• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳڻ گھرجي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڇا سنڌ اندر گورنر راڄ لڳڻ گھرجي؟ ميڊيا ۾ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل طارق وسيم غازي کي سنڌ جو نئون گورنر بڻايو ويندو ۽ دهشتگرد تنظيم سان وابستا گورنر ڊاڪٽرعشرت العباد کان جند ڇٽي پوندي جيڪو گذريل 12 يا 13 ورهين کان سنڌين جي ڪنڌ تي سوار آهي ۽ لهڻ جو نالو ڪونه ٿو وٺي ـ مٿس قتل سميت 100 ڪيس داخل هئا پر سنڌين خلاف نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف کيس سنڌ ۽ سنڌين مٿان مڙهيو ۽ سندس خلاف ڪيس واپس ورتا ـ
ميڊيا موجب سنڌ اندر دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائي ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل طارق وسيم غازي کي نئون گورنر مقرر ڪيو پيو وڃي ـ
هاڻوڪين حالتن کي نظر ۾ رکندي، ڇا اوهان سمجھو ٿا ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايمي گورنر ڊاڪٽر عباد کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سنڌ جي مفاد ۾ آهي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري آصف علي زرداري، سندس ادي فريال ٽالپر ۽ نوي ورهين جي ڄمار واري زندهه لاش سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي جن سنڌ ۾ بيڊ گورننس، رشوت توڙي سنڌ جي وسيلن کي بيدرديءَ سان لُٽڻ جي گذريل ستن ورهين کان بازار گرم ڪئي آهي؟
پنهنجي بي ريا راءِ ظاهر ڪندا ته جيئن مون سميت فيس بوڪ جي دوستن جي ڄاڻ ۾ واڌ ٿئي
 
مان سمجهان ٿو ته گورنر راڄ سان سنڌ کي ڪوبه فائدو ڪونه پهچندو .... باقي بهتر آهي ته گورنر کي مٽائي وزير اعظم پنهنجو گورنر آڻي.

ڇا ان کان اڳ واري گورنر راڄ يا مارشلا لا ۾ سنڌ کي ڪو فائدو پهتو آهي ؟؟؟؟ جواب جي ڳولها ڪبي ته جواب نه ئي ملندو .....
 
گورنرجي اچڻ وڃڻ سان کو فرق پوي يا نه اصل گالھ سندھ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جيڪو اھم اشوا سندھ جو 92 وارواپريشن نوازشريف ۽ غلام اسحآق خان جھگڙي۾ اپريشن ختمڪري ايم ڪيوايم کي سرڪار ۾اندوويواپريشن ادھ۾رھ جي ويو ڪوجھه ڪرمنل ماريا ويا ڪافي ساراملڪ مان فرار ٿي ويا ھويا ھنن حڪومت ۾اچڻ (ياني ايم ڪيو ايم )اوھو ڪرمنل جيڪو ڀڄي ويو اوھو ودھيڪ مذبوت ٿي وريو ان۾ اسان جون انلافورسمنٽ ايجنسيون اسان ڍي مورالئز ٿي ويون دھشتگردي ودي وئي کلي عام پوليس کي ٽارگيٽ ڪر ماريو ويو اسان جي ارمي جي افيسرن کي ماريو ويو.صرف غلام اسحاق خان پھنجي پوليٽڪل سپورٽ خاطر ھاڻي به اگر ته اخر تائين
 
Back
Top