توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اسان وٽ جيتري تعداد ۾ شاعر آهن ايترا جيڪڏهن ”مهارتون رکندڙ“ ڪاريگر هجن ته ڇا اسان هيئن هجئون ها؟ مان هڪ استاد آهيان، پر ان سان گڏ هڪ شاعر به آهيان. منهنجي سڄي توجهه پنهنجي شاعريءَ، بندن، استعارن، رديفن ڪافين تي آهي پر پڙهائڻ لاءِ مان ڪڏهن اها به تڪليف نه ڪئي آهي ته دنيا جهان ۾ تدريسي نظام ڪهڙن رستن سان ارتقا ڪندو بهتر کان بهتر ٿيندو پيو وڃي انهن رستن طريقن تي سوچيان! ڪڏهن به نه، پر جيڪڏهن ڪو پڇندو ته چوندم: واهيات سسٽم آهي، سليبس بيڪار آهي، ڇورا پڙهڻ ئي نه ٿا، مائٽن جو ڌيان آهي ئي ڪونه وغيره وغيره.... (يار ڇڏيو ان ڳالهه کي، هي منهنجو غزل ته ٻڌو...) هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته منهنجا ٻار ٻچا منهنجي ڌنڌي (استادگيريءَ) جي ڪري ماني کائين، سٺو پهرين ٿا يا منهنجي شاعر هجڻ جي ڪري؟ ظاهر آهي مونکي پگھار پنهنجي پيشي جي ڪري ملي ٿي. ۽ اها اوهان سڀ پڪ ڪريو ته جيڪڏهن مان پنهنجي پيشي سان سچو ناهيان ۽ ڦوڪٽ ۾ پگھارون پيو کاوان ته مان حرام ئي پيو کاوان ۽ پنهنجي ٻچڙن کي به اهو حرام ئي پيو کارايان!
پيشو ۽ وِندر سدائين ساڳيا نه هوندا آحن. ڪُجهه خوشقسمت انسان اهڙا آهن ن جي پسند ۽ وندر ساڳي هوندي آهي. مون کي اڪثر ڪيمسٽري جا استاد چوندا هُئا ته تون سنڌي ادب يا جرنلزم ۾ وڃ. پر منهنجي پسند سائنس هُئي. وندر ادب سان لڳاءُ هو. اهڙي صورت ۾ ذميداري جو احساس هُجڻ ئي اصل شيءِ آهي. اڪثر آئون سوچيندو آهيان ته ادب سان لڳاءُ واري وندر ڇڏڻ گهُرجي. ڪٿي آئون پنهنجي پيشي سان غداري ته نه ڪري رهيو آهيان. پر ڪُجهه مخلص دوستن جي دلجاءِ ڪرائڻ تي اهو ڪم ڪريو وڃان. اوهان توڙي سڀ دوست شاعري يا ٻي وندر ڀلي جاري رکن پر جيڪو رزق جي حصول جو ڪم ڏنو ويو آهي ان ۾ پوري ايمانداريءَ سان ڪم ڪن ته ڀلو ٿيندو.
اسين حرام خورن سان گڏ وڏي درجي جا گوسڙو به آھيون، ڇو ته اسان کي پنھنجو ڪم ڪرڻ تي تپ چڙھي ويندو آَ ، باقي ٻين تي تنقيد ڪرڻ پنھنجا ڪم نه ڪرڻ جي پڇاڻو ٿيڻ تي خاص بھانا ٺاھَڻ جا ماھر ضرور آھيون