• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تخليق ڪائنات

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
تخليق ڪائنات آ اها عشق جي ذات آ.
جنهن سڃاتو نه پاڻ کي تنهن لئه زندگي سڪرات آ.
سڃاتو جنهن پاڻ کي سي دهلن تي ٿي نچيا
السماع معراج الاوليا تنهن لئه شب برات آ.
جيستائين آهين نفي ۾ تون پردي اندر رھ
جڏهن ٿئي اثبات ثابت پڪ سمجھ اُها ذات آ.
پير مغان جي پڙ تون مليو سبق هي معراج جو
تون بشر آن نور به آن تنهنجي قبضي ۾ هي شش جهات آ.
خاڪي بدن ۾ لڪل آ حقيقت تنهنجي
سمجھ اشارو “في انفسڪم“ آئي فرقان سندي آيات آ.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top