اسان ڏي عشق آيو آ

اسان ڏي عشق آيو آ....

_______________

اسان ڏي عشق آيو آ سوين تنهنجي سلامن سان

اسان ڏي پيار آ پهتو گهڻين قربن ڪلامن سان

اها تنهنجي محبت آ ڪيو مجبور جنهن عالم

دنيا دستور دمب ٿي ويا مٽجي ويو ملامن سان

اهو اهڙو نسورو نينهن آيو آ اڱڻ منهنجي

ڪيان ٿو مان تياري پو وڇايان ديد دامن سان

اهو ايڏو جو چسڪو آ خبر ڪين هئي چاهت جي

چريا ٿي ويا سڀئي سالک عقل جت ڪين نالن سان

چڪي پي يار ٿيو چريو خبر جنهن کي نه دنيا جي

رڳو هن کي تصور آ ڪري ڳالهيون ٿو پيارن سان

اسان وٽ نينهن جا نياپا هوا باد صبا آندا

ائين لهرون لڱن لڳيون ٿيون ڳالهيون يارن سان


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top