جڏهن عورت ڊرائيونگ ڪري ته پوءِ...........

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2015۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ عورت ڪار هلائي رهي هئي ، جڏهن هو هڪ مقام تان نارمل اسپيڊ ۾ گذري ته ڪئميرا جي فليش لڳي..
    هوءَ سمجهي وئي ته پڪ سان روڊ کاتي جي پوليس وارن جي ڪئميرا سندس گاڏيءَ جو ڦوٽو وٺي ورتو آهي ۽ کيس هاڻي تيز اسپيڊ جي ڪري جرمانو لڳندو. ”ڇا اها واقعي هاءِ وي وارن جي ڪئميرا جي ئي فليش آهي؟“
    دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ هوءَ ڪار ۾ واپس ساڳئي جڳهه تان گذري ته وري فليش لڳي. هاڻ ته کيس پڪ ٿي وئي ته اها هاءِ وي وارن جي ئي ڪئميرا جي فليش هئي ۽ انهن کيس تيز اسپيڊ ۾ ڪار هلائيندي ڏسي ورتو آهي ۽ هاڻي سندس چالان ٿيندو.. پنهنجي ڪار جي اسپيڊ جي ڪانٽي ڏانهن نظر ڪندي سندس ساهه ۾ ساهه پيو ” پرمان ته تيز اسپيڊ ۾ گاڏي نه پئي هلايان، پوءِ ڀلا منهنجي ڪار جي تصوير ڪنهن ورتي...؟“
    اهو سوچيندي سوچيندي هو ڪار ڦيرائي ٽيون ڀيرو ساڳئي جڳهه تان گذري. وري فليش جو جهلڪو ٿيو.. هاڻ سندس خوف جهڪو ٿي چڪو هيو ۽ هوءَ سمجهي وئي ته اها ڪا ڪئميرا جي فليش ناهي، سج جي روشنيءَ جي ڪري اهو جهلڪو لڳي رهيو آهي.. وڌيڪ ٻه ڀيرا هو ساڳئي جڳهه تان گذري ۽ پوءِ پنهنجي ڪم سان هلي وئي..
    ٻئي ڏينهن سندس ايڊريس تي هاءِ وي پوليس جي طرفان جرماني جون 5 پرچيون پهتيون.. پر اهي اسپيڊ کان وڌڻ جي نه ڪري بلڪه ان ڪري جو کيس ڊرائيونگ سيٽ تي هوندي به سيٽ بيلٽ ٻڌل ڪونه هيو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو