غزل خادم گهراڻو

khadim ghirano

سينيئر رڪن
غزل خادم گھراڻو

انبن جھليو آ ٻور ،

تون رهين پيو ڏور .

مڪا تو ڏي موڪليا

نه آئي موٽ ٿئين مغرور .

هڪ بار اچڻ اڱڻن تي ،

اداس دل ٿئي مسرور .

محبت وفا ڏئي سر،

سڏجون پيا منصور.

آس اند ر ۾ آ سمايل،

تون موٽندي ضرور.

خادم کي ڀلي نه سار،

تنهنجي چاهت ۾ آ مخمور.
 
Back
Top