آزاد نظم خادم گھراڻو هن سان منهنجا خواب هئا

khadim ghirano

سينيئر رڪن
آزاد نظم خادم گھراڻو

هن سان منهنجا خواب هئا

جيڪي مون ساڀيان ڪرڻ خاطر

جبل جھاڳيا جھنگ لتاڙيا

اهي سڀ اڌورا ئي رهيا

جنهن ڪاڻ ڪيم

سو ڏئي زخم

مون کان ڏور ٿيو

ڇو مجبور ٿيو

ڪيل قول نه پاڙيا

شايد مقدر ۾ هو حال ڏسي منهنجو

ڪري بيوفائي ويو

اڄ به ياد هن جي آ

ائين نه ڪندو

مجبور هوندو

جنهن ماڳ هي وڇڙيو

اتي گلاب گل آهي

جو جھومي رهيو آهي

هن جي ياد ڏياري

رهيو آهي
 
Back
Top