غزل مصور عالم

مصور عالم

سينيئر رڪن
ڪيڏا اوکا قرب ڪشالا،
دل پڻ نينڍيا دردن ڀالا،

ديدون تنهنجون داين جهڙيون،
منهنجي اک ڄڻ آترشالا،

توبن ڪهڙي ڪوتا جانب،
منهنجا هاڻي گيت اٻالا،

مون سان گڏ هي تنهنجون يادون،
پوڙهين ٻانهن جيئن ٻالا،

مخمور مصور ماٺ نه ٿي،
مومن هي ٿيندا متوالا.
 
Back
Top