ڪالھ جڏھن سنڌ رينجرز ھمت ڪري ڪراچي شھر م موجود نامعلوم ماڻھن جي پناھ گاھ عزيزآباد جنھن کي ماڻھون 90 چوندا آُھن م اوچتو ڇاپو ھنيو ۽ اتي موجود ٰٰ نامعلوم ماڻھن کي غير ملڪي اسلحي سميت گرفتار ڪيو، ته ڪراچي جي ھر شُھري جي مک م مرڪ ڏسي دل جھومي پيو ، ڇو ته ھي نامعلوم ماڻھو ھرروز ڪٿي نه ڪٿي ڪراچي جي مٽي کي پيا مظلوم ماڻھن جي رت سان رڱيندا ُھئا، ۽ پوء نجي نيوز چينلن جي اسڪرين تي پٽي ُھلندي ُھئي ته اڄ ڪراچي شھر م نامعلوم ماڻھن جي فائرنگ م قتل ٿيندڙ ماڻھن جو تعداد ھڪ درجن کان وڌي ويو. سڀ معلوم ھوندين به نامعلوم لکندا ھئا. ڪالھ جڏھن رينجرز وارن انھن نامعلوم ماڻھن جي ڳچي م ھٿ وڌو تڏھن کين شاباس ڏيڻ جي بجاء اھي سڄو ڏينھن رات تائين انھن نامعلوم ماڻھن جي آقائن جا مظلوميت وارا قومي اداري خلاف گٿن لفظن تي مشتمل بيان ۽ پريس ڪانفرنسون نشر ڪندا رھيا. ڪنھن ڪراچي ۾ رھندڙ عوام کان انھن نامعلوم ماڻھن جي گرفتاري ۽ سڃاڻپ ٿيڻ بعد سندن رائي پڇڻ جي ھمت نه ڪئي. ته اڄ ھي ايترا خوش ڇو آھن. ڇو ته ڪالھ نه ئي عيد جو ڏھاڙو ھو نه ڪو قومي ڏھاڙو . پوء به خوش ھئا. ڇو ته رينجرز وارن ڪراچي جي شھرين سميت دنيا کي ٻڌايو ته ڪراچي شھر جي امن جا دشمن نامعلوم ماڻھو ڪير آھن ۽ ڪٿي ٿا رھن، شاباس سنڌ رينجرز
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ماڻهو خوش آهن ۽ رينجرز کي سلامي آهن ... بس اها اميد ۽ اها دعا آهي ته هي آپريشن ڪراچي سان گڏ سڄي سنڌ ۾ مڪمل ۽ ڪامياب ٿئي.