جي صفحي 46 تي اعتراض نمبر 5 بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليه جي تفصيلي جواب ۽ سندن وضاحت کي مڪمل پيش نه ڪرڻ ، ان جا اهم حصا حدف ڪرڻ ۽ ان کي لڪائڻ نه صرف هڪ ادبي خيانت ۾ شمار ٿئي ٿو پر اها پڙهندڙن سان پڻ وڏي ناانصافي آهي. هي عمل بذات خود مخدوم صاحب جي فڪر جي نفي ڪندڙ آهي.
    مان اهڙي عمل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مذڪوره اداري کي مؤدبانه گذارش ڪريان ٿو ته سنڌ ڌرتي جي هن عظيم درويش، بزرگ ۽ پنهنجي دور جي ولي الله کي مان ڏيندي سندس بيان ڪيل اصل حقيقتون، اصل مؤقف ۽ اصل عبارت کي من وعن پڙهندڙن تائين پهچايو وڃي ته جيئن سنڌ جي هن نامياري عالم سڳوري جي سوچ ۽ خيال بنا ڪنهن تبديلي جي اڄ جي پڙهيل لکيل سنڌي تائين پهچي سگهن.
    مان سمجهان ٿو پنهنجي مرضي آهر تبديليلون ڪري نالي وارن بزرگن، عالمن ۽ اديبن جا اهڙا تحريف شده ترجما ڪرڻ سان ڪو به لاڀ حاصل ڪو نه ٿي سگهندو ۽ ان سان اصل مصنف جي ڪيل محنت پڻ ضايع ٿي وڃي ٿي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    مدح نامه سنڌ جو اصلي مخطوطو فقط سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.
    الله پاڪ جا لک احسان جو ان اصلي فارسي ڪتاب جو عڪس فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ فقير وٽ موجود آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا عبدالله السندي...خوشي جي ڳالهه آهي جو توهان وٽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليه جو تحرير ٿيل اصل فارسي ڪتاب "مدح نامه سنڌ" جي هڪ ڪاپي موجود آهي.

    توهان کي عرض ڪندس ته مذڪوره "تڪراري" بڻايل حصا ، جيڪي جانبداري جو مظاهرو ڪندي حذف ڪيا ويا آهن، انهن کي مڪمل ايمانداري ۽ ذميداري سان سنڌ سلامت فورم تي سنڌي ترجمو ڪري پيش ڪريو ته جيئن پڙهندڙن تائين مخدوم صاحب جو هن اعتراض بابت مڪمل مؤقف پهچي سگهي. مهرباني.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم سائين ممتاز قريشي پيارا پهريون ترجمو جيڪو سائين مولانا محمد ادريس جن پاڻ ڇپرايو هو ان ۾ منهنجي خيال ۾ ڪا به شيء رهيل نه آهي باقي هڪ جاء تي شايد اصل نسخه جي عبارت واضح نه هئڻ ڪري ان کي ڊيش ڊيش ڏئي ڪري ڇڏيو ويو آهي باقي جيڪو هتي توهان ڇاپو ڏنو آهي اهو سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي وارن پاڻ ترميم ڪري ڇپرايو آهي ان ۾ مترجم جو قصور نه آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا رحيم بخش معذرت سان چوندس ته توهان جي ڳالهه سان مڪمل اتفاق نٿو ڪري سگهجي.

    توهان جي خدمت ۾ صرف چند گذارشون.

    سنڌ سلامت تي پيش ڪيل مذڪوره ڪتاب "مدح نامه سنڌ" جو ترجمو سنڌ جي هڪ نالي واري اداري پاران پيش ڪيو ويو آهي.
    مترجم جي مرضي يا اجازت کانسوا سندس ڪيل ترجمي جي عبارت ۾ تبديلي ڪرڻ يا ان مان ڪجهه حصا صرف ان بنياد تي رد ڪرڻ ته اهي "تڪراري" آهن ، اها روايت مان سمجهان ٿو ڪا سُٺي روايت نه آهي. اهڙي عمل سان ترجمو ڪيل ڪتاب جي سچائي پڻ مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿي.

    پڙهندڙن تائين اصل مصنف جو اصل متن پهچائڻ مترجم جو فرض ٿئي ٿو، ان جي اجازت سان ئي سندس ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچي ٿو. جيڪڏهن مترجم جي ڪيل ترجمي ۾ ڪنهن ٻئي سندس اجازت کانسوا تبديلي ڪئي آهي، يا ڪجهه "مخصوص حصا" حذف ڪيا آهن ته پو اهو عمل به ادبي خيانت ئي سمجهڻ گهرجي.

    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليه جي شخصيت سنڌ جي ديني ۽ علمي حلقن ۾ تمام وڏي حيثيت رکي ٿي، سندس تحريرن جي ڪنهن به حصي کي رد ڪرڻ يا حذف ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ سڌوسنئون سندن شخصيت جي توهين آهي.

