هڪ ڏينهن وتايو ماءُ کان ڪاوڙجي نڪتو. چيائين هن گهر ۾ وري نه ايندس وڃيو ٿيو ڪٿي مران. ائين چئي اچي مقام ۾ کڏڙي کوٽي سمهي رهيو ته جيستائين ساهه نڪري وڃي، تيستائين اتي سُتو پيو هوندس. مقام جي ڀر ۾ ڪا ٻني هئي، جنهن جو پاڻي ڀڄي وڃي واٽ ۾ پيو هو. اتان ڪو بيل گاڏي وارو مال سان ڀريل گاڏي ڪاهي اچي لنگهيو گپ هئڻ سبب گاڏي گچي پئي هوڪا ڪرڻ لڳو ته ٻيلي ڪو اوري پري همراهه هجي ته اچي مون کي مدد ڪرائي جو گاڏي گتي پئي اٿم. اهو هوڪو ٻڌي وتايي چيو ته يار، سڏ تنهنجو ٻُڌو اٿم، دل به پئي چئي ته تنهنجي مدد ڪريان. پر مُئو پيو آهيان. مئل نه هجان ها ته گاڏي هن کان اڳ ٻاهر نڪتل ڏسين ها وتايو فقير