• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان جوان آهيان: سيد قائم علي شاهه جي بيان تي تبصرو ڪريو ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
فيس بوڪ فرينڊز کي گذارش آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي تازي ڏنل بيان تي تبصرو ڪن جنهن ۾ چيو اٿس:
مان اڃا جوان آهيان، 10 ماڻهن جو ڪم اڪيلو ڪندو آهيان ـ منهنجو ڪوبه وزير ڪرپٽ ناهي ـ سياست ۾ ريٽائرمنٽ جي ڪا به عمر ڪانه ٿيندي آهي ـ حوالو: ڪاوش 25 مارچ 2015
 
سائين ڪرسي جو مزو ڏسو ورتو آهي ان ڪري 85 سالن جو پنهنجي پاڻ کي جوان ٿو سڏي وڌيڪ ڇا چئجي اهڙي شخص کي جنهن کي ڏسي ڪري به هاڻي ڊڄڻ ٿو اچي !!
 
جوان آهيان، 10 ماڻهن جو ڪم اڪيلو ڪندو آهيان ـ
سائينءَ جو قول منهنجي نظر ۾ سئو سيڪڙو سچ آهي..
واقعي به سائين جوان آهي ۽ ڏهن ماڻهن جو ڪم اڪيلو ڪندو آهي.
اهو هيئن ته روزانو اڌ ڪلاڪ جيڪڏهن عَلڻ موالي جهڙو سگهو موالي به ڀنگ پئي ته نشي ۾ سڄو ڏينهن رهندو پر سائين ڪائِي_نَلِي ڇاھ باتشاھ ته حد کان وڌيڪ ڏهن ماڻهن جيتري ڀنگ روزانو پيئندو هوندو.. :eek:
سائين : منهنجو ڪوبه وزير ڪرپٽ ناهي..
آئون: بلڪل سائين سچو آهين ، هر وزير روزانو ايمانداريءَ سان پوري پوري ڀنگ (يا شراب) پيئندو آهي.

سائين: سياست ۾ رٽائرمينٽ جي ڪابه عمر ناهي.
سائينءَ اصل ۾ ڀنگ (مواليت) ۾ رٽائرمينٽ جي ڪابه عمر ناهي هوندي چوڻ وارو هو پر ڀنگ جي نشي ۾ سياست لفظ وات مان نڪري ويس.. :p:p:p
:D:D:D:D:D:D:D:D
 
Back
Top