محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌ جي نوي ورهين جي ڄمار واري نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي مون اڳ به ڪيترا ڀيرا سندس ڪيل پراڻو وعدو ياد ڏياريو آهي ۽ هاڻ به هڪ ڀيرو وري ياد ڏياريان ٿو ته اٽڪل ڇهه ورهيه اڳ، آواري هوٽل، ڪراچيءَ ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي سني پنهور جي ٿيل هڪ فنڪشن ۾ ويٺلن جي زور ڀرڻ تي وعدو ڪيو هئائين ته هو ڪراچيءَ ۾ سنڌي يونيورسٽي ٺاهيندو ـ اتفاق سان مان پاڻ انهيءَ فنڪشن ۾ موجود هوس ـ
مون ڪيترا ڀيرا انگريزي اخبارن ۾ توڙي فيس بوڪ تي خط لکي، سنڌ جي نوي ورهين جي ڄمار واري نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي سندس وعدو ياد ڏياريو آهي پر ڇهه ورهيه گذرڻ جي باوجود، ڪراچيءَ ۾ سنڌي يونيورسٽي ڪونه ٺهي سگھي آهي ـ
لڳي ٿو ته نوجوان وڏو وزير جيڪو درحقيقت آصف علي زرداريءَ جو سنڌين کي ڏنل عاليشان تحفو آهي، سو پنهنجو وعدو وساري ويٺو آهي ـ