    مان وري به اهو ئي چوندس ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليه جون ڪيل ڪاوشون وقتي مصلحتن جي ور نه چڙهڻ گهرجن، اهي جيئن جو تيئن پڙهندڙن تائين پهچڻ گهرجن.
    جيڪڏهن سائين علامه محمد ادريس ڏاهري صاحب جن جي خواهش يا مرضي کانسوا مذڪوره ڪتاب مان ڪجهه حصا حذف ڪيا ويا آهن ۽ پاڻ ان ڳالهه کان واقف نه آهن ته پو اهو اعتراض سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي تي عائد ٿئي ٿو ته انهن کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته اهي مترجم جي اجازت کان بغير ئي سندس ترجمو ڪيل ڪتاب جا ڪجهه حصا حذف ڪري ڇڏين..!!!؟؟

    منهنجي ڪا ڳالهه ناگوار لڳي هجي ته معذرت.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    سائين محترم ممتاز قريشي جي حڪم تي مدح نامه سنڌ جي پهرين چاپي مان مذڪور صفحي جي عڪس ڏيئي رهيو آهيان.
    ان ۾ محذوف شده عبارت کي سمجهندا.
    آساني خاطر انهن لائينن جيڪي سنڌي لئنگيج اٿارٽي واري ڇاپي ۾ عبارت نه آهي ان کي ڳاڙهي دائري ۾ بند ڪيو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    سائين محترم ممتاز قريشي جي حڪم تي مدح نامه سنڌ جي پهرين چاپي مان مذڪور صفحي جي عڪس ڏيئي رهيو آهيان.
    ان ۾ محذوف شده عبارت کي سمجهندا.
    آساني خاطر انهن لائينن جيڪي سنڌي لئنگيج اٿارٽي واري ڇاپي ۾ عبارت نه آهي ان کي ڳاڙهي دائري ۾ بند ڪيو آهي.


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليه پنهنجي وقت جو هڪ نامور عالم، فقيه۽ محدث به ٿي گذريو آهي. پاڻ شريعت جا سخت پابند هئا ۽ سندس تاليف ٿيل ڪيترن ئي ڪتابن کي سڄي دنيا ۾ خاص شهرت حاصل آهي.

    مان ادا عبد الله السندي صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آهيان جن "مدح نامه سنڌ" مان انهن "تڪراري" بڻائي حذف ٿيل حصن کي اسان تائين پهچايو جن کي لڪائي هڪ طرح سان مخدوم صاحب جن جي مشن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جزاڪ الله.

    ياد رهي ته هي حقيقتون سنڌ سلامت فورم تي مختلف مضمونن ذريعي پڻ ظاهر ٿينديون رهيون آهن. يقينن مخدوم صاحب جي دور ۾ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي شيعه نعوذباالله اصحابي سڳورن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارا نه هوندا ، جن بابت مخدوم صاحب پڻ نشاندهي ڪئي آهي، پر افسوس جو زماني جي تبديلين سان اسلام دشمن عناصرن سنڌ ۾ به پنهنجو اثر رسوخ وڌايو ۽ بدقسمتي سان اڄ صورتحال ڪافي خراب ٿي چڪي آهي. اسان جا اٻوجهه سنڌي سندن شر کان محفوظ نه رهي سگهيا آهن.

    مخدوم صاحب هڪ ٻي اهم ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڇڪايو آهي جيڪا "تحريف قرآن" بابت آهي.
    پڙهندڙن کي ڄاڻڻ گهرجي ته الله رب العزت جي آخري آسماني ڪتاب "قرآن مجيد" تي شڪوڪ شبها پيدا ڪرڻ ۽ سندس سچائي تي دشمن اسلام پاران هر دور ۾ آڱريون کڄنديون رهيون آهن.
    هر مسلمان کي قرآن پاڪ جي هڪ هڪ لفظ تي ايمان رکڻ لازم آهي. صرف اهو چئي ڇڏڻ ته اسان جو قرآن پاڪ تي ايمان آهي ڪافي نه آهي پر اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان هن موجوده قرآن کي ئي اصل قرآن پاڪ سمجهون ۽ کيس ڪنهن به قسم جي تحريف يا واڌ ويجهه يا ڪمي بيشي کان محفوظ سمجهون.
    پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه وقت اڳ قرآن پاڪ جي سچائي بابت ڪجهه حقيقتون پهچائڻ لا مون هڪ مضمون جي شروعات ڪئي آهي.

    منهنجي ڪوشش هئي ته الله پاڪ جي آخري آسماني ڪتاب "قرآن پاڪ" تي شڪوڪ شبها پيدا ڪري عام مسلمانن کي گمراهه ڪندڙ مختلف اعتراضن جا جواب تحرير ڪيا وڃن، اهو به ياد رهي ته اهو مضمون لکڻ لا مخالف دوستن ئي اُڪسايو هو ۽ مختلف موقعن تي مون کي چيلينج به ڪيو ويو هو.
    افسوس جو ان مضمون کي صرف چند ڏينهن ۾ ئي مخصوص سوچ رکندڙن مختلف غير اخلاقي ڳالهيون ڪري بند ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي جيڪا ڪامياب به ٿي وئي...!!
    بحرحال سندن اها روش به اهو ئي ثابت ڪري ٿي ته اهي قرآن پاڪ بابت ڪهڙو عقيدو رکندا آهن...!!
    موجوده قرآن پاڪ ئي اصل قرآن آهي..!! صرف مضمون جو اهو عنوان ئي کين برداشت ٿي نه سگهيو..!!
    اهو ئي سبب آهي جو وڌيڪ ڪنهن ٻي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ کان پهرين ئي پاڻ پنهنجي بداخلاقي سان اهو ظاهر ڪري ڇڏيائون ته سندن دلين ۾ قرآن پاڪ بابت ڪهڙو عقيدو لڪيل آهي.
    اڄ به دشمن اسلام لفظي هير ڦير جي مدد سان عام مسلمانن جي ذهنن ۾ گمراهي جا ٻج ڇٽيندا رهندا آهن، هڪ طرف قرآن پاڪ تي ايمان ۽ ٻئي طرف نعوذباالله ان جي تحريف جا به قائل...!!!

    خوشقسمتي سان وقت جي هر عالم سڳوري دشمن اسلام جي انهن سازشن کي بي نقاب ڪيو آهي پر بدقسمتي سان اڄ به سندن ڪيل محنتن کي عام پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ مختلف رڪاوٽون، مختلف بهانا ڪيا ويندا آهن...!!!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 مارچ 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو