• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مئل نه هجان ها ته گاڏي نڪتل ڏسين ها!


هڪ ڏينهن وتايو ماءُ کان ڪاوڙجي نڪتو. چيائين هن گهر ۾ وري نه ايندس وڃيو ٿيو ڪٿي مران. ائين چئي اچي مقام ۾ کڏڙي کوٽي سمهي رهيو ته جيستائين ساهه نڪري وڃي، تيستائين اتي سُتو پيو هوندس. مقام جي ڀر ۾ ڪا ٻني هئي، جنهن جو پاڻي ڀڄي وڃي واٽ ۾ پيو هو. اتان ڪو بيل گاڏي وارو مال سان ڀريل گاڏي ڪاهي اچي لنگهيو گپ هئڻ سبب گاڏي گچي پئي هوڪا ڪرڻ لڳو ته ٻيلي ڪو اوري پري همراهه هجي ته اچي مون کي مدد ڪرائي جو گاڏي گتي پئي اٿم. اهو هوڪو ٻڌي وتايي چيو ته يار، سڏ تنهنجو ٻُڌو اٿم، دل به پئي چئي ته تنهنجي مدد ڪريان. پر مُئو پيو آهيان. مئل نه هجان ها ته گاڏي هن کان اڳ ٻاهر نڪتل ڏسين ها




وتايو فقير
 
Back
Top