• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين قائم علي شاهه کي 6 ورهيه اڳ سندس ڪيل وعدو هڪ ڀيرو وري ياد ڏياريان ٿو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ جي نوي ورهين جي ڄمار واري نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي مون اڳ به ڪيترا ڀيرا سندس ڪيل پراڻو وعدو ياد ڏياريو آهي ۽ هاڻ به هڪ ڀيرو وري ياد ڏياريان ٿو ته اٽڪل ڇهه ورهيه اڳ، آواري هوٽل، ڪراچيءَ ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي سني پنهور جي ٿيل هڪ فنڪشن ۾ ويٺلن جي زور ڀرڻ تي وعدو ڪيو هئائين ته هو ڪراچيءَ ۾ سنڌي يونيورسٽي ٺاهيندو ـ اتفاق سان مان پاڻ انهيءَ فنڪشن ۾ موجود هوس ـ
مون ڪيترا ڀيرا انگريزي اخبارن ۾ توڙي فيس بوڪ تي خط لکي، سنڌ جي نوي ورهين جي ڄمار واري نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي سندس وعدو ياد ڏياريو آهي پر ڇهه ورهيه گذرڻ جي باوجود، ڪراچيءَ ۾ سنڌي يونيورسٽي ڪونه ٺهي سگھي آهي ـ
لڳي ٿو ته نوجوان وڏو وزير جيڪو درحقيقت آصف علي زرداريءَ جو سنڌين کي ڏنل عاليشان تحفو آهي، سو پنهنجو وعدو وساري ويٺو آهي ـ
 
مون سمجهو ته هي سائين 85 سالن جو آهي . شايد 2013 واري اليڪشن ۾ هن جي عمر83 کان 84 جي وچ ۾ بيان ڪئي پئي وڃي .
سائين جيڪڏهن هي سنڌ جا سڄڻ هجن ته سنڌ ۽ سنڌين لاِ ڪن پر هي آهن ئي ڪرسي خاطر انهن جو ڇا وڃي ڪنهن قوم جي ترقي تا پستي سان
جيڪي واعدا ڪري فري ويندا هجن جيئن اسان واري سابق صدر صاحب واعده بابت چيو هو ته هي ڪي قرآن جون آيتون ناهن جو فري نٿو سگهجي !!!
اگر ڏٺو وڃي ته قرآن مجيد وعده کي پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر شآيد انهن سياستدانن جي لا پارٽي جو آئين قرآن مجيد کان وڌيڪ آهي !!!
 
سائين....سيد قائم علي شاهه جي ڄمار گذريل ستن ورهين کان 86 ورهين کان نه ٿي چڙھي....سنڌ سرڪار ائين ئي عوام کي اکين ۾ سرمو ٿي پارائي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top