سنڌ اندر سياسي شعورجي کوٽ

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سعيداحمد مڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2015۔

  1. سعيداحمد مڱريو

    سعيداحمد مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2015
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هن موجوده دور ۾ سنڌ اندر سياسي شعور جو هڪ وڏو خلا نظر اچي رهيو آهي، جنهن کي ڀرڻ۾ سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن کي سنجيدگي سان سوچڻ کپي ۽ هڪ ٿي عوام جي اندر سماجي ۽ سياسي تبديلي آڻڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو به اهو فرض آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن جي اندر هڪ جمهوري سوچ ، قومي ٻڌي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ڇوته سنڌين جي اهاتاريخ رهي آهي ته هنن پاڪستان جي سياسي جدوجهد ۾ پنهنجون انيڪ قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان ۾ سنڌ کي سياسي شعور جي درس گاهه طور سڃاتو ويندو آهي، سنڌ ين هن ملڪ ۾ جمهوري نظام کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌ جي تاريخ هڪ قومي ٻڌي واري رهي آهي،پرهن وقت سنڌين جي ان سياسي ٻڌي ۽ سنڌين جي قومي پيش قدمي کيجمهوري دشمنن مختلف ڌڙن ۾ ورهائي ڇڏيوآهي ، ماضيءَ ۾ هتان جي عوام هر آمر جي خلاف هڪ نظرئي جون تحريڪون جوڙيون ۽ جمهوري تحريڪن ۾ هڪ ٿي ڪري آمرن جو ڀرپور مقابلو ڪيو، ان جو نتيجو اهو ئي نڪتو جو اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا. 1983ع ۾ ضياءَآمر جي خلاف جيڪي به مزاحمتي تحريڪون هليون، اهي سنڌ کان ئي شروع ٿيون، سنڌ جو ماضي هڪ سياسي، ثقافت جي جدوجهد ڪرڻ وارو رهيو آهي ، سنڌ پنهنجي ماضي ۾ ڪيترا ئي قومي ليڊر ۽ ڪامريڊ پيدا ڪياپر بدقسمتي سان ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ جي سياست هڪ جاگيرداري ڪلچر جي ور چڙهيل آهي، جاگيرداري ڪو نظام نه آهي، هي هڪ ڪلچر آهي هن ڪلچر ۾ رهڻ جي لاءِ هرهڪ ماڻهو جي خواهش هوندي آهي، هن وقت سنڌ نيم جاگيرداري ۽ نيم سرمائيداري دور مان گذري رهي آهي ۽ اهو ڪلچر سنڌ جي اندر ڀرپور طريقي سان وڌي رهيو آهي، پر جن جي سوچ هڪ قومي مسئلن تي هوندي آهي، اهي ان ڪلچر کان پري رهندا آهن ۽ اهي عوامي مسئلن تي عوام کي سرگرم رکندا آهن ۽ جدوجهد ڪندا رهندا آهن، سنڌ جي اندر هن وقت سياسي جدوجهد ڪرڻ جو وڏو خال ٿو نظر اچي. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن وقت سنڌ ۾رڳو 2 سياسي پارٽيون متحرڪ آهن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هنن ٻنهن جو ئي هميشه سنڌ جي اقتدار تي قبضو رهيو آهي، جيڪي پنهنجي هڪ فارمولي ذريعي سنڌ جي اقتدار تي قابض آهن، جن جي حڪومت واري دور سنڌين کان سياسي شعور رکڻ ئي کسي ورتو آهي، هي ٻئي پارٽيون اهڙي فارمولي هيٺ پنهنجو اقتدار بچائينديون اچن ٿيون، جنهن جو ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي، هنن جي غلط فيصلن ۽ روين جي ڪري عوام مايوس ٿو نظر اچي انهن جي اهڙي ڪارڪردگي ڏسي سنڌ جو عوام جمهوري نظام کي غلط سمجهڻ لڳو آهي ۽ ان نظام کان بيزار ٿو نظر اچي- جيڪڏهن سنڌ ۾ انقلابي سياسي پارٽين سنڌين جي مسئلن تي پنهنجا حقيقي اپاءَ نه ورتا ته سنڌ جي اندر سياسي ۽ ترقي پسند سوچ بلڪل ختم ٿي ويندي، هن وقت سنڌ جي اندر سنڌين جي ڪا به اهڙي پارٽي نه آهي، جيڪا قومي مسئلن تي لوڪل ليول يا فيڊرل ليول تي ڳالهه ڪري، بس هاڻي سنڌ جي ترقي پسند، جمهوري پسند سوچ رکندڙن يا پارٽين جي رهنمائن جو ڪم اهو ئي رهيو آهي ته اهي رڳو ميڊيا جي سامهون اچي ڪري بيان ٿا ڏين يا وري پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي اسٽيٽس اپ ڊيٽ ڪري ان کي پنهنجو قومي فرض پورو ڪرڻ ٿا سمجهن،سنڌين جي قومي، سياسي ۽ ثقافتي شعور جي بدنصيبي اِها آهي ته هن قوم کي موجوده دور ۾ سنجيده ليڊر نه مليوآهي، جيڪو پنهنجي مفادن کان هٽي سنڌين جي حقن ۽ انهن جي بقا لاءِ سوچي پ پ پنهنجي هر حڪومتي دور ۾ ڪڏهن به سنڌي قوم جي حقيقي ترجماني نه ڪئي آهي. ان لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي نئين نسل تي ڌيان ڏيون، جيڪي هن دور جي ڪرپٽ ماڻهن جو مقابلو ڪن، اهو ئي رستو آهي جنهن ذريعي اسان پنهنجي سماجي مقصدن کي حاصل ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان سياسي شعور ماڻهن ۾ پيدا نه ڪيو ته پوءِ ائين سمجهو ته اسان هن معاشري جي سست ترين قوم آهيون، سنڌ لاءِ اهو چيو ٿو وڃي ته سنڌ هن وقت غربت، ڪرپشن ۽ بدحالي جي دور مان گذري رهي آهي ته پوءِ ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان ڪنهن سياسي گروهه يا ڪنهن فورم کان لاتعلقي ٿا رکون يا اسان هڪ ٻئي جي مخالفت ٿا ڪريون، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو اسان ڇڙوڇڙ ٿيندا ٿا وڃون، فرد هڪ ئي وقت ۾ انفرادي ۽ سماجي وجود آهي، پنهنجي انفرادي وجود جي ناطي پنهنجي وجود جي لاءِ ۽ انهن سڀني ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، منهنجي خيال ۾ هن سماج ۾ اصل جڙ معاشي ڇڪتاڻ آهي جيڪو اجتماعي سوچ کان هٽي انفرادي سطح تي قائم آهي. سنڌ اندر گهڻائي اهڙي قيادت جي آهي جيڪا انفراديت جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سياست هاڻي رڳو مفادن جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي يا اهي پنهنجي پارٽي کي پنهنجي ورثي ۾ مليل جاگير سمجهي هلائين ٿا، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته پارٽيءَ جا ڪارڪن مايوس ٿي پنهنجي ذاتي ڪمن ڪارن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن سنڌين سياست ڪرڻ ڇڏي ڏني ته پوءِ هنن جي مفادن جو بچاءُ ٻئي ڪا به قوم اچي ڪو نه ڪندي، سنڌ جي سياست جو ڪمزور هجڻ جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته هن قوم پنهنجي بنيادي حقن مسئلن کان پاڻ کي ڪٽي ڇڏيو آهي، سنڌي سماج جو وجود ان ۾ ئي آهي ته هو پنهنجي قومي سياست کي بچائين ۽ هن سماج جي جوڙ جڪ ان ۾ ئي آهي ته هي پنهنجي مسئلن کي اٿارين ۽ انهن کي هڪ ٿي ڪري حل ڪرڻ جي جدوجهد ڪن پر پنهنجي ڪو ششن کي منجهيل ۽ تڪراري نه رکن، ڪنهن هڪ ماڻهو جو تعين ڪري ان کي متضاد بڻائي پنهنجن مسئلن ۽ مفادن کي نه وسارين ، پنهنجي مسئلن کا باخبر رهڻ سان گڏو گڏ هڪ قومي نظرئي هجڻ جي به سخت ضرورت آهي ڇوته اسان کي گهرجي ته هڪ پروگريسو سوچ رکون، هڪ قومي ڌڙي سان ملي ڪري پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ جا جتن ڪيون. ان سان ئي اسانجي بقا آهي. مان هتي ڏاهي ارسطو جي چيل ڳالهه ضرور لکڻ چاهيندس ته،“غريب عوام جي گهڻائي کي جمهوريت ئي طاقتور بڻائي ڏاڍي جي آڏو زبان کولڻ جي سگهه ڏئي سگهي ٿي”. ڇاڪاڻ ته عوام وڏي طاقت آهي، اها طاقت تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسان هڪ سياسي شعور رکندا هجون ان شعور کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سماج ۾ جيڪي قومي طرقي پسند سوچ رکڻ وارا ماڻهو آهن اهي ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا. سنڌين ۾ روايتن ۽ روين جا مخصوص عنصر پيدا ٿيل آهن جن جي ڪري اسان ٻين قومن جي مقابلي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ۾ پوئتي آهيون.هن وقت جيڪا سياسي سوچ آهي سنڌين ۾ ان جي لاءِ هن نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ سياسي خال کي ڀرڻ جي لاءِ سنڌين کي متبادل سياسي سوچ رکڻ جي ضرورت آهي .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺيون ۽ وقتائتيون ڳالهيون لکيون اٿو .... هن وقت پاڻي سر تي اچي چڪو آهي، تڪڙن قدمن کڻن جي ضرورت آهي، ٻڌي ۽ اتحاد سان گڏجي نئين سوچ سان مقابلو ڪرڻو آهي ..... نه ته پوء دير ٿي ويندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سعيداحمد مڱريو

    سعيداحمد مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2015
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني ادا سليمان وساڻ .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو