جسم ٿڙڪائيندڙ. تجسس ۽ سسپينس سان ڀرپور اسڪرين ناٽڪ (سيريل) قاتل ٻالڪ قاتل ٻالڪ تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي (عبدالرزاق ميمڻ) مُهاڳ لاچاري ۽ مُفلسي جي پيڙُهن کي برداشت ڪرڻ صاحب ڪردار ماڻهن جو ئي نصيب آهي. عام ماڻهون ته گهٻراهٽ ۾ جلدي گهيرجي ڏوه جي راه اختيار ڪري وٺي ٿو. جي مال ۽ ملڪيت بغير محنت ۽ مشقت پاڻهين ئي اچي جهولي ۾ پوي ته ڏوهاري ذهن (خير ۽ شر) طرف سوچڻ ئي ڇڏيو ڏي. هُن جي ڀلا اڃا عُمر ئي ڇا هُئي. ننڍڙو ٻالڪ ئي هو هُو. ته هُن تي قتل ڪرڻ جو ڇاپو لڳي ويو. بحرحال هو قتل ڪري به معصوم ۽ بي ڏوهي هو، اُها ٻي ڳالهه ُئي ته ميڊيا هُن جو هيڻون آواز ٿر، بر۽ بيابان اُڪارائي ڇڏيو. پو ته هُن کي ته ڀڄي فرار ٿيڻو ئي هو ۽ هُو همٿ ڪري ڀڄندو رهيو. پوليس سندس پويان هُئي. ڪي ٻيا ماڻهون به سندس رت جا اُڃايل هُئا. جڏنهن هُن کي پروڙ پئي ته گهڻي دير ٿي چُڪي هُئي. هو پاڻ حيران هو ته ايترا سارا ماڻهون آخر ڇو شڪاري ڪُتن وانگر سندس پويان هُئا. سندس بچڻ جي چانس ٻُڙي هُئي تنهن هوندي به هو هر هر موت کي گوهي ڏئي بچندو ويو. پر آخر ڪيستائين. بلآخر هو ٿڪجي نڊهال ٿي پيو. هڪ بي آسري ۽ سهاري وارو اڪيلو ٻالڪ ڪيستائين ميڊيا جي شهرت ، سماج جي ڏاڍ ۽ جبر جو مُقابلو ڪري ٿي سگهيو. آخر ڪيستائين ؟ ڇا واقعي قسمت فرار ٿي وڙهندڙن جو ساٿ ڏي ٿي اهو ته هي اسڪرين پلي ئي پڙهي اوهان کي خبر پوندي. ڪردار نَجُو : قاتل ٻالڪ عُمر 12 سال شهباز : جانچ آفيسر عمر 33 سال حاڪم : ٿاڻي جو ايس ايڇ او عمر 45 سال منشي ڪريم : ڏوهاري ٻارن جي بيرڪ جو سپروائيزر ۽ گارڊ (مقتول) عمر 45 سال صائمه : ايف ايم ريڊيو جي انائونسر (ميزبان) ۽ ٻيا گهڻائي
ٽائٽل قاتل ٻالڪ (نجُو) اکيو ٻوٽي ڀڄندو رهيو، دهشت ، وهشت ۽ خوف کان سندس بدن ڏڪي رهيو هو. هو اُگهاڙي پيرن هو، هن کي خبر نه پئي پئجي سگهي ته هُن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها. سواءِ اُنجي ته ڀڄندو رهو ڊوڙندو رهي. هُن جي ذهن ۾ ته بس هڪ ڳالهه هُئي ته هو جيترو ممڪن ٿئي (سي. آءِ. ڊي سينٽر) کان گهڻو پري ٿي وڃي. منزل جي ته ڪا به خبر نه هُئيس پر ٻالڪ جو ذهن يڪسوئيءَ سان (سي. آءِ. ڊي سينٽر) کان گهڻو پري نڪرڻ جو هو. رات جو وقت هو، اونداهيءَ هُئڻ جي ڪري هو ڊوڙندو به گهڻن جڳهين تي ٿاٻڙجي ڪرندو رهيو پوءِ به هو زخمي ٿيڻ کان بچي ويو. هو پنهنجي ذهن جي واحد (ڪمانڊ) تي عمل ڪري رهيو هو. ڀڄ ! .. ڀڄندو ره ! تاثر ائين هُئس ڄڻ جهنم جون سموريون بلائون سندس تعاقب ۾ هُجن . ڀڄندو ره نجو ! ڀڄندو ره ! جيترو گهڻو ڀڄي سگهين ڀڃندو ره ! ۽ هو هر شيءِ کي اورانگهيندو ڀڄندو رهيو ! ڇو جو سي.آءِ . ڊي ٽيم جي تعاقب جو خطرو به ايترو ئي ته هو.
سياري جي ٿڌ هُئڻ باوجود هن جو پهلوان جسم ڏڪي رهيو هو. (ٻالڪ نجُو) ڳاڙهين سِرُن جي ڀٿ سان لڳ هڪ ٻُوٽي هيٺان لڪيل هو. لڪڻ جي جڳهه بلڪل مختصر هُئي. هن کي نارنگي رنگ جي گنجي نمان قيدين جو لباس پيل هو جنهن جي پويان (قيدي لفظ) اُڪريل هو. کيس خبر ئي نه پئي ته هو ڪٿي اچي پُڳو ۽ لڪيو آهي. سي.آءِ. ڊي سينٽر جي عمارت مان نڪرندي هُن ڊوڙ پاتي هُئي، هو اگهاڙي پيرين هو پوءِ به روڊ تي ڪنڊن ، پٿرين لڳڻ جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن خوفزده هرڻ وانگر هو پوري رفتار سان ڊُڙندو پئي ويو. هن جي ذهن ۾ صرف ٻه ڳالهيون هُيون هڪ (دهشت) ٻي (وحشت) ته هو ڪنهن به حالت ۾ واپس سي.آءِ. ڊي سينٽر ڪونه ويندو. سندس ساڄي پاسي اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو، شايد ڪو کيس نشانو بڻائي رهيو هو، سندس (شعور )کيس صلاح ڏني ته هو ان پناه گاه کان ڀڄي وڃي پر اندر جي (لاشعور) زور ڀريس ته خبردار جو ٻاهر نڪتو آهين !. هن مختصر پناه گاه مان جهاتي پائي هر طرف ڏسڻ لڳو ! کيس ڪو به هٿيار بند ڏسڻ ۾ نه آيو. روڊ تي شايد ٻارڙن جو هڪ گروپ ڏياري ملهائي ڦٽاڪا ساڙي رهيو هو. هن جو ذهن هڪدم فليش بيڪ (ماضيءَ ۾) ۾ هلي ويو. هو پنهنجي پيءُ سان گڏ پنهنجي گهر جي سامهون آتش بازي ڏسي رهيو هو هزارين عڪس ۽ خيال سندس پيڇو ڪرڻ لڳا هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. زندگيءَ ساڻس ڪو چڱو برتاءُ ڪونه ڪيو هو. ڇو جو پوءِ پيءُ کيس هن جهنمي دُنيا ۾ ڇڏي آسماني جنت ڏانهن هلي ويو هو ۽ هو پنهنجي چاچي جي رحم ڪرم تي هو. ماڻهون کيس فالتو ڪچرو سمجهي سلوڪ ڪرڻ لڳا هُئا. سندس ڪو ساٿي ڪونه هو هُن جي هر ڳالهه غلط سمجهي وئي محض ان لاءِ ته هو (ٻالڪ) هو. مان ٻار آهيان ته ان ۾ مُنهنجو ڪهڙو ڏوه؟ هو سوچڻ لڳو ! اوچتو هُن جي سوچ جي ڪنڊ ڦري وئي ، هو فليش بيڪ مان واپس اچي ويو ۽ کيس ياد اچي ويو ته هو ڇا ڪري آيو آهي ! قتل ! جا ها قتل ! هو پهرئين به گهڻن تڪليفن کي مُنهن ڏئي رهيو هو پر اڄ جهڙي (خوفناڪ سانحي) جو هن کي ڪڏنهن به واسطو نه پيو هو. هن کي ڀڄڻو هو ! پر هو ڀڄي وڃي ته وڃي ڪيڏانهن !
هُن جو وُجود وري هڪ دفعو ٻيهر ڏڪڻ لڳو، ساه تيز کڻڻ لڳو، پوءِ هڪ گهرو ساه کڻي هو آهستي آهستي پنهنجي لڪڻ واري مختصر پناه گاهکان ٻاهر نڪري آيو. هن لاءِ ضوري هو ته هو پُرسڪون ٿئي ڇو جو جي هو بوکلاهٽ پريشانيءَ جي حالتن جو شڪار رهيو ته کائنس ضرور ڪي بيوقوفيون سرزرد ٿي وينديون. پنهنجي بچاءَ لاءِ کيس ٿڌي دماغ سان سوچڻو هو جنهن لاءِ هڪدم کيس پنجن شين جي ضرورت هُئي. هڪ (منصوبو) ، ٻيو کاڌو (ماني)، ٽيون (ننڊ)، ڇوٿون (محفظ پناه گاه) ۽ پنجين (قيديءَ واري نارنگي گنجيءَ) کان ڇوٽڪارو. منصوبو ٺاهڻ کان پهرئين باقي چئن شين جي حصول لاءِ لازمي هُن کي ڪنهن گهر ۾ داخل ٿيڻو هو. پر ڪيئن ؟ ۽ ان ۾ ڪيترو خطرو هو. بيشڪ دروازا ۽ دريون لاڪ هونديون، پر ان جو مطلب اهو هرگز نه ٿيو ته هو ڪنهن گهر ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. هن پنهنجي اعصابن کي ڍلو ڪري ڇڏيو. هن احتياط سان چوطرف موجود گهرن جو جائزو ورتو، سڀ بنگلا خوبصورت ۽ روشن هُئا. گاڏيون آيون ويون پئي. ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز به ۽ انهن آوازن ۾ ٻارن جو گوڙ به شامل هو. هو سوچ ۾ پئجي ويو. پوءِ روڊ جي ٻئي پاسي کيس هڪ اهڙو بنگلو ڏسڻ ۾ آيو جنهن مان نه روشني پئي نڪتي نه ئي سامهون ڪو خوشنمان منظر هو. لان ۾ گاهه جو هڪ حصو ته هو پر گاه وڌيل هو ڄڻ ڪو ڪافي وقت کان رهي ڪونه ٿو. هو اڳتي وڌي بنگلي جي ويجهو پُهتو، مين گيٽ ڦهلانگي آيو ته کيس گيٽ ڀرسان ويڙهيل مختلف اخبارن جا رول مليا. نَجُو سمجهي ويو ته شايد هي بنگلو هفتن کان خالي پيو آهي پوءِ هن فيصلو ڪري ورتو ! ڪُجه ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ اڄ رات هو هن خالي بنگلي ۾ گُذاري سگهي ٿو هو اطمينان ۾ اچي ويو.