گاڏين جي پوئين اسڪرين تي نت نوان جملا لکڻ اڄ ڪلهه فيشن بڻجي ويو آهي... مان فقط ٻه لطيفا ونڊ ڪرڻ چاهيندس. هڪ مريض جڏهن حادثي بعد هسپتال ۾ اک کولي ته بيحد خوف ۾ ورتل هو، ڊاڪٽرن چيس بابا هاڻي ته تون محفوظ آهين پوءِ ڇا جي لاءِ ڊڄي رهيو آهين.. همراهه چيو جنهن ٽرڪ سان منهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو ان جي پويان لکيل هو ”زندگي رهي ته وري ملنداسين...“ هڪ سِک سردار جو ايڪسيڊنٽ ٿيو، همراهه جڏهن هوش ۾ آيو ته کانئس ماڻهن پڇيو، ايڏي ساري گاڏي توکي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي ڇا؟، ته سِک وراڻيو، گاڏي ته نظر آئي پر ان جي اڳيان لکيل هو : ”تون لنگهي وڃ، اسان جو خير آهي“ توهان جيڪڏهن اهڙا ڪي مزاحيه جملا ڏٺا هجن ته هتي شيئر ڪجو.
هل ڙي چري يارن سان ڪهڙا ليکا موت سي محبت زندگي سي نفرت حسينون ڪا عاشق. بس يار ڪير سمجهائي گاڏين وارن کي