ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي ٽئين ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪسستان کي ميزبان آسٽريليا هٿان شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روئي روئي ۽ رڙهي رڙهي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ پاڪستاني ٽيم هڪ دفعو وري ناڪام بيٽنگ ۽ ناقص پلاننگ سبب ڪوارٽر فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کائي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. ڪرڪيٽ جي پنڊتن ۽ ماهرن اڳ ئي اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته آسٽريليا فاتح ٿيندو.

    اڄ ايڊيليڊ ۾ ٿيندڙ ٽين ڪوارٽر فائنل ۾ بيٽنگ پچ تي پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سرفراز ته اڄ ڌوڪو ڪيو ئي ڪيو پر ان کان وڏو ڌوڪو سڀني ٽاپ آرڊر بيٽنگ ڪيو. صرف 24 رنسن تي اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ کانپوء ڪپتان مصباح الحق ۽ حارث سهيل ٽيم کي سنڀاليو ۽ اسڪور کي اڳتي وڌائيندا رهيا. آسٽريلين بالر کين آئوٽ ڪرڻ ۾ بيوس لڳي رهيا هئا ۽ اسڪور 23 هين اوور ۾ 97 رنسن تي پهتو ته پارٽ ٽائيم بالر ميڪسويل جي بال تي مصباح الحق 34 رنسون ٺاهي بائونڊري لائين تي پاڻ ئي آسان ڪيچ ڏئي ويٺو. جلد ئي حارث سهيل به 41 رنسون ٺاهي ٻاهرين بال سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندي وڪيٽ ڪيپر کي آسان ڪيچ ڏئي ڇڏيو. عمر اڪمل ۽ سهيب مقصود بجاء ان جو ڪا پارٽنر شپ جوڙين، تيزي سان اڳتي اسڪور وڌائڻ جي چڪر ۾ نظر آيا ۽ عمر اڪمل به بائونڊري لائين تي آسان ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿيو، ساڳي طرح آفريدي به پاور پلي کان هڪ اوور اڳ وڏي شاٽ کيڏندي ساڳي جڳهه بائونڊري لائين تي ڪيچ ٿيو ..... ۽ بس ايئن پاڪستان راند ڏئي ويٺو ..... پوري ٽيم 50 هين اوور ۾ صرف 213 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. هيزل ووڊ 4 وڪيٽون ورتيون.

    ننڍي اسڪور جي تعاقب ۾ آسٽريليا سولوائي سان اسڪور طرف وڌيو پر وهاب رياض جي شاندار بالنگ سبب اهو لڳو پئي ته ميچ دلچسپ ٿيندي، وهاب رياض لڳاتار ٻه وڪيٽون ورتيون. 59 رنسن تي ٽي وڪيٽون ڪريون ته آسٽرليا لڙکڙائڻ لڳو. ان اهم موقعي تي وهاب رياض جي بال تي پاڪستاني فيلڊرن واٽسن جا ٻه آسان ڪيچ ڇڏي ڏنا ۽ بس اتان پاڪستان جون رهيل اميدون به ختم ٿي ويون. سمٿ 65 ۽ واٽسن 64 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري سيمي فائنل ۾ پڄايو. 34 هين اوور ۾ آسٽريليا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 216 رنسون ڪري ورتيون.

    هيزلووڊ کي 4 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ جو اوارڊ ڏنو ويو. سيمي فائنل ۾ آسٽريليا جو مقابلو ڀارت سان ٿيندو.

    مڪمل اسڪور لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    لٿو لُڙ
    جڪڏهن آفريقي ڀاڙي نه ٿين ها ته هن اڄوڪي ميچ ۾ به پ ٽيم نه هجي ها.
    باقي هنن همراهن کي جيڪا واه واه ملي سا هنن ڪمزورن ٽيمن کان کٽڻ تان ملي.. بس سائين ڇا چئجي؟
    UAE
    Ireland
    Zimbabwe
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي فيلڊنگ جي سڌرڻ جو آسرو ڪرڻ ايئن آهي جيئن پاڪستان مان لوڊشيڊنگ جلدي ختم ٿيڻ جو خواب ڏسڻ۔۔ جيڪي ٻئي ناممڪن آهن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو