• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي آپريشن بعد شھرين جي چھرن تي مرڪ

images


ڪالھ جڏھن سنڌ رينجرز ھمت ڪري ڪراچي شھر م موجود نامعلوم ماڻھن جي پناھ گاھ عزيزآباد جنھن کي ماڻھون 90 چوندا آُھن م اوچتو ڇاپو ھنيو ۽ اتي موجود ٰٰ نامعلوم ماڻھن کي غير ملڪي اسلحي سميت گرفتار ڪيو، ته ڪراچي جي ھر شُھري جي مک م مرڪ ڏسي دل جھومي پيو ، ڇو ته ھي نامعلوم ماڻھو ھرروز ڪٿي نه ڪٿي ڪراچي جي مٽي کي پيا مظلوم ماڻھن جي رت سان رڱيندا ُھئا، ۽ پوء نجي نيوز چينلن جي اسڪرين تي پٽي ُھلندي ُھئي ته اڄ ڪراچي شھر م نامعلوم ماڻھن جي فائرنگ م قتل ٿيندڙ ماڻھن جو تعداد ھڪ درجن کان وڌي ويو. سڀ معلوم ھوندين به نامعلوم لکندا ھئا.
ڪالھ جڏھن رينجرز وارن انھن نامعلوم ماڻھن جي ڳچي م ھٿ وڌو تڏھن کين شاباس ڏيڻ جي بجاء اھي سڄو ڏينھن رات تائين انھن نامعلوم ماڻھن جي آقائن جا مظلوميت وارا قومي اداري خلاف گٿن لفظن تي مشتمل بيان ۽ پريس ڪانفرنسون نشر ڪندا رھيا.
ڪنھن ڪراچي ۾ رھندڙ عوام کان انھن نامعلوم ماڻھن جي گرفتاري ۽ سڃاڻپ ٿيڻ بعد سندن رائي پڇڻ جي ھمت نه ڪئي. ته اڄ ھي ايترا خوش ڇو آھن. ڇو ته ڪالھ نه ئي عيد جو ڏھاڙو ھو نه ڪو قومي ڏھاڙو . پوء به خوش ھئا. ڇو ته رينجرز وارن ڪراچي جي شھرين سميت دنيا کي ٻڌايو ته ڪراچي شھر جي امن جا دشمن نامعلوم ماڻھو ڪير آھن ۽ ڪٿي ٿا رھن،
شاباس سنڌ رينجرز
 
هاڻي نامعلوم ماڻهو فُل فرائي ۽ هاف فرائي پيا ٿين ان ڪري نامعلوم افراد پاڻ لڪائڻ ۾ پورا آهن
 
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ماڻهو خوش آهن ۽ رينجرز کي سلامي آهن ... بس اها اميد ۽ اها دعا آهي ته هي آپريشن ڪراچي سان گڏ سڄي سنڌ ۾ مڪمل ۽ ڪامياب ٿئي.
 
Back
Top