• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آف دي رڪارڊ_ ڊاڪٽر فهميده حسين

منصور سرور

سينيئر رڪن
صحافت هڪ مقدس پيشو آهي، ملڪ جو چوٿون ۽ اهم ٿنڀو آهي. اسان ادا سراج، ف . م لاشاري، انور پيرزادي ۽ جي اين مغل جھڙا صحافي ڏٺا، انھن سان ڪم ڪندڙ رپورٽر وغيره بھ ذميداريءَ سان رپورٽنگ ڪندا هئا. سنڌي اخبارن کي سنڌ جي اشوز تي ڌرين سان جھڙيندي بھ ڏٺو ، سياستدانن ڪامورن ۽ ادارن جي ڪرتا ڌرتا ماڻھن کي سندن ڪوتاهين جو احساس بھ ڏياريو ويندو هو پر بنا سبب ۽ بنا حقيقتون ڄاڻڻ جي آڱر کڻڻ ۽ لوئڻ کان هميشه پاسو ڪيو ويندو هو . هلال پاڪستان ، عوامي آواز، جاڳو ۽ سچ جھڙيون اخبارون دانشورن توڙي عوام ۾ يڪسان مقبول هيون، ڪا سنسني نھ هئي، ڪو ڇرڪ ڪونھ هو پوءِ بھ انھن جي سرڪيوليشن چند سالن ۾ ڪٿان کان ڪٿان پھچي ويئي. پر اڄڪلھھ اخبارن ۾ الائجي ڪٿان ڪھڙا ڪھڙا گوسڙو ملازم اچي صحافت جي نالي ۾ غير ذميداريءَ سان فردن ۽ ادارن کي دٻاءَ ۾ رکڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن.

2008 ۾ مون سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمت شروع ڪئي ، ڪجھھ ئي ڏينھن ۾ صحافت جا نوان نوان رنگ ڏسڻ ۾ آيا. هڪ ڏينھن اداري جي هڪ ملازم سان گڏ هڪ صاحب آيو ، چي فلاڻي فلاڻي اخبار ۾ ڪم ڪندو آهيان پر اتي منھنجو قدر ڪونھي ، فلاڻي مضمون جو ماهر آهيان، درخواست کڻي آيو آهيان، اٿارٽيءَ ۾ عارضي پراجيڪٽ ”انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ جاءِ خالي آهي، اتي مون کي رکو . مون درخواست وٺي کيس چيو تھ بابا ڪجھھ ٻيون درخواستون بھ آيل آهن، ٿورن ڏينھن ۾ سڀني کي گھرائي ٽيسٽ ۽ انٽرويو وٺي ماڻھو رکنداسين. ٽيسٽ ٿيو ، انٽرويو بھ ٿيا ۽ اهو صاحب پاس ڪونھ ٿيو . ڪجھھ ڏينھن گذريا، هڪ ڏينھن اٿارٽيءَ جي آفيس کُلي تھ ڪمپيوٽر روم ۾ ڪجھھ ڪمپيوٽرن جي مائوس جون تارون وچڙيل ۽ ڪٽيل مليون، پٽيوالن ۽ ٻھاريدارن کان پڇيو ويو تھ ڪٿي صفائي ڪندي ، انھن کان تھ ڪونھ ڇڄي پيون آهن. آفيس ۾ ٿوري دير ان ڳالھھ جي ڪري پڇا ڳاڇا ٿي، پر خبر ڪانھ پئي. تارون جوڙي يا بدلائي ڪم شروع ٿي ويو . ڳالھھ آئي وئي ٿي وئي، ٻئي ڏينھن صبح جو اخبار ۾ خبر لڳل هئي تھ ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪالھھ ڪي شاهينگ ڪمپيوٽر روم ۾ موجود ڪمپيوٽرن جون تارون ڪٽي ويا، اٿارٽيءَ جو ڪم بند ۽ انتظاميا پريشان !“. ان ڏينھن چوڪيدارن اهو شاهينگ بھ پڪڙيو ، جيڪو سندن غلطيءَ سان آفيس بند ٿيڻ مھل اندر بند ٿي ويو هو ، ان ڪري قيد بند ۽ بک کان بي حال ٿي ، هن ڪمپيوٽر مائوس جي تارن کي پاڻ ۾ وچڙائي ڪُتري ڇڏيو هو … اهو شاهينگ هڪ ڪُئو هو ، جنھن کي چوڪيدارن ماري ڀڄائي ڇڏيو . اهي خبرون ان صحافيءَ هلايون هيون، جيڪو روز پنھنجي ان دوست وٽ ويٺو هوندو هو ، جيڪو کيس مون وٽ وٺي آيو هو ، هن ڀانيو تھ خبر هلڻ کانپوءِ اسان مجبور ٿي کيس نوڪري ڏينداسين. اهو پوءِ سمورا ڇھھ سال جيسين آءٌ اٿارٽيءَ ۾ هئس مختلف اخبارن ۾ نوڪريون بدلائيندو رهيو ۽ هر نئين اخبار ۾ اٿارٽي بابت منفي خبرون هلائيندو رهيو ۽ اڃا بھ هلائي رهيو آهي.

هڪ ڏينھن اٿارٽيءَ جا ٻھ ملازم ڪنھن ذاتي ڳالھھ سبب پاڻ ۾ اٽڪي پيا، سندن شعبي جي انچارج چين تھ بابا هتي گوڙ نھ ڪريو وڃي ٻاهر بحث ڪريو . اهي ٻاهر وڃي پاڻ ۾ تکا مٺا ٿيا، پوءِ ٻين ملازمن منجھن صلح ڪرائي ڇڏيو ۽ هو کير کنڊ بھ ٿي ويا. پر صبح جو اخبار ۾ ٽھ ڪالمي خبر هئي تھ ”سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ ۾ ملازمن جو جھيڙو ، انتظاميا لاتعلق، ملازم احتجاجاً ڪم ڇڏي آفيس کان ٻاهر نڪري ويا…“ وغيره. هڪ چئنل سان لاڳاپيل صاحب کي سندس ڪتاب جي مھورت لاءِ مفت ۾ اٿارٽيءَ جو هال نھ ملڻ تي هن چئنل تي اٿارٽيءَ جي انتظاميا خلاف اسٽوري هلائي. (کيس هال مفت ۾ ڏنو ويو هو پر قاعدي موجب جنريٽر ۾ ڊيزل وجھرائڻ لاءِ معمولي رقم ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو). جڏهن تنقيد لاءِ ڪجھھ نھ ملي تھ پوءِ بھ ڪا غير اهم خبر هلائڻ جو مقصد سمجھھ ۾ ڪونھ آيو .

جنهن ڏينهن مان سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جي چارج ڇڏي رهي هيس ان ڏينهن هڪ اخبار ۾ پوئين صفحي تي تصوير ان ڪيپشن سان شايع ڪئي وئي ته اٿارٽي اندر ٻڪريون چَري رهيون آهن، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ٻڪريون اٿارٽي جي آفيس ٻاهران روڊ تان گزري رهيون هيون ته انهن جو فوٽو ڪڍي ان کي خبر بڻائي صحافتي ڏيوالپڻي جو مظاهرو ڪيو ويو.

صحافت يقيناً هڪ محترم ۽ مقدس پيشو آهي پر ان ۾ ڪي اهڙا ماڻھو اچي ويا آهن ، جيڪي ان تي سواليھ نشان لڳائي ٿا ڇڏين. ضروري آهي تھ اسين سڀ قلم جا ڌڻي، اديب ۽ صحافي پنھنجي قلم جي حرمت جو پاس ڪريون تھ اها بھ وڏي خدمت چئبي، اسان کي پاڻ ئي پنھنجو احتساب ڪرڻو پوندو .
 
ادا صحافي ويچارا به ماڻهوآهن ۽ انهن جو به پيٽ گهري ٿو، نانگ ته ڪونهن جو مٽي کائي گذارو ڪن، رهي ڳالھ ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي ته اهو جنهن جو جهڙوظرف هوندو ته اهو ڪم به اهڙا ئي ڪندو باقي ڪنهن جي بليڪ ميلنگ سان ادارا بند ڪونه ٿيندا نه ڪو وري ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي ڏيندا.
 
اهي ته ڪجهه صحافي هيا جن کي جڏهن ڪنهن سرڪاري اداري مان حصو نه مليو ته ردِ عمل ڏنائون... پر مون کي ياد آهي ته ڪجهه اهڙا به ماڻهون آهن جيڪي صحافي کڻي نه آهن پر ڪالم نگار يا لفاظي جي حوالي سان خوب لکڻ ڄاڻن ... جيڪي پڻ اٿارٽي ڏانهن آڱريون کڻندا رهيا آهن... مون کي پڪ آهي جيڪڏهن اٿارٽي طرفان کين ڪو هڪ اڌ مالي پروجيڪٽ ملي ويو ته سندن تنقيد پاڻمرادو تعريف ۾ تبديل ٿي ويندي... آزمائش شرط آهي.. :)
 
Back
Top