محمد خان سيال
سينيئر رڪن
مٿيون ايوان سينيٽ جنهن ۾ سنڌين جي ڪوٽا اڳ ئي اٽڪل ٽيون حصو مس آهي يعني سنڌي ميمبر، سنڌ جي ڪل ڪوٽا اٽڪل 23 مان 7 يا 8 مس آهن ڇاڪاڻ ته آصف زرداري سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽ ۾ اڪثريتي غير سنڌي ميمبر چونڊرائيندو رهندو آهي، تنهن فيصلو ڪيو آهي ته سينيٽ جي پ پ پ ٽڪيٽ تي چونڊيل هڪ ٺيٺ سنڌي ميمبر عبدالطيف انصاريءَ کان استعيفا ڏياري، مسز شيري رحمان کي نئون سينيٽر چونڊرايو ويندو ـ جيتوڻيڪ شيري رحمان جو پيءُ سنڌي تعليمدان هو پر سندس ماءُ توڙي مڙس غير سنڌي آهن ۽ چون ٿا ته هو پاڻ به سنڌي نه ٿي ڳالهائي سگھي ـ اهڙي ريت ٺيٺ سنڌين کان سينيٽ جي هڪ وڌيڪ سيٽ ڦرجي ويندي ـ