محمد خان سيال
سينيئر رڪن
دهشتگرد لساني تنظيم ايم ڪيو ايم، پاڪستان جي ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق ٺهرائي هئي ـ انهيءَ تنظيم هيلتائين هزارين بي گناهه سنڌي، بلوچ، پنجابي، پٺاڻن ۽ مهاجرن کي قتل ڪيو آهي ۽ اها گھڻو اڳ، مڪمل طور دهشتگرد تنظيم بڻجي وئي آهي ـ ٻيو ته ٺهيو پر سندس پارٽيءَ ۾ مقبول ٿيندڙ ليڊرن کي به قتل ڪيو ويو ته جيئن الطاف جي هڪ هٽي برقرار رهي ـ
سنڌ ۾ پ پ پ جي آصف علي زرداري ۽ نوي ورهين جي ڄمار واري زندهه لاش يعني وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ انتھائي بيڊ گورننس واري سنڌ سرڪار، رشوت ۽ بدعنوانين جي بازار گرم رکي آهي پر تنهن هوندي به ساري سنڌي قوم کي گندو ڪوٺي ڪونه ٿو سگھجي، اهڙي ريت لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ سبب سڀني مهاجرن کي به دهشتگرد سمجھڻ نامناسب آهي ـ
هن وقت دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم خلاف وڏي پيماني تي آپريشن جاري آهي جنهن جي اصل ۾ اها تنظيم پاڻ ذميدار آهي پر انهيءَ ڪري ڪجھه سنڌي قوم پرستن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ڇاڪاڻ ته کين دهشتگرد تنظيم سان اڃا به وڏي همدردي آهي ۽ هو نهايت ئي غلط بياني ڪندي انهيءَ کي ساري مهاجر آباديءَ خلاف آپريشن ڪرڻ جو غلط تاثر ڏيئي رهيا آهن ـ
لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين ڪيترا ڀيرا سنڌ کي ٽوڙي چئن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي ۽ هڪ اڌ دفعو ته سنڌ کي ٽوڙي مهاجرن جو الڳ ملڪ بڻائڻ جو به اعلان ڪري چڪو آهي جڏهن ته سنڌين جي شديد ردعمل جي باوجود هو پنهنجو اهڙو سنڌ دشمن بيان واپس وٺڻ لاءِ ڪڏهن به تيار ڪونه رهيو آهي پر تنهن هوندي به ويچارا ڪجھه سنڌي قومپرست، انهيءَ سنڌ دشمن تنظيم جي نمڪ حلالي ڪندي، سندس عشق ۾ ويڳاڻا ٿي پيا آهن ـ
انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي جنهن کي پاڪستان جي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر عرف شريف النفس ضياءِالحق کان علاوهه عصبيت پرست ۽ سنڌي دشمن جنرل مشرف نون ورهين تائين خوب تاتيو ۽ سندن هر طريقي سان واهر ڪئي ـ
هاڻ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم خلاف فوج آپريشن ڪري رهي آهي ته سنڌ جي عظيم مفاد خاطر انهيءَ جي آجيان ڪرڻ گھرجي ته ڀلي لوهه کي لوهه ڪاٽي ڇاڪاڻ ته اهو لوهه هيلتائين سنڌين کان ڪٽجي ڪونه سگھيو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي اڳ ئي غيرمنظم ۽ ٽُڪرن ۾ ورهايل آهن ـ
پر هاڻ ته حيرت انگيز طور ڪجھه سنڌي قوم پرست ايم ڪيو ايم خلاف هڪ اڌ جملو لکي مجموعي طور ان جي مڪمل وڪالت ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ آپريشن کي سموري اردو آباديءَ خلاف، پنجاب طرفان سٽيل سازش سان ڀيٽي رهيا آهن ـ
انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته سنڌي قومپرست مجموعي طور پنهنجي ڪارپت ۽ ساک وڃائي ويٺا آهن ۽ پاڻ کي سڌارڻ ۽ ڀتاخوري، پلاٽن تي قبضا ۽ دهشتگردي ڇڏڻ بدران گھڻو ڪري سنڌين کي گاريون ڏيندا رهن ٿا ته هو سندس حمايت ڪونه ٿا ڪن ـ هو دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ آپريشن جي به مخالفت ڪري شايد اهو ثابت ڪرڻ چاهين ٿا ته کين سنڌ سان ڪا خاص همدردي ڪانهي ـ
مان سنڌي قوم پرستن کي صلاح ڏيندس: ڇڏين ته ڀلي لوهه کي، لوهه ڪاٽي ڇاڪاڻ ته اهڙي ريت سنڌ دشمن لساني تنظيم کان ڇوٽڪارو ملندو يا گھٽ ۾ گھٽ ان جي چيلهه چٻي ٿي پوندي ڇاڪاڻ ته انهيءَ آپريشن لاءِ اها تنظيم پاڻ ذميدار آهي، تنهن ڪري سنڌي قوم پرست ان لاءِ ڏاچي هڻي ڏھه ته توڏو هڻي تيرهن وانگيان پنجاب جي سازش ڪوٺي سنڌ دشمنن سان همدردي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن نه ته سندن رهيل سهيل پت به وائکي ٿي ويندي ـ
دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي راءِ جو اظھار ڪن ڇاڪاڻ ته هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي ـ رڳو ايترو عرض آهي ته اخلاق اندر رهي تبصرا ڪيا وڃن