عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اسان وٽ جيتري تعداد ۾ شاعر آهن ايترا جيڪڏهن ”مهارتون رکندڙ“ ڪاريگر هجن ته ڇا اسان هيئن هجئون ها؟
مان هڪ استاد آهيان، پر ان سان گڏ هڪ شاعر به آهيان. منهنجي سڄي توجهه پنهنجي شاعريءَ، بندن، استعارن، رديفن ڪافين تي آهي پر پڙهائڻ لاءِ مان ڪڏهن اها به تڪليف نه ڪئي آهي ته دنيا جهان ۾ تدريسي نظام ڪهڙن رستن سان ارتقا ڪندو بهتر کان بهتر ٿيندو پيو وڃي انهن رستن طريقن تي سوچيان! ڪڏهن به نه، پر جيڪڏهن ڪو پڇندو ته چوندم: واهيات سسٽم آهي، سليبس بيڪار آهي، ڇورا پڙهڻ ئي نه ٿا، مائٽن جو ڌيان آهي ئي ڪونه وغيره وغيره.... (يار ڇڏيو ان ڳالهه کي، هي منهنجو غزل ته ٻڌو...)
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته منهنجا ٻار ٻچا منهنجي ڌنڌي (استادگيريءَ) جي ڪري ماني کائين، سٺو پهرين ٿا يا منهنجي شاعر هجڻ جي ڪري؟
ظاهر آهي مونکي پگھار پنهنجي پيشي جي ڪري ملي ٿي. ۽ اها اوهان سڀ پڪ ڪريو ته جيڪڏهن مان پنهنجي پيشي سان سچو ناهيان ۽ ڦوڪٽ ۾ پگھارون پيو کاوان ته مان حرام ئي پيو کاوان ۽ پنهنجي ٻچڙن کي به اهو حرام ئي پيو کارايان